• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امر جليل جي طارق اشرف سان ويساهه گھاتي!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
منهنجو ڪالم روزاني سنڌ ايڪسپريس خميس 20 اپريل 2016 تي مشهور ليکڪ امر جليل بابت شايع ٿيوهو: سنڌين کي ”مايوسيءَ جي اوڙاهه“ ۾ نه اڇلايو!! جنهن ۾ مون امر جليل جي، پنهنجي ادبي محسن طارق اشرف سان ويساهه گھاتي ۽ اسلام تي سندس ڪيل ناجائز حملي بابت لکيو هو پراهي ڳالهيون ڪالم ۾ شايع نه ٿي سگھيون، شايد اسپيس جي گھٽتائي هئي يا ڪو ٻيو سبب هوتنهنجي مون کي خبر ناهي ـ بهرحال، ڪجهه اڻ ڇپيل ڳالهيون دوستن جي ڄاڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون ـ
......”امر جليل تي تنقيد ته اسان جي پراڻي دوست، ايڊيٽر ماهوار “سهڻي” طارق اشرف مرحوم به ڪئي هئي جنهن پنهنجي رسالي ۾ لکيو هو ته پ پ پ جي پهرين دور ۾ امر جليل ۽ طارق اشرف کي گرفتار ڪيو ويو هو پرامر جليل تڏهوڪي وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادي کان سفارش ڪرائي پاڻ کي آزاد ڪرائي ويو ۽ هن سندس (طارق اشرف) ڏانهن مُڙي به ڪونه ڏٺو.
ياد رهي ته امر جليل کي امر جليل بڻائڻ وارو طارق اشرف ئي هو جنهن سندس لکڻين کي ڇاپي کيس مقبول ڪيو (گھڻو پوءِ، هڪ مشهور اديب دوست مونکي ٻڌايو ته امر جليل جي پيرزادي صاحب سان ويجھي مائٽي رهي آهي) اهڙي ريت امر جليل، طارق اشرف کي جيل ۾ اڪيلو سڙڻ لاءِ ڇڏي، پاڻ آزاد پکي بڻجي اڏامي ويو.
ڇا اهو مناسب هو ته پنهنجي ادبي محسن کي ائين جيل ۾ نڌڻڪو نه ڇڏي ڏئي ها؟ گهٽ ۾ گهٽ پيرزادي مرحوم کي چئي ان کي به سولائيءَ سان آزاد ڪرائي سگھي ها نه ته پاڻ به آزاد ٿيڻ کان انڪار ڪري ها، جڏهن ته طارق اشرف ڪل 22 مهينا جيل ۾ رهيو جنهن جو هڪ حد تائين ذميدار امر جليل ئي آهي.“
..................”ڪيتري وقت کان امرجليل جي سوچ ۾ گھڻي تبديلي آئي آهي جو اسلام کي گهٽ ـ وڌ ڳالهائي ۽ منفي سوچ رکي، هو غير ضروري طورسنڌين ۾ وڇوٽيون وڌائي رهيو آهي. جيڪڏهن امر جليل مذهب جي خلاف هجي ها ته هو هندو مذهب جي به ساڳي ريت خلاف ڳالهائي ها جھڙي ريت هو اسلام جي خلاف ڳالهائي ٿو (جيتوڻيڪ مان ذاتي طور هر مذهب جو احترام ڪرڻ جو زوردار حامي آهيان) پر هتي رڳو اسلام کي نشانو بڻايو وڃي ٿو.
مثال: سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن بتن جي پوڄا غلط آهي ته شيطان کي پٿريون هڻڻ به غلط آهي. انهيءَ ۾ تر جيترو به شڪ ڪونهي ته سندس حملو سڌيءَ ريت اسلام تي آهي سو اسلام موجب، سندس تنقيد جو جواب ڏيڻو پوندو. اسلام ۾ سڀ کان وڏو ۽ معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه، شِرڪ ڪرڻ آهي، بتن جي پوڄا سڌي ريت شِرڪ ۾ اچي ٿي جڏهن ته شيطان جي يادگاري ٿنڀن کي پٿريون هڻڻ هڪ واقعي جي ياد آهي، پوڄا ڪرڻ يا چاهت ڪرڻ هرگز ڪونهي. ڇا پٿريون هڻي ناپسند ڪرڻ وارو عمل، الله تعالى سان شِرڪ ڪرڻ جي برابر آهي؟ ويچاري امر جليل کي اها عام ڳالهه به معلوم ناهي پر پوءِ به هو نوجوان سنڌين کي لاڳيتو گمراهه ڪري رهيو آهي. هونئن به فرض ڪجي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو امر جليل کي ٻه چار پٿريون وهائي ڪڍي ته ڇا ڪير چوندو ته اهڙو ڪم ڪندڙ، امر جليل سان پيار ڪري ٿو يا ان کي پنهنجو شريڪ سمجھي ٿو، تنهن ڪري کيس پٿريون وهائي ڪڍيون اٿس؟“
http://www.sindhexpress.com.pk/epap...ue=NP_HYD&Date=20160421#.VxgJeohPho0.facebook
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

توهان سچ ٿا چئو امر جليل کي اسلام جي خلاف ڳالهائيندي ڪيترا ڀيرا ٻڌو آهي توهان صحيح ٿا چئو ته امرجليل مذهبن جي خلاف ناهي رڳو اسلام جي خلاف آهي
 
(امر جليل جي پرستارن کان معذرت سان)

سچ اھو آھي تہ جيترو امر جليل جو مان رکيو آھي، اوتروئي پاڻ کي عقابر ۽ معتبر سمجھڻ لڳو آھي. TV جي پروگرام کانپوءِ تہ سمجھي ٿو تہ سڄي دنيا جو عقل ۽ علم منجھس سمائجي ويو آھي. آئون بہ سندس عقيدتمند ھئس پر ھاڻي سمجھيو آھي تہ اصليت ڇا آھي.
 
احمدخان صاحب سچ ٿا چئو۰ مونکي لڳي ٿو ته را وٽ متان وڪامجي ويو هجي
 
Back
Top