خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / جمعو 22 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* فوج ۾ احتساب، ڪرپشن جي ڏوهه ۾ 12 فوجي آفيسر لاٿا ويا (خبر)
* * سچ چوندا آهن ته خير جو ڪم گھر کان شروع ڪرڻ گھرجي (تبصرو)

* سنڌ ۾ جيستائين مسٽر شاهه آهي، معاملا نه سڌرندا: سپريم ڪورٽ (خبر)
* * اصل ذميدار ته زرداري آهي، ويچارو قائم علي شاهه ته ”زندهه لاش“ آهي (تبصرو)

* قبضن بابت سپريم ڪورٽ، سنڌ سرڪار جي رپورٽ رد ڪئي (خبر)
* * افسوس! ڪرپٽ سنڌ سرڪار، ڪورٽ کي درست رپورٽ ڏيڻ جي به اهل ناهي(تبصرو)

* بلاول، زرداري هائوس، اسلام آباد مان فريال ٽالپر جون تصويرون لهرائي ڇڏيون (خبر)
* * دير آيد، درست آيد (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ پوليو ٽيمن تي حملا،7 اهلڪار شهيد (خبر)
* * افسوس...!!جهالت جي انتها آهي (تبصرو)

* اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي پٽ ۽ سندس ڀينرن جي وچ۾ زمين تان تڪرار خبر)
* * سنڌ کي ته زن، زر۽ زمين جي جھيڙن ئي تباهه ڪيو آهي(تبصرو)
 
Back
Top