مــــــان شـــــايد اٺــــــــــين نــــائيـــــــن ڪــلاس ۾ پڙهـــندو هئـــــس (1991.92 ع جي ڳالهه آهي ) ۽ مان رسالن اخـــــــبارن ۾ پنـــــهنجو نالو قلمـــــــــي دوســــــتي لاء پڻ ڏيندو هئس،۽ انهن ۾ ڪافي دوستن جا خط مون وٽ ايندا هئا، ۽ روزانه اٺ کان ڏهه خــــط منهنجا ايندا رهندا هئا،۽ انهن خط ۾ هڪ خط مون وٽ پهتو، ۽ ان خط ۾ ڪجهه هن ريت لکيل هو، اسلام عليڪم، مان توهان ڏانهن خط لکي رهي آهيان، مگر منهنجو هي راض ڪنهن کي نه ٻڌائيندا ۽ مان هڪ ڇوڪري آهيان، مان توهان کي پنهنجي شارٽ نالي سان خط لکندي رهنديس۽ مان توهان سان دوستي ڪرڻ ٿي چاهيان، ۽ منهنجي هي ائڊريس آهي، FAK مـــــــــعرفت محـــــمد صــــالح ڪــــــــيريو، ڀريا روڊ سڪرنڊ ضلعه نوشهروفيروز. نوٽ مان سمجهان ٿو ته ائڊريس ۾ مان ڪا غلطي ڪري رهيو آهيان جنهن لاء معذرت) ۽ پوء پهرين ته مون سوچيو ته خط جو جواب ئي نه ٿو ڏيان مگر پوء دل ڪري خط جوجواب ڏنم، اسان جي دوستي هلندي رهي،۽ ڪيترا خط به هڪٻئي کي لکياسين،۽ اهي خط مون ڪافي سال سانڍي به رکيا. مگر پوء پنهنجي والدين جي خوف کان اهي خط مون پاڻي جي بالٽي ڀري ان ۾ ڳاري پوء ڪنهن جاء تي اڇلائي ڇڏيا هئا، جنهن جو هڪ مون کي تمام گهڻو افسوس آهي،اهو ننڍپڻ هو ۽ ننڍي سوچ هئس،۽ محدود سوچ هئي،ياد رهي ته اهيو پهريون موقعو هو جو مان ڪنهن ڇوڪري ڏانهن خط لکي رهيو هئس، ۽ تمام احتياط ۽ خيال سان خط لکندو هئس، مـــــــگر حقـــــــــــيقت ته هي هئــــــــــي ته هي به ڇـــــــوڪري نه هئي، هي دوست هميشه پاڻ کي ڇوڪري ڪري خط لکندو هو ۽ خط ۾ زبان به ڇوڪري واري استعمال ڪندو هو، ڪڏهن ملاقات لاء چوندو هو ته ڪڏهن ڪهڙيون ڳالهيوون ڪندو هو۽ جڏهن به هن جو خط ايندو هو ته مان يڪدم کڻي خط کي لڪائي ڇڏيندو هئس، ته متان ڪير کڻي پڙهي وٺي، جڏهن ته الحمدالله اسان جي گهر ۾ اهيا عادت ڪنهن ۾ به نه هئي ته ڪو ٻئي جو بغير اجازت خط کڻي پڙهي، ۽ پاڻ کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪيائين،۽ مون کان هن منهنجي تصوير به گهرائي مگر پنهنجي تصوير نه ڏنائين، ۽ اهيو سلسلو هلندي هلندي دنيا جي ٻين سلسلن وانگر هي سلسلو به بند ٿئي ويو بند سلسلي کي به تقريبن پنج چهه ست سال گذري ويا۽ ان وچ ۾ مون ڪئين لاها چاڙها پڻ ڏٺا،۽ مان جڏهن دادو شهر مان ناميد ٿئي ڪري اچي اميدن کي ڪراچي ۾ ڳولڻ شروع ڪيو هئم، ته انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته مان اچي ڪشور هائيٽس ۾ بشير احمد لغاري صاحب ( بشير احمد لعاري صاحب هڪ بهترين شخصيت آهي جنهن تي پڻ ڪڏهن تفصيل سان لکندس انشاڀالله ) وٽ رهيس، ۽ ڪجهه مهينا مس گذريا ته هڪ ڏينهن منجهند جو بشير خان لغاري اچي مون کي چيو ته ممتاز ٻاهر هيٺ تنهنجا ڪجهه مهمان آيا آهن ۽ تنهنجي پڇا ڪندا پيا اچن، ۽ مان جڏهن انهن سان ملڻ لاء پراڻن ڪپڙن ۾ ٻاهر نڪتس ته ڏسان ته ٻه ڄڻا هينڊ سم ۽ سٺي پوشاڪ ۾ سٺي گاڏي ۾ مون وٽ آيا آهن جن کي مان سڃاني نه پيو سگهان،۽ اچي مون سان مليا ۽ تمام سهڻي نموني مليا جڏهن ته مان انهن ڏينهن ۾ هڪ غريب مسڪين،۽ ڏتڙيل ماڻهون پيو لڳان، ۽ هئس به ڇو جو دادو ۾ ٻيڙيون مان ساڙي هت ڪراچي پهتو هئس،....