هوشيار...!! 3 ڏينهن گرميءَ کان بچو...!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
موسمياتي کاتي موجب، 3 ڏينهن يعني جمعي 22 کان آچر 24 اپريل تائين سخت گرمي رهندي، تنهن ڪري ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو ـ اڄ منگهيَ پير ۾ هڪ شخص ڏينهن لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي ـ
 
ڪجھه احتياط: پاڻي ۽ مشروبن جو جھجھو استعمال، اڃ نه لڳي ته به ساهيءَ کانپوءِ پاڻي پئجي، سخت پورهئي واري ڪم کان پاسو ڪجي، سادي ۽ هلڪي غذا کائجي، اس ۾ نڪرجي ته مٿو ڍڪي نڪرجي، ٻاهر نڪرڻ مهل ڇٽي، ٽوال، پاڻي ۽ ليمين جو پاڻي ساڻ رکجي، کليل ميدان ۾ راند روند کان پاسو ڪجي، ڪوشش ڪري پاڇي ۾ هلجي، ٻارڙن ۽ وڏي ڄمار وارن جو خيال رکڻ گھرجي ـ صبح جو 11 کان 3 بجي تائين (4 ڪلاڪ) اس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪجي ـ حوالو: پروانشل مئيجمنٽ ڊزاسٽ جو ايڊ....ياد رهي ته تيز اُس 22 اپريل کان 24 اپريل 2016 تائين رهندي ـ
 
Back
Top