محترم شاهنواز جتوئيءَ پڇڻا نه مُنجهڻا سيڪشن ۾ هِن مسئلي جو حل پڇيو؛ مون وٽ اٺ جي بي جي otg يو ايس بي آهي جنهن ڪجه ٽائم ته ٺيڪ ڪم ڪيو پر هاڻي الائي ڇو اها يو ايس بي 1.10 جي بي جي ٿي وئي آهي، ڪنهن دوست وٽ هن جو حل هجي ته مهرباني ڪري بڌايو. منتظمِ اعليٰ پاران حل ڪيل
توهان ڊسڪ مينيجمينٽ سسٽم استعمال ڪندي پنهنجي فليش ڊرائيو کي چيڪ ڪيو آهي.. ته اها ڪيتري سائيز جي ٿي ڏسجي...؟ ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي فيلش ڊرائيو کي بوٽ ايبل ونڊوز ڊرائيو ته نه بڻايو آهي...؟ ممڪن آ توهان ڪنهن سافٽويئر ذريعي يوايس بي جا پارٽيشن ڪيا هجن ۽ پوءِ هڪ ان الوڪٽيڊ ئي رهجي ويو هجي... هڪ وڌيڪ بهتر حل هي آهي ته GParted سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ ان ذريعي يو ايس بي جو درست پارٽيشن ٺاهي فارميٽ ڪري ڏسو.. اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو..
ته پوءِ پيارا توهان جو مسئلو ته حل ٿي چڪو ... توهان چاهيو ته ڊسڪ پارٽ ڪمانڊ استعمال ڪندي پڻ هلندڙ پارٽيشن کي ڊيليٽ ڪري ان الوڪٽيڊ سان ملايو ۽ پوءِ سموري پورشن ئي هڪ ئي پارٽيشن بڻايو ۽ فارميٽ ڪري وٺو...