اھليت

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ اسد الله لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2016۔

  1. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
    آچر جو ڏينھن ھو ۽ اھو فرصت وارو وقت سارنگ جي دل ۾ ماضي جي شاگردي واري زماني جون يادون سھيڙي آيو ھو. ھن کي اھي ڏينھن ياد اچڻ لڳا. جڏھن ھي پيرين پنڌ اسڪول ويندو ھو ۽ ھن جي دوست شھمير جنھن کي پنھنجو والد ڪار تي اسڪول ڇڏي ويندو ھو ۽ ڪار تي واپس وٺي ويندو ھو. جيڪو اسڪول تہ روزانو ايندو ھو پر پنھنجو سڄو ٽائيم پارڪ ۾ ويھي ڪري پنھنجي ھم خيالن سان ڪچھريون ڪندي گذاريندو ھو ۽ شھمير کي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ تي چوندو ھو. يار ڇا ٿو پڙھين ۽ محنت ڪرين نوڪري تہ ھونئن بہ پئسن تي ملندي آھي. جيڪڏھن پئسا اٿئي تہ پڙھ نہ تہ وڃي پيءُ سان ڪم ڪار ۾ ھٿ ھمراھي ڪراءِ شھمير جو والد وڏيرڪي حيثيت رکندڙ امير ماڻھو ھو. تنھنڪري ھن جي سوچ بہ وڏيرڪي ھئي، ھو ان خيال جو ماڻھو ھو تہ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پئسن تي ڪا سٺي نوڪري وٺندو ۽ ٻئي پاسي ھي سارنگ جيڪو غريب جو ٻار ھو. ھن جي سيني ۾ اھي خيال جنم وٺي اوٿل پُٿل ڪندا رھندا ھئا تہ ھن کي محنت ڪري ميرٽ تي ئي نوڪري حاصل ڪرڻي آھي، نيٺ قسمت ۽ وقت سارنگ جي ھمت ۽ محنت سان ساٿ ڏنو جو ھو وقت جي تيز زفتار سان گڏ اڳتي وڌندو ويو ۽ ميرٽ تي ارڙھين گريڊ جو آفيسر بڻجي ويو. ماضي جون اھي ڳالھيون ذھن ۾ دھرائيندي ھن جي دل ۾ خيال آيو تہ ڇو نہ اڄ دوست ڏانھن چڪر ھڻجي سارنگ ماضي جو طويل سوچون کڻي گاڏي ۾ ويٺو ۽ پنھنجي پراڻي دوست هي ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيو. ھن ڳوٺ جي ڀرسان پھچي ڪري ھڪڙي ٻني ۾ بيٺل ھاري کان پڇيو تہ: ادا مون کي شھمير سان ملڻو آھي ڪٿي ملندو؟ ان ٻني ۾ ڪم ڪندڙ ھاري مٿي ڪنڌ کڻندي وراڻيو تہ: ادا توھان ڪير آھيو ۽ ان سان ڇو ملندئو؟ سارنگ ٻڌايس تہ: ادا مان ان سان گڏ پڙھندو ھيس. ھو منھنجو دوست ٿئي . ھو ھميشه مونکي ميارون ڏيندو ھو تہ تون غريب آھين انڪري نوڪري نہ ملندئي ادا اڄ مان ھن پوزيشن ۾ آھيان اڄ منھنجي دل چيو تہ ان صاحب سان ملي ڪري حالي احوالي ٿيان تہ ان صاحب کي ڪھڙي نوڪري ملي آھي! منھنجي خيال ۾ ھو تہ وڏو آفيسر ھوندو. ملندو بہ الاءِ نہ؟ سارنگ جا حال احوال ٻڌندي ان ھاري جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي آيا، سارنگ پڇيس تہ ادا معاف ڪجو منھنجي ڳالھ ٻڌي اوھان روئو ڇو پيا؟ ان ھاري آلين اکين کي مٿي کڻندي چيائينس تہ ادا اھو امير جو پٽ بدنصيب شھمير مان آھيان. سارنگ عجب ۾ مبتلا ٿي رڙ ڪندي چيو تہ ھان!! تون شھمير آھين ؟ ھا ادا سارنگ مان ئي اھو شھمير آھيان پر ادا ھي سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو؟ سارنگ شھمير کان مايوسي ۽ مونجھاري مان پڇيو شھمير ٻڌائيندي چيو تہ،ادا اوچتو اسان جي والد صاحب کي جوا جو شوق ٿي پيو، ان نشي ۾ ھن سڄي زمين مال ملڪيت تباہ ڪري ڇڏي اسان پڙھي بس ڪئي ھئيسين آسرو ھيو تہ پئسا ڏئي نوڪري وٺنداسين پر جڏھن پڙھي بس ڪئي تہ اسان مڪمل ڪنگال ٿي چڪا ھئاسين، نہ پئسا ھيا نہ اھليت جي نوڪري وٺي سگھون. پوءَ مجبور ٿي ڌڪا ٿاٻا کائي ھٿ اچي ھارپي تي کپيا ادا مان دل ۾ سوچيندو ھيم تہ ڪو توکي بہ نوڪري نہ ملي ھوندي پر ادا سارنگ، اڄ توکي ڏسي موکي بيحد احساس ٿيو آھي تہ: ڪاش تڏھن مان بہ تعليم تي ڌيان ڏئي محنت ڪيان ھان تہ اڄ مونکي بہ نوڪري ھجي ھان ۽ منھنجا ھي حال نہ ھجن ھان!!!
     
    گلاب ڪمار ۽ شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي
  2. گلاب ڪمار

    گلاب ڪمار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 جنوري 2018
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    Malkani

هن صفحي کي مشهور ڪريو