ايس ايم صارم
سينيئر رڪن
السلام عليڪم
عزيز دوستو!
سڀ کان پهرين ته سمورن دوستن خاص طور تي سنڌ سلامت ڊاٽڪام جي منتظمين ساٿين کي سنڌ سلامت ڊاٽڪام جي سالگره جون کوڙ کوڙ واڌايون قبول هجن. ان اميد ۽ دعا سان ته سنڌ سلامت ڊاٽڪام هميشه سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي انٽرنيٽ تي پرچار واسطي ڏينهون ڏينهن بهتر کان بهتر سرگرمين کي هٿي وٺرائيندي رهندي.
مان ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي سالگره جي انتظار ۾ هوس پر حسبِ معمول دير ٿي ويئي آهي.
خير اصل ڳالھ ڏانهن اچجي ٿو
اسان مان ڪافي دوست انٽرنيٽ پنهنجي موبائل فونن جي ذريعي ئي استعمال ڪندا آهن ۽ يقينا ائين ئي سنڌ سلامت ڊاٽڪام پڻ گهڻا دوست موبائيل تي کوليندا هوندا.
پوء انهن سمورن ساٿين لاء جيڪي بار بار بروز۾ ايڊريس لکي کولڻ کان تنگ آهن پيش آهي
سنڌ سلامت ڊاٽڪام ويب ويو اينڊرائيڊ اپليڪيشن (ڊائونلوڊيو)
سنڌ سلامت ويب ويو اپليڪشن متعلق ڪجه وضاحتون
1. سنڌ سلامت ڊاٽڪام فل پيج ۾ کلندي
2. هر هڪ پيج ساڳي ئي ويب ويو ۾ کلندو
3. ايڪسٽرنل لنڪ جي لاء اوهان کي ٻاهرين برائوزرس ۾ کولڻ جي پڻ سهولت ڏيندو
4. موبائل جي بيڪ بٽڻ سان وري پوئين صفحي تي پهچي سگهجي ٿو
5. ايڊورٽائيزمينٽ وغيره ڪجه به ناهي
6. بار بار برائوزر ۾ لکي کولڻ کان ٽائيم بچندو.
نوٽ:
عزيز دوستو اپليڪيشن جيئن ته في الحال مون وٽ هڪ ئي موبائيل ۾ انسٽال ٿيل آهي ۽ گوگلي پلي اسٽور تي پڻ ناهي رکيل ان ڪري انسٽاليشن دوران اوهان جو اينٽي وائرس "APK:CloudRep [Susp]"
جو نياپو ڏئي سگهي ٿو
پر ان ڳالھ جي ڪري پريشان ناهي ٿيڻو ۽ اگنور ڪرڻو آهي.
اصل ۾ "APK:CloudRep [Susp]" جو نياپو انسٽاليشن دوران ان ڪري ايندو آهي جو اپليڪيشن نئين ۽ مختر تعداد ۾ انسٽال ٿيل هوندي آهي تنهنڪري ان جي ساک جي حوالي سان اينٽي وائرس شڪ ظاهر ڪندي اوهان کي خبردار ڪندو آهي پر خاطري رکو ته اپليڪيشن جي ڪوڊنگ ۾ ڪنهن به قسم جو وائرس وغيره ڪونهي ان ڪري بي فڪر ٿي ڪري انسٽال ڪريو.
اسنٽال ڪري پنهنجي راء ضرور لکجو.
اوهان جو پنهنجو
صارِم
ساٿ سلامت سنڌ سلامت