مايوسين جي هنج مان اميد ڦٽي ٿي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    مايوسين جي هنج مان اميد ڦٽي ٿي!

    شفيق شاڪر

    پنهنجي چوڌاريء ماحول ۾ مايوسين جي ٻاٽ اونده آهي.حالتون تبديل ٿيڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. سڌاري جي ڪا صورت نطر نه پيئي اچي.ساڳيا ستمگر ۽ ساڳيو ستم جو سلسلو.اهو ئي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.اهي ئي مانيء جي رکي ڀور لاء تڙپندڙ وجود.اهو ئي دور جهالت ۽ اهي ئي جيئري دفن ٿيندڙ بي گناھ نياڻيون.اهو ئي هوس ۽ هوڏ جي بي رحم راڪاس هيٺان لتاڙجندڙ معصوم انسانيت جا لاش.شايد انسان انسانن جي هن ديس ۾ اڳ ڪڏهن به ايترو ويڳاڻو نه هو ۽ هن سڌريل سماج جي هنج ۾ انسان ٻئي انسان کان ايترو خوفزده اڳ ڪڏهن به نه هو.جتي حاڪمن جي دنيا الڳ ۽ محڪومن جو جهان جدا آهي.جتي غريبن جي خون سان اميرن جي محلن جون بتيون جرڪن ٿيون. جتي ڪمزورن جي ڳوڙهن مان ئي استحصال جي زهريلي باغ جي آبياري ٿئي ٿي.اهو سچ آهي ته هن ملڪ جي نوانوي سيڪڙو جيئن جون جھوليون صرف جھورين سان ٽمٽار آهن پر ڇا ڪجي؟ هي شهر ڇڏي ڪنهن ويراني ڏانهن لڏي وڃجي؟ عوامي لٽيرن،قاتلن،دهشتگردن،ستمگرن ۽ ظالمن کي ميدان خالي ڪري ڏيئي ڇڏجي!خدا جي هن ڌرتيء تي انهن جي اجاره داري ۽ داداگيريء کي هميشه جي لاء تسليم ڪري ڇڏجي!ايئن نٿو ڪري سگھجي.اميد ۽ آسن جو ڏيئو وسائي اونده کي ويتر وڌائي نٿو سگھجي.اسين ستايل ۽ محروم ٿيل هڪ ٻه ته ناهيون بلڪه پورا ويھ ڪروڙ انسان جن کي هن اشرافيه جي ننڍڙي اقليت ڏاڍ، طاقت،اختيار،مڪاري ۽ دوکي سان پنهن جو غلام بنائي رکيو آهي.هنن جو وس هلي ته اهي اسان سڀني کي آفريڪا ياعرب جي ڪنهن ويران ريگستان يا سائيبيريا جي برفاني جبلن ۾ اڇلي اچن ته جيئن اڃن بکن کان تڙپي يا سرديء کان ٿڙڪي مري وڃون پر ايئن نه ٿيندو. جڏهن به عوام جي سوچ ۾ تبديلي آئي ۽ عوام انهن مڪارن جي ميلي ۾ نچڻ ڇڏي ڏنو ته سڀ ڪجھ بدلجي ويندو۽ انهن ظالمن جي پيرن هيٺان خدا جي ڌرتي کسڪڻ شروع ٿي ويندي. مايوسيء ۾ ورتل ماڻهو پڇن ٿا ته ان ملڪ ۾ تبديلي ايندي جتي هر اختيار،هر اداري، هر سياسي پارٽي،هر اسيمبلي ۽ هر ايوان تي،هر ڌنڌي ۽ هر ڪاروبار تي چند خاندانن جو ڄائي ڄمندي قبضو آهي.اهي جيڪي ڄاڻي واڻي قوم کي اڻ پڙهيل،غريب،ڪمزور ۽ محتاج رکندا پيا اچن.انهن سڀني دليلن جي جواب ۾ اسان وٽ صرف هڪڙو دليل آهي ته اهو ظلم جو نظام هڪ ڏينهن پوري شان سان انهن ظالمن جي مٿان ڪرندو.مڪافات عمل جي ان فطري اصول کي ٻئي ڪنهن دليل جي ضرورت نه آهي.اهو ڪم قوم نه ڪيو ته قدرت ڪندي.اهي نادان ان انجام ۾ٿيل دير جي ڪري وڌيڪ بي خوف بڻجي ويا آهن ۽ سندن بداعمالين ۽ انسانيت آزاريء جي چٺي ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ نئون اضافو ان آفت جو اهڃاڻ آهي جيڪا بجليء وانگر اوچتي انهن تي ڪڙڪڻ واري آهي.