ڪراچي ۾ رهي مُلڪ مان ڪوڙهه جو مرض ختم ڪندڙ عورت
نئون ديرو واسي دوست واحد ناريجو جنهن ڏينهن جرمن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جو ذڪر ڪيو تنهن ڏينهن کان ان ڊاڪٽر سان ملڻ جي خواهش جاڳي پئي. ڇو ته دوست ٻُڌايو ته ڊاڪٽر رُٿ فاءُ هڪ عام ڊاڪٽر ۽ هڪ عام انسان کان گهڻو مٿي درجو رکي ٿي جنهن پنهنجي زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي هن مُلڪ مان ڪوڙهه جي مرض ختم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمني جي شهر Leipzig ۾ جنم وٺندڙ رُٿ فاءُ ننڍي هوندي ئي ڏُکيا ڏينهن ڏٺا جڏهن هن جي اباڻي علائقي تي فوج جي حملي سبب سندس خاندان کي دربدر ٿيڻو پيو. زندگيءَ جي ڏکيائين سان جهيڙيندي هي جڏهن وڏي ٿي ته طب جي تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿي وئي. 1955ع ۾ پاڻ کي مُڪمل سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪرڻ لاءِ سسٽر Nun (عيسائي ڌرم ۾ شادي نه ڪري چرچ يا فلاحي ڪمن کي ڏيئي زندگي وقف ڪندڙ) ٿي وئي. پاڻ کي 1956ع ۾ Daughters of the Heart of Marry ۾ شامل ڪيائين جيڪو فرانس ۾ هڪ ”آرڊر“ ٺهيو هو. ان سلسلي ۾ کيس انڊيا وڃڻو هو ۽ ويزا جي مسئلي سبب کيس صلاح ڏني وئي ته هو پهريان ڪراچي وڃي اُتان ويزا آساني سان ملي ويندس. ڪراچي اچي جڏهن هو پاڻ جهڙي ميڪسيڪن سسٽر ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ فارماسسٽ بيرنس سان ملي ته هن جي زندگيءَ جو مقصد ئي بدلجي ويو. بيرنس کيس ٻُڌايو ته هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي رهائش واري علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جن جي حالت صفا خراب آهي. جڏهن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ وڃي ڏٺو ته هو اهو عزم ڪرڻ کان رهي نه سگهي ته انهن مريضن لاءِ ڪم ڪبو. هُن نه فقط پاڪستان پر افغانستان تائين ڪم ڪيو ۽ کيس مُلڪ جي نيشنلٽي سان گڏ ڪيئي قومي ايوارڊ پڻ مليا. هُن اهو سڀ ڪيئن ڪيو؟ پنهنجي باقي حياتي ڪراچي ۾ ڪيئن گذُاري اهو تجسس کڻي ريگل چوڪ لڳ سندس هاڻي واري هاسپٽل تي ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALI) تي پُهتس ته رسيپشن وارن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جي خدمت ڪندڙ هن جهڙي ئي هڪ سسٽر مارگريٽ سان ملايو. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ وٺي هلي ڊاڪٽر جي ذاتي اسٽڊي روم تي جتي هڪ 86 ساله جهوني جرمن عورت ٽيبل لئمپ ٻاري ڪو ڪتاب پڙهي رهي هُئي. مارگريٽ پاران منهنجي ساڻس ملڻ جي خواهش جو ٻُڌي پهريان ته ڪنهن ٻي دفعي اچڻ جو چيس پر پوءِ اهو ٻُڌي ان مهل ئي ٽائم ڏيڻ تي راضي ٿي ته گهڻو وقت نه ورتو ويندو. توڙي جو کيس اردو به آئي ٿي پر انگريزي ۾ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ سهولت هُئس. جڏهن کيس ٻُڌايم ته هي انٽرويو ۽ احوال سنڌيءَ ۾ ڇپبو ته کلي چوڻ لڳي ”مون وٽ اسٽاف ۾ ڪافي سنڌي به آهن جيڪي ترجمو ڪري ٻُڌائيندا.“انهي کان پوءِ جيڪي سوال جواب شروع ٿيا سي جيئن جو تيئن هتي ڏجن ٿا؛
سوال: اوهان لاءِ هتي رهي پوڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو اصل مُحرڪ ڪهڙو هو؟
جواب: آءُ سمجهان ٿي اهو مون لاءِ انتهائي اهم آهي ته هتي ٻُڌائيندي هلان. آءُ 1960 ۾ انڊيا وڃي رهي هُئس ته وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ لهڻ ٿيو. آءُ ان وقت هڪ بي روزگار ۽ واندي هُئس. منهنجو ڌرم ڪيٿولڪ هو. مون سان گڏ منهنجي گروپ جون سسٽرس هُيون. اسان جو جٿو انڊيا وڃي رهيو هو. ڪُجهه وقت ڪراچيءَ ۾ جو ترسياسين ته اسان کي محسوس ٿيو ته ڪوڙهه جو مرض عام جام آهي. مون سان اُن وقت ميڪسيڪو جي هڪ فارماسسٽ پڻ مِلي. اُن ئي ٻُڌايو ته هتي اها بيماري عام جام آهي. ڪو به ان تي سوچڻ ويچارڻ وارو ناهي. مون اُن وقت ئي محسوس ڪيو ته ڪنهن هِڪ ماڻهو کي هتي رهي وقت ڏيئي ان جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ايئن اها ”هڪ“ آءُ پاڻ ئي ٿي پيس ۽ رهي پيس. ان وقت مون سان گڏ سواءِ منهنجي ميڪسيڪن دوست جي ٻيو ڪو به نه هو. ڪم جو آغاز الاهي ڏُکيو هو پر اسان جو عزم پڪو هو ته ڪُجهه به ٿئي ڪم ڪرڻو آهي.
