استاد بخاريءَ جي ڪافي هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو، دل پڪي وئين ڪري، دير سان پيو پتو. تنهنجي پاسي منجهان مان نه اٿندس مٺا، ھي پهاڪو ڪڏھن ڪو نه مڃندس مٺا، راند ڇڏجي رتي ميلو ڇڏجي متو، دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو. وار پنهنجا وکيري ڪڪر ڇانوَ ڪر، چار بوسا وسائي ٿڌا ساھَ ڪر، پياس ڏاڍي لڳي ڏينهن ڏاڍو تتو، دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو. ڪو جي ٻيڙو ڪُنن ۾ اچي ٿو ڏسو، تيز اوٿر ۾ ٻُوڙو لُڇي ٿو ڏسو، اھڙو مونکي بُخاري وڇوڙي وتو، دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.