• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي تبصرو / محمد خان سيال / آچر 24 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* وزيراعظم نواز شريف عوامي رابطا مهم هلائيندو(خبر)
* * شڪر ٿيو پاناما ليڪس، پنجاب جي وزيراعظم کي عوام ته ياد ڏياريو(تبصرو)

* الزام ثابت ٿيڻ تي گهر هليو ويندس: وزيراعظم نواز شريف (خبر)
* * الزام ثابت ٿيڻ تي هر ڪو گھر هليو ويندو آهي پر اهڙي نوبت اچڻ ڏيندين ڇو؟(تبصرو)

* فوڊ ڪنٽرولر يوسف ٽالپر خلاف 2 ڀيرا پيرن تي ڪريو پر معافي نه مليس (خبر)
* * رمارڪ ڏيڻ تي معافي، پر ايم اين اي يوسف ٽالپر جي ايڏي ننڍڙي دل؟ (تبصرو)

* اوڪاڙا جي هارين سان غلامن جھڙوڪ سلوڪ بند ڪيو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري (خبر)
* * ظلم جي انتها، جو غريبن خلاف 4000 مقدما “فرشتن” داخل ڪرايا آهن (تبصرو)

* ديوان چند چاولا اداڪاري ڪري رهيو آهي، کيس روڪيو: قائم علي شاهه (خبر)
* * 94 ورهين جي نوجوان قائم علي شاهه کان وڏو، ڪو سياسي اداڪار آهي ڇا؟ (تبصرو)

* پاناما ليڪس بابت پ پ پ جو موقف چٽو آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * پر مولوُ ڄٽ..! مڃ ته ڪرپشن جي حمايت ۾ زرداريءَ جو موقف به چٽو آهي (تبصرو)

* وڏين مَڇين تي هٿ وجھڻ جي تياري مڪمل آهي: صوبائي وزير منظور وساڻ (خبر)
* * ..پوءِ ٻڌاءِ ته وڏيون مڇيون آصف زرداري ۽ قائم علي شاهه ڪڏهن سوگھا ٿيندا؟ (تبصرو)

* قائم علي شاهه 9 ورهيه وڏو وزير رهيو پر فضيلا کي هٿ نه ڪرائي سگھيو: پليجو (خبر)
* * آصف علي زرداريءَ جي خوشامد کان فرصت ملندس ته خير جا ڪم ڪندو(تبصرو)

* 60 سنڌي ڪامورن نيب کان بچڻ لاءِ 40 ڪروڙ روپيا چندو گڏ ڪري ڇڏيو (خبر)
* * سنڌ کي جيڪو سنڌي ڪامورن برباد ڪيو آهي اوترو ڪنهن به نه ڪيو آهي (تبصرو)

* بنگلاديش ۾ هڪ وڌيڪ سيڪيولر پروفيسر قتل (خبر)
* * لڳي ٿو بنگلاديش به مذهبي جنونين جي مڪمل ور چڙهي ويندو(تبصرو)

* آمريڪا ايران کان 32 ٽن ڳرو پاڻي خريد ڪندو(خبر)
* * شايد آمريڪا جي اکين مان پاڻي ختم ٿي ويو آهي (تبصرو)
 
Back
Top