سوال: اوهان کي والدين طرفان ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿي؟
جواب: (مُسڪرائيندي) بابا ته اڳ ئي گُذاري ويو هو. ها باقي امڙ نه چاهيندي ۽ ڊڄندي ڊڄندي ها ڪئي. اصل ۾ امڙ به راضي نه ٿئي ها پر هُن به سمجهي ورتو هو ته منهنجي ڌي جنهن اٽل ارادي سان ان جدوجهد جو سوچيو آهي اها مُڙڻ واري ناهي. هُن بس اهو چيو ”تو سوچي ئي ورتو آهي ته آءُ ڪير ٿيندي آهيان روڪڻ واري؟“
سوال: اوهان ڪراچي شهر ۾ زندگيءَ جا ساڍا پنج ڏهاڪا گُذاري ڇڏيا. هن شهر جي تبديلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: هي عجيب شهر آهي. آءُ اڄ هن شهر لاءِ ڪُجهه چوان ته سڀاڻي اُهو سچ نه هوندو. آءُ ماضي جي غير يقيني ۽ تڪڙين تبديلين کي ڏِسان ٿي ته اڄ ڪا به راءِ نه ٿي ڏيئي سگهان ڇو ته سڀاڻي اُن تي ڪو به يقين ڪندو اها پڪ نه اٿم. بس اهو سو ضرور چونديس ته هن شهر جي مستقل استحڪام جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. افسوس آهي ته ليڊرشپ صحيح ناهي (چيم اهو نه لکان؟ چوڻ لڳي ڇو نه لکندين؟ ضرور لکجان). هن مُلڪ جي سرڪار سان گڏ هلڻ ڪم ڪرڻ يا ڪا وڏي اُميد رکڻ ڏاڍي ڏُکي آهي. عوام ان ڌوڪي ۾ آهي ته اها سڀ ڌارين جي سازش آهي جڏهن ته ايئن ناهي. مُلڪ جي غير يقيني صورتِحال جو سبب هتان جا حُڪمران آهن ٻيو ڪو به نه.
سوال: هڪ عورت طور اوهان ته زندگي هڪ مشن پورو ڪندي گُذاري. عورتن کي همٿائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪو راز يا صلاح؟
جواب: افسوس آهي ته هن مُلڪ جي عورتن ۾ خوب صلاحتيون آهن پر سندن ڀائر ۽ مُڙس ئي انهن لاءِ رُڪاوٽ آهن. اُهي نه ٿا چاهين ته عورتون ساڻن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪم ڪن. ڪُجهه وري هتي سماجي ۽ سياسي مسئلا پڻ آهن. حالتن جو به عمل دخل آهي. منهنجي پنهنجي اسسٽنٽ ڪانتا جيڪا ٿر جي وارياسي علائقي مٺي سان تعلق رکي ٿي سا به ڏاڍي هوشيار آهي. آءُ سمجهان ٿي اُها منهنجي جاءِ تي ڪم ڪري سگهي ٿي. آءُ کيس پنهنجو مُتبادل سمجهان ٿي پر هو هتي نه ٿي رهي. (وچان مارگريٽ ٻُڌايو ته هن وقت به ڪانتا نيپال ۾ آهي)
سوال: ڀلا ڪوڙهه جي مرض کي هن مُلڪ مان ختم ڪرڻ جي مشن بابت مُختصراً ٻُڌائيندؤ؟
جوب: اسان جڏهن ڪم شروع ڪيو ته لڳو پئي ڪم ڏُکيو آهي. اُن جا وڏا داستان آهن اُن کي ڇڏيون ٿا قصو ڪوتاهه پر اڳتي هلي 1980ع ۾ WHO جي مدد سان هڪ ٻٽي علاج سان ڪوشش ڪئي ته ڪنٽرول ٿيڻ شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي اها مُڪمل ختم ٿي وئي. 1996 ۾ ته WHO به اهو اعلان ڪيو ته هاڻ پاڪستان ڪوڙهه کان پاڪ آهي.
