• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لام سان لوسي.

Shabir Ahmed Qureshi

سينيئر رڪن
ڪنهن دوست دلچسپ ڳاله لکي ته لوسي اهو انوکو لفظ آھي جو صرف سنڌي زبان ۾ ملي ٿو. سنڌ ۽ سنڌي هونئن به گهڻن اعززن سان نوازيل آهن .جن تي فخر ڪندي ۽ ذڪر ڪندي جذباتي ٿي وڃون ٿا. اسان عظيم آھيون اسين قديم آھيون اسين سنڌ سڀيتا جا شاهڪار آهيون. اسين موهن جي دڙي جا ڍڱا آھيون رهنداسين مزيدترقي ڪرڻي نه آهي ڇو ته اڳئي ترقي يافته آھيون ۽ پوء جذباتي ٿي ڪم ڪرڻ جي موڊ نه هئڻ جو بهانو بنائي ٻه ڏينهن موڪل ڪندا آھيون. پويان ڪنهن آفيسر ياجج ڇاپو هنيو ته وڏي آواز ڳائيندا آھيون “اي خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا“.
قربان وڃان لوسي ناياب اکر مليو ته مان به تحقيق جستجو ۾ لڳي ويس واقعي سنڌيء کان سوا ڪنهن به زبان ۾ اهو منفرد لفظ مهيا ڪونهي. معني پڙهي مٿو ڦري ويو .. ..... لوسي : گهر گهر لوهون ڏيندڙ …… لوسي: نوس نوس ڪندڙ.نوسون هڻندڙ …… لوسي: فته انگيز فسادي ……… لوسي: ڪم همت ، سست نڀاڳو ، خوشامدي...... .لوسي: چنڊو، چغلخور ،بي اثر،نود، بيڪار.
غور ڪندي اچانڪ مون تي چوڏهن طبق روشن ٿيا ته ڇو هي ناياب اکر اسان وٽ موجود آھي .واقعي ايترين خوبين جا حامل فردَ صرف سنڌ ۾ ئي ته ملن ٿا.
ڪورٽ ڪچهري ۾ حاڪم حڪيم ، وڏيرن ڀوتارن، ليڊرن لوفرن ،ڪامريڊن ،ڀائي لوگن ۽ جنوني مُلن وٽ .ڀاڄوڪڙ.قبضه خور، ڦورو.
اها اضافي نفري ڪٿي ايجنٽ جي نالي ۾ ، ڪٿي واٺن جي نالي تي، ڪٿي محافظن ۽ ڪٿي جانثارن جي نالي تي کَاٽُو پُٽن جي روپ ۾ اوهان کي ملندي ، جن هٿان نه ڪنهن جي عزت محفوظ آهي نه مال،نه چادر نه چوديواري …………… اڳي سمجهبو هو ته رڳو ڪتا ئي لوسي ٿيندا آهن پر سائين ڪم گهڻو آھي. هاڻي ڪجه ڪم اوهان به ڪيو لوسين جون ٻيون جنسون ملن ته آگاه ڪندا ..
 
ٻي ته خبر ناهي پر هالي ووڊ جي سائنس فڪشن تي شاندار فلم لوُسي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو .. جنهن ۾ مکيه ڪردار مائي جو نالو لُوسي هو.. هوئن انگريزي جي هن لفظ Lucy جي معنى ”روشني“ آهي.. :)

images
 
ٻي ته خبر ناهي پر هالي ووڊ جي سائنس فڪشن تي شاندار فلم لوُسي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو .. جنهن ۾ مکيه ڪردار مائي جو نالو لُوسي هو.. هوئن انگريزي جي هن لفظ Lucy جي معنى ”روشني“ آهي.. :)

images

۽ فلم جي آخر ۾ شايد اهو به لکيل آهي ته ڪائنات جي پهرين عورت جو نالو لوسي هو..
 
Back
Top