• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روزاني سنڌ ايڪسپريس، خميس 21 اپريل2016 ۾ منهنجو ڪالم: سنڌين کي “مايوسيءَ جي اوڙاهه” ۾ نه اڇلايو!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
نئين ۽ پراڻي امر جليل ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي ـ جيڪڏهن وليم شيڪسپيئر تي تنقيد ٿي سگھي ٿي ته امر جليل تي ڇو ڪونه؟ شيخ اياز ۽ امر جليل ۾ فرق آهي ـ هڪ مزاحمتي شاعري ڪئي ۽ ڇوٽڪاري جو دڳ ڏيکاريو ته ٻئي وري مايوسي پکيڙي ـ امر جليل جي دعوى ته ٻاهر وڃجي ته انگريزي ٻولي ڪٿي به نظر ڪانه ايندي ۽ اردو هر هنڌ نظر ايندي، سا غلط آهي ـ سندس دعوى ته اديب ۽ دانشورن کي مظاهرو نه ڪرڻ گھرجي، سا سنڌ ماءُ جي حوالي سان غلط آهي ـ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي بندش واري دور جي باوجود امر جليل حيرت انگيز طور ان کي تعصب کان پاڪ سڏي ٿو وغيره ـ
اسلام جي باري ۾ امر جليل جي گمراهه ڪندڙ پرچار جيڪا ايدٽ ڪري اخبار شايع نه ڪئي....!!
“ڪيتري وقت کان امرجليل جي سوچ ۾ گھڻي تبديلي آئي آهي جو اسلام کي گهٽ ـ وڌ ڳالهائي ۽ منفي سوچ رکي، هو غير ضروري طورسنڌين ۾ وڇوٽيون وڌائي رهيو آهي. جيڪڏهن امر جليل مذهب جي خلاف هجي ها ته هو هندو مذهب جي به ساڳي ريت خلاف ڳالهائي ها جھڙي ريت هو اسلام جي خلاف ڳالهائي ٿو (جيتوڻيڪ مان ذاتي طور هر مذهب جو احترام ڪرڻ جو زوردار حامي آهيان) پر هتي رڳو اسلام کي نشانو بڻايو وڃي ٿو.
مثال: سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن بتن جي پوڄا غلط آهي ته شيطان کي پٿريون هڻڻ به غلط آهي. انهيءَ ۾ تر جيترو به شڪ ڪونهي ته سندس حملو سڌيءَ ريت اسلام تي آهي سو اسلام موجب، سندس تنقيد جو جواب ڏيڻو پوندو. اسلام ۾ سڀ کان وڏو ۽ معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه، شِرڪ ڪرڻ آهي، بتن جي پوڄا سڌي ريت شِرڪ ۾ اچي ٿي جڏهن ته شيطان جي يادگاري ٿنڀن کي پٿريون هڻڻ هڪ واقعي جي ياد آهي، پوڄا ڪرڻ يا چاهت ڪرڻ هرگز ڪونهي. ڇا پٿريون هڻي ناپسند ڪرڻ وارو عمل، الله تعالى سان شِرڪ ڪرڻ جي برابر آهي؟ ويچاري امر جليل کي اها عام ڳالهه به معلوم ناهي پر پوءِ به هو نوجوان سنڌين کي لاڳيتو گمراهه ڪري رهيو آهي. هونئن به فرض ڪجي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو امر جليل کي ٻه چار پٿريون وهائي ڪڍي ته ڇا ڪير چوندو ته اهڙو ڪم ڪندڙ، امر جليل سان پيار ڪري ٿو يا ان کي پنهنجو شريڪ سمجھي ٿو، تنهن ڪري کيس پٿريون وهائي ڪڍيون اٿس؟” (ايڊٽ ٿيل)
130385117.GIF
 
س

سچ ٿا چئو
 
Back
Top