( جيڪو هڪ ڊگهو داستان آهي جيڪو منهنجي آتم ڪهاڻي ۾ موجود آهي ) ۽ پوء مان هنن سان سهڻي نموني مليس ۽ مون هنن کان پڇيو ته سائين توهان ڪير ته انهن ۾ هڪ ڄڻي ( فرزند علي ڪيريو صاحب ) ڳالهايو ۽ ان چيو ته ڀاء هلي ڪاٿي ويهون پوء حال احوال ٿا ڪريون، مان اهيو ٻڌي ڪجهه گهٻرايو به ته خبر نه آهي ته هي ڪير آهن ۽ اهي به مون کي سڃاڻن ٿا ۽ مان انهن کي نه ٿو سڃاڻان، مگر پوء به مان موسميات ڀرسان غازياني هائيٽس فليٽن جي اڳيان پٺاڻن جي هوٽل تي اچي هنن کي ويهاريو ۽ چانهن بسڪيٽ هنن کي نوش ڪرايم، ان وقت جيڪو غريباڻو حال هو،هنن جي ڪا خاص خدمت ڪري نه سگهيو هئس، جنهن جو مون کي اڄ به افسوس آهي، ۽ پوء حال احوال ٿيا، ۽ ان ساڳي همراهه مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته ممتاز صاحب توهان کي ياد آهي ته توهان ڪجهه سال پهرين هڪ ڇوڪري فرزانه جيڪا FAK جي نالي سان توهان کي خط لکندي هئي ۽ توهان ان کي خط خط لکندا هو جنهن توهان سان قلمي دوستي ڪئي هئي، مون جڏهن اهيو ٻڌو ته اڃان به گهبرائجي ويس، ۽ سچڻ لڳس ته ڇا چوان ۽ جڏهن گهٻرائجي ويس ته هن يڪدم چيو ته گهٻرايو نه، ۽ حقيقت ٻڌو، ۽ پوء هن ٻڌايو ته اها ڇوڪري نه هئي پر اهو مان هئس، ۽ منهنجو نالو فرزاند علي ڪيريو آهي ۽ مان ڀريا روڊ کان توهان ڏانهن خط لکندو هئس،، مان هت ڪراچي ۾ انجنيئر آهيان، ۽ گلستان جوهر ۾ فلاڻي فليٽ ۾ رهندو آهيان ، مون توهان کي ته ان ڪري سڃاتو جو توهان مون ڏانهن پنهنجي تصوير موڪلي هئي، ۽ پوء باقي حال احوال ٿيا، مان هت پنهنجي فليٽن جي يونين جو ميمبر يا عهديدار چيائين ته آهيان، ۽ ايترن سالن کانپوء ئي هي ڀيد به کليو،جنهن لاء مان هميشه پريشان هوندو هئس ته اها ڇوڪري ڪير هئي، ۽ ڪيڏانهن وئي ۽ اهيو سڀ ڪجهه سوچي ڪري ڊائريون به لکندو هئس، ۽ جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي سو لکندو ويندو هئس، اڄ پنهنجون پراڻيون لکڻيون ڏسي ڪري پنهنجو پاڻ تي تعجب ٿي رهيو آهي تہ انسان جي زندگيءَ جي خيالن ۾ ڪيڏيون تبديليون اچيو وڃن ٿيون، ۽ شايد اڄ کان 20 سال پوء اسان جي سوچ ڪجهه ٻئي هجي جيڪا اڄ آهي ان کان پوء مون ڪيريو صاحب کي ٽي وي تي ڪچهري وارو پروگرام ڪندي به ڏٺو آهي، مگر اڃلڪهه ڪاٿي آهي سان خبر نه اٿم،، پاڻ هڪ يار ويس، سهڻو قداور، ۽ ڀلوڙ ماڻهون آهي، سندس خط لکڻ جو انداز به بهترين هوندو هو، پاڻ مون کانعمر ۾ ڪجهه سال وڏا آهن، مگر جڏهن خط لکندا هئا ته اهيو خيال رکي ڪري خط لکندا هئا، ڪڏهن به ڪا خط ۾ اهڙي ڳالهه نه لکيائون جيڪا اخلاقن خراب سمجهي وڃي، ڪاش اگر اهي خط مون وٽ هجن هان ته انهن کي به هڪ ڪتابي شڪل ڏيڻ جي ڪوشس ڪريان هان. شايد ڪو خط هڪ ٻه باقي هجي به مون کي ياد نه ٿو اچي، ۽ هيئرر به مون وٽ سون جي تعداد ۾ دوستن عزيز ، اديبن ۽ عالمن جا خط مون وٽ محفوظ آهن، جيڪي ڪارٽنن ۾ بند پيا آهن، جڏهن موقعو ۽ وقت مليو ته انهن جي مٿان به نظر وجهبي، ۽ قيمتي موتي دوستن اڳيان پيش ڪبا. پنهنجي زندگي ۾ اهيو به تجربو ٿيو سائين، جيڪو هت ونڊ ڪيو اٿم،