سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان جڏهن پنهنجي تيار ڪيل سمورين ڊڪشنريز کي سهيڙي هڪ شاندار پورٽل تيار ڪيو ويو جتي ڪنهن به لفظ جي ڳولا جا نتيجا اهڙا ته شاندار مليا جو هڪ ئي وقت سنڌي لفظن جي متبادل معنيٰ، سنڌي کان انگريزي، ديواناگري يا وري نه رڳو سنڌي لغت تحت مفصل تفصيل پر ڳوليل لفظن تحت سنڌي جي پهاڪن، چوڻين ۽ مهارتي اصطلاحن جا تفصيل به مليو وڃن...
تڏهن خيال ٿيو ته ڇو نه ان اصطلاحي خزاني جنهن ۾ بقول سنڌي لينگويج اٿارٽي لڳ ڀڳ ٽن لک لفظن کان وڌيڪ ڄاڻ موجود آهي کي سوشل نيٽ ورڪ سميت سمورين ويب سائيٽس سان اهڙو ته مطابقت رکندڙ بڻائجي جو استعمال ڪندڙ آساني سان ويب سائيٽس تي موجود لفظن جا مطلب چاهي ته انگريزي ۾ يا وري چاهي ته مفصل سنڌي ۾ حاصل ڪري سگهي..
خيال کي عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ سلامت جي هونهار رڪن عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم سان گڏجي SLA Dictionary نالي اهڙو برائوزرس ايڪسٽينشن تيار ڪيو ويو آهي جيڪو انٽرنيٽ تي ڪم ڪندڙن کي بس هڪ ٻن ڪلڪ سان سندن مطلوبا لفظن جا مفصل تفصيل مهيا ڪري سگهي ٿو.. اهڙي طرح سوشل نيٽ ورڪ تي گهڻو وقت گذاريندڙن کي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هن املهه خزاني مان سولائي سان معلومات ملي سگهندي..
في الحال ان قسم جو ايڪسٽينشن ٻن مشهور برائوزرس گوگل ڪروم ۽ فائر فاڪس لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.. هن جي خوبين ۾ شامل آهن:
جيئن ته ڊڪشنريز کي گڏ ڪري ان جو هڪ جامع پورٽل ٺاهڻ جهڙو بي انتها محنتي ڪم سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان ٿيل هيو .. ان ڪري سنڌ سلامت طرفان هن ڪارآمد ايڪسٽينشن کي سڀني حقن ۽ واسطن سميت سنڌي لينگويج اٿارٽي حوالي ڪيو ويو .. جن طرفان اڄ ٻنهي برائوزرس لاءِ ايڪسٽينشن کي رليز ڪيو ويو آهي..
گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ هيٺين لنڪ تان ايڪسٽينشن انسٽال ڪري سگهن ٿا
https://chrome.google.com/webstore/detail/sla-dictionary/phpjjbogglpbjgnlldjdlinieejiamel
جڏهن فائرفاڪس استعمال ڪندڙ هيٺين لنڪ تان ايڊان انسٽال ڪري سگهن ٿا..
https://addons.mozilla.org/en-US/firefox/addon/sla-dictionary/

- هڪ ڪلڪ انسٽاليشن
- آئڪان جو برائوزرس ۾ نمايان ظاهر هجڻ
- چونڊيل لفظ جي هڪ ڪلڪ عارضي پاپ اپ تحت مختصر معلومات
- چونڊيل لفظ جي هڪ ڪلڪ پاپ ونڊوز تحت مفصل معلومات
- هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي ۽ ديواناگري لفظن جي ڳولا سان مطابقت
ايڪسٽينشن کي سولائي سان سمجهڻ لاءِ تيار ڪيل وڊيو پڻ پيش ڪجي ٿي..