سوال: اوهان وڏو عرصو هتي گُذاريو. ڪيئن ٿا ڏسو نئين ٽهي کي؟
جواب: (هڪ ڊگهو ساهه کڻي خاموشي کان پوءِ جڏهن جواب ڏيڻ لڳي ته اکيون ڀرجي آيس). سچ پُڇين ته مون کي ڏاڍو افسوس آهي. آءُ اولهه مُلڪن ۾ ڏسان ٿي ته ماڻهن جي صلاحيتن کي پرکيو وڃي ٿو. هو ڇا ۽ ڪيئن ڪري سگهن ٿا اهو معلوم ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ کين آماده ڪري اهو ڪم وٺي فائدا ورتا وڃن ٿا. هتي ظلم اهو آهي ته ٻيا ته ٺهيو پر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. اڪثريت بنا سوچي سمجهي ڪم ۾ لڳل آهي. جڏهن ته هن وقت جي گهُرج آهي پنهنجي صلاحيتن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي. اوهان پاڻ کي ڏسو. پنهنجي صلاحيتن کي سمجهو. پوءِ زندگيءَ لاءِ هڪ چئلنج کڻي اُن کي پورو وقت ڏيو. ڏسو ته ڪيئن نه ٿي اچي تبديلي ۽ اوهان ڪيئن نه ٿا ڪامياب ٿيو.
واعدي موجب گهُريل وقت پورو ٿيندي ڏٺم ته موڪلايم. منهنجو هٿ پڪڙي ٻيو هٿ اُن مٿي رکندي ڪا دير ڏسندي رهي ڄڻ ته نظرن ۾ ئي چوندي هُجي ”پاڻ کي سُڃاڻو ۽ سمجهو. زندگيءَ جو ڪو مقصد ٺاهي ان کي پورو ڪريو“.
ان ملاقات کان پوءِ مارگريٽ مون کي اهو ميڊيڪل سينٽر گهُمايو جنهن ۾ گهڻي قدر لاچار مسڪين ۽ اپاهج هُئا جن مان گهڻن کي ته گهروارن هتي ڇڏي وري وٺي وڃڻ جي زحمت ئي ناهي ڪئي. هڪ مريض ته افغانستان جو به هو جيڪو الائي ڪيئن هتي اچي نڪتو. مارگريٽ ٻُڌايو ته هاڻ ڊاڪٽر پنهنجي جرمن دوستن جي تعاون سان هي سينٽر هلائي ٿي. گورنمنٽ جو سهڪار هاڻي نه هُجڻ برابر آهي. هي مريض به مريض کان وڌيڪ ڏُتڙيل هُجڻ جي ڪري هتي داخل آهن.
ٻاهر نڪتس ته ڪراچيءَ جي گرم موسم ۽ ريگل چوڪ جو شور تنگ ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر رُٿ فاءُ به اڳي ڪنهن اخبار ۾ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪراچيءَ جون اهي ٻه شيون کيس اڄ به پريشان ڪن ٿيون. مون کي به ڪرڻ لڳيون پر ڪاش اسان انهن پريشانين هوندي به ڊاڪٽر رٿ فاءُ جي ڪيل ڪم جهڙو يا جيترو نه سهي پر رتي برابر به ڪري وِجهون ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پئي. ڪنهن سچ ئي چيو آهي ”جيستائين اسان ڪنهن جا همدرد نه ٿا ٿيون درد اسان کان ۽ اسان درد کان جُدا ناهيون ٿيندا.“
انٽرويو ڏيڻ مهل
3319 اٽيچمينٽ ڏسو
مارگريٽ جيڪا ڊاڪٽر جي ديک ڀال ڪري ٿي سا پڻ هڪ سسٽر آهي
3320 اٽيچمينٽ ڏسو
اسپتال ۾ موجود هن وقت هڪ بي سهارا مريض
اڄڪلهه ڪنهن سان ملجي ۽ سيلفي نه وٺجي ته ڪهڙو ملڻ (ڪيئن عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم )
هي پورو احوال ايڪسپريس مئگزين ۾ پڻ ڇپيو