صدمن جو ستايل عوام مايوس ٿيڻ بدران اميدن ۽ همت جو سندرو ٻڌي. خاموشيء جي قبرستان مان ٻاهر اچي، ناانصافين جي خلاف پرامن آواز بلند ڪري.جيڪو ناانصافين تي چپ رهي ٿو اهو به ظلم جا هٿ مضبوط ڪري ٿو.آئيني حدن ۾ رهي پنهن جا آئيني حق گھرڻ ڪو ناقابل معافي ڏوھ ته ناهي.مايوسين کي شڪست ڏيڻي پوندي.جيستائين آڪاش سلامت آهي تيستائين سج اڀرڻ جي آس به قائم آهي.جيستائين گلشن آهي تيستائين بهار جي اميد باقي آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي قومون اسان کان وڌيڪ ايزائن مان گذريون آهن.ڪيترن ئي ملڪن جي ڌرتين اسان جي حاڪمن کان وڌيڪ بي درد حاڪم پسيا آهن.پر اڄ اهڙا ڪئين قصا ماضيء جو افسانو بڻجي چڪا ۽ عوام کي بدحالين جي گھاڻي ۾ پيڙهيندڙ ڪيئي عياش حڪمران تاريخ ۾ عبرت جو نشان بڻيل آهن.اسان کي مايوس نه ٿيڻ گھرجي جو هن ملڪ کي خوشحاليء جي رستي تي وجھڻ لاء ڪنهن ڳري مشينريء جي نه پر صرف هڪ ٺاهوڪي ڌڪي جي ضرورت آهي. عوام جو ڳڙڪايل مال هنن بي پهچ حڪمرانن کان وياج سميت واپس وٺڻ لاء صرف عقابي اک ڏيکارڻ جي ضرورت آهي.آسمان انهن کي قبول نه ڪندو ۽ ڌرتيء مان اهي پنهن جون پاڙون پاڻ ڪپي چڪا آهن. جيڪڏهن مڇرن واري گندي ٻيٽ کي “لي” جهڙو معمار ملي سگھي ٿو جنهن ان کي سنگاپور جهڙو سهڻو ملڪ ٺاهي ڇڏيو ۽ ملائيشيا جهڙي پوئتي پيل ملڪ کي “مهاتر” جهڙو مهان سرواڻ ملي سگھي ٿو جنهن ملائيشيا کي ترقيء ۽ خوشحاليءجي شاهراھ تي وجھي ڇڏيو ته پوء اسان کي ڪو اهڙو بي غرض اڳواڻ ڇو نٿو ملي سگھي جيڪو هڪ معمولي مڪار ٽولي مان عوام جي جان ڇڏائي ملڪ جي نئين تاريخ لکي. پهريون ڀيرو ان اشرافيا جي محفلن ۾ پيل ٿڙ ڦٿڙ،سندن چهرن تي اڀريل پريشانين ۽ ڪرب جا نشان، سندن چپن تي سندن بيوسيء جو ماتم،بار بار بدلجندڙ سندن مزاحيه بيان.اهو سڀ ڪجھ ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺل طوفان جو اهڃاڻ آهي جنهن جي اچڻ جي آهٽ شايد انهن جي گوش سماعت سان ٽڪرائجي رهي آهي.اهي جيڪي سدائين عوام جي بيوسيء جو تماشو ڏسڻ جا عادي آهن، اڄ عوام انهن جو تماشو ڏسي رهيو آهي.شايد مليل مهلت ختم ٿيندي ٿي وڃي ۽ ظلم تي قائم معاشرو عين فطرت جي اڻ ٽر اصول مطابق وکري هڪ نئين سماج جي اڏاوت طرف پنهن جي فطري رفتار سان اڻ محسوس ٿيندڙ انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.تبديليء جو اهو سفر ڪيترو وقت وٺندو اها اڳڪٿي ته ڪري نٿي سگھجي پر اها ڳالھ پوري يقين سان چئي سگھجي ٿي ته تبديليء جي عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن کي روڪڻ انساني وس کان ٻاهر هوندو آهي!

    منهنجو بلاگ ؛ــــــــــhttp://sindhsujag.blogspot.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حقيقت تي مبني سهڻي تحرير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو