• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 25 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪرپشن خلاف تحريڪ سنڌ کان شروع ٿيندي: عمران خان (خبر)
* * ڇو ٿا ڪرپٽ آصف زرداريءَ جي پيٽ تي لت ڏيو؟ (تبصرو)

* اقتصادي استحڪام لاءِ ٽنگون ڇڪڻ بند ڪريو: اسحاق ڊار (خبر)
* *.....ته جيئن نواز شريف ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي سگهي (تبصرو)

* ٽيڪس لڪائيندڙ بليڪ لسٽ ٿي ويندا: يوروپي يونين جو فيصلو (خبر)
* * ..پر پاڪستان ۾ ٽيڪس لڪائيندڙ ته ملڪ جا حڪمران بڻجي ويندا آهن (تبصرو)

* وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو جائز ناهي: سنڌ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (خبر)
* * هٿ ٺوڪيو سنڌ گرينڊ الائينس، پنجاب جي وزيراعظم جي حمايت ۾ ننگو ٿي پيو (تبصرو)

* شهداد ڪوٽ ۾ اڍائي ارب روپين جي ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن (خبر)
* * لڳي ٿو سنڌ ۾ ترقياتي ڪم، رڳو ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ئي ڪرايا ويندا اهن (تبصرو)

* ڪيََ اليڪٽرڪ هِيٽ اسٽروڪ دوران عوام کي رليف نه پئي ڏئي (خبر)
* * ڪيََ اليڪٽرڪ جي عوام دشمني ڪنهن کان لڪل آهي ڇا؟ (تبصرو)

* بلوچستان جي ترقي ۽ سکئي ستابي هئڻ ۾ پختو اردو رکون ٿا: صدر ممنون (خبر)
* * ڏيکاءُ جا اهڙا سکڻا بيان ڏيڻ به ضروري هوندا آهن (تبصرو)

* مخالف ڌر، تحقيقات نه پر سياست ڪرڻ چاهي ٿي: پرويز رشيد (خبر)
* *..۽ اوهان رڳو ڏينهن رات نواز شريف جي چمچاگيري ڪرڻ چاهيو ٿا (تبصرو)

* ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو خطرو ڪونهي: وزيرتعليم نثار کهڙو (خبر)
* * مارشل لا ڪونه ايندي نثار کهڙا، پنهنجي ڪرپشن جاري رک (تبصرو)
 
Back
Top