سنڌ حڪومت وزيرن ۽ صلاحڪارن کي جهولو لڳڻ کان بچائڻ لاء ڪامورن جي آفيسن ۾ نوان ايئر ڪنڊيشن لڳائڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ جا عام ماڻهو جن کي پيئڻ لاء صاف پاڻي تائين به نه ٿو ملي، سنڌ جي راڄڌاني ۾ ماڻهو جهولو لڳڻ سبب مري رهيا آهن، عوام وٽ زنده رهڻ لاء ماني ٽڪر به نه آهي، ٻي طررف حڪمرانن جو هي ٽولو!! افسوس عوام جي ڀلائي تي خرچڻ لاء سندن وٽ بجيٽ نه آهي ۽ خود جي عياشي لاء عام انسان جي احساسن سان به هٿ چراند ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن...!!!