چنڊو چنڊي کي سئو ڪوھ تي ڳولي لهي ......هڪڙا تعلقات ماڻهو جا پيدائشي هجن ٿا جيڪي اختياري ڪونه هوندا آهن جهڙوڪ ڀاءِ ڀيڻ ،پيءُ ،ماءُ ٻيا اختياري هوندا جيڪي فرد جي معاشي ۽ روحاني مفادن سان جڙيل هجن ٿا ،جيڪي ڪٿي ڪنهن سان ڪهڙي ليول تي هجن يا ڪهڙن شرطن تي هجن ٿا ،فرد جي صلاحيتن يا فرد جي شخصيت جو عڪس،رفليڪشن هجن ٿا ، تنهن ڪري عام طور چيو ويندو آهي ته ماڻهو کي سندس دوستن مان سڃاڻي سگھجي ٿو ،جنهن وٽ پنهنجا آدرش اهم هوندا آهن ۽ پنهنجي ذات ۾ هلڪڙو نه هوندو آهي ،اهو ايري غيري جي جي حضوري ڪونه ڪندو آهي ،اهو آدرشن جي شرطن تي ڪنهن جي به قريب ايندو يا ويندو آهي . پر جيڪو پنهنجي ذات ۾ ڪمزور هوندو آهي ۽پنهنجي ذات جي ڪمزوري جي نسبت سان ،فوري روحاني يا معاشي مفادن لاءِ هر ننڊي وڏي ماڻهو جا جوتا هٿن ۾ کڻي پاڻ کي اڳين صفن ۾ بيٺل ڏيکاريندو آهي ۽ محسوس ڪرائيندو آهي ڏسو مان ڪيترو عزت وارو آهيان هر ماڻهو منهنجي عزت ڪري ٿو .....وري ذهني طور ننڊڙا ماڻهو به اهڙن چمچن کي پاڻ سان کڻندا آهن يا اهڙن جي درن تي ويندا آهن ،تڏهن ته وڏڙا چئي ويا آهن ته چنڊو چنڊي کي سئو ڪوھ تي ڳولي لهي ............