اڌ مٿي جو سور (Migraine) دماغ کي شديد تڪليف ڏياريندڙ بيماري آهي. هن بيماري ۾ مريض کي مختلف وقفن سان اڌ مٿي ۾ شديد قسم جا سور جا جهٽڪا پوندا آهن. اڪثر مريضن ۾ مائيگرين جو سور دل جي ڌمڪ جيان دماغ جي هڪ حصي ۾ محسوس ٿيندو آهي. سور پوڻ دوران مريض کي الٽي، دل ڪچي ٿيڻ سان گڏوگڏ تيز روشني ۽ تيز آواز به برداشت نه ٿيندو آهي. اڌ مٿي جي سور جا جهٽڪا 4 ڪلاڪن کان 4 ڏينهن تائين به لاڳيتو پئجي سگهن ٿا. اڌ مٿي جو سور ڇو پوندو آهي..؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ميڊيڪل سائنس لا اڄ به هڪ وڏو راز بڻيل آهي، پر اها به حقيقت آهي ته تمام گهڻي ريسرچ کان پو طبي ماهرن اڌ مٿي جي سور جا ڪيترائي ڪارڻ ڳولهي لڌا آهن. اهي ڪارڻ مريضن کي ڄاڻڻ تمام ضروري آهن ته جيئن اهي دماغ جي هن شديد تڪليف کان بچي سگهن. مختلف مريضن ۾ اڌ مٿي جا ڪارڻ مختلف هوندا آهن. ڪن مريضن ۾ ڪجهه ڪارڻ اڌ مٿي ۾ سور ڪرائيندا آهن ته ڪن مريضن ۾ وري ٻيا ڪارڻ اهو سور ڪرائيندا آهن. ضروري نه آهي ته هر مٿي جو سور مائيگرين ئي هجي.... مٿي ۾ سور پوڻ جا چار اهم سبب يا بيماريون ٿي سگهن ٿيون. هر هڪ بيماري ۾ مٿي جو سور مختلف حصن ۾ ۽ مختلف تڪليفون ڪرائيندو آهي. مٿي ۾ پوندڙ مختلف سورن کي سمجهڻ لا هنن تصويرن ۾ ڏيکاريل دماغ ۽ چهري جي مخصوص حصن تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي. مائيگرين جو سور اڪثر ڪري ٽينشن هيڊيڪ (Tension Headache) سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دماغ جي سامهون پيشاني واري حصي کي متاثر ڪندو آهي ان کان علاوه ٽينشن هيڊيڪ ۾ ننڊ ۽ روزمره جو ڪم ڪار وغيره به تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي. اڌ مٿي جو سور ڪن مريضن کي سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا ته ڪن مريضن کي وري هڪ هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا به پئجي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مائيگرين جو اصل ڪارڻ اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر طبي ماهرن جي اڪثريت موجب دماغ کي رت پهچائيندڙ رڳون جڏهن سُڪڙجي وڃن ۽ دماغ کي گهربل مقدار ۾ آڪسيجن ۽ گلوڪوز نه پهچائي سگهن ته نتيجي ۾ دماغ جون تنتون متاثر ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ سور محسوس ڪرائيندڙ تنتون دماغ جي ان حصي ۾ شديد سور جو ڪارڻ بڻجنديون آهن. جديد تحقيق موجب مائيگرين جي سور پوڻ دوران دماغ جي تنتن ۽ رت جي رڳن مان ڪجهه اهڙا ڪيميڪل خارج ٿيندا آهن جيڪي دماغ جي تنتن ۾ هڪ قسم جو ڪرنٽ پيدا ڪرڻ لڳندا آهن. خاص طور تي ٽرا جيمينل نرو (Trigeminal Nerve) نالي جي هڪ تنت جيڪا اسان جي مٿي ۽ چهري جي سڄي خبرچار دماغ کي محسس ڪرائيندي آهي، اها شديد سور محسوس ڪرائيندي آهي. ان کان علاوه دماغ جي جهلين ۽ آس پاس موجود مختلف ٻيون تنتون به متاثر ٿينديون آهن. جنهن جي ڪري مائيگرين جي سور دوران مختلف قسم جون علامتون پڻ ظاهر ٿينديون آهن. اڌ مٿي جو سور ۽ دماغ ۾ ٿيندڙ خرابيون هڪ ڪيميڪل سيروٽونن (Serotonin) جي مقدار دماغ ۾ تمام گهٽ ٿي وڃڻ سان رت جون رڳون سُڪڙجي وينديون آهن. هي ڪيميڪل اسان جي موڊ، ننڊ ۽ بُک محسوس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. اسان جي خوراڪ ۾ ميگنيشيم (Magnesium) جي غيرموجودگي به اڌ مٿي ۾ سور ڪرائي سگهي ٿي. ميگنيشيم اسان جي خوراڪ جو هڪ اهڙو اهم جزو آهي جيڪو دماغ جي تنتن جي درست ڪم ڪرڻ لا نهايت ضروري هوندو آهي. نيوروپيپٽائيڊ (Neuropeptide) نالي هڪ قسم جو ڪيميڪل دماغ جي سور محسوس ڪرائيندڙ تنتن کي حرڪت ۾ آڻيندو آهي، نتيجي ۾ شديد سور پوڻ لڳندو آهي. ڪيلشيم (Calcium) جي دماغ تائين گهربل مقدار نه پهچڻ سان دماغ جون تنتون درست انداز ۾ ڪم نه ڪنديون آهن ۽ تنتن مان ڪرنٽ گذرڻ جو عمل متاثر ٿيندو آهي. نائيٽرڪ اڪسائيڊ (Nitric Oxide) نالي هڪ ڪيميڪل جو مقدار دماغ ۾ وڌي ويندو آهي جنهن سان رت جون سُڪڙيل رڳون ويڪريون ٿيڻ لڳنديون آهن ته جيئن دماغ کي ضرورت جون شيون پهچي سگهن. عورتن ۾ هڪ هارمون ايسٽروجن (Estrogen) جو مقدار ۽ ان جو عمل وڌي وڃڻ به اڌ مٿي جي سور جو اهم ڪارڻ آهي.