• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 26 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ٿر ۾ سرڪاري ادارا ناڪام (خبر)
* * نااهلي ڪنهن جي؟ زرداريءَ جي سوکڙي 94 ورهين جي قائم علي شاهه جي! (تبصرو)

* عوام تي وفاقي سرڪار طرفان 500 ارب روپيا نوان ٽيڪس هڻڻ جون تياريون (خبر)
* * عوام جو جيترو به ٿي سگھي، نواز شريف سرڪار رت چوسيندي رهندي (تبصرو)

* ڪيترا سياستدان وڏا زميندار نڪتا، ڪيترن ميمبرن جون گھر واريون به زميندار نڪتيون (خبر)
* * ڪنهن سچ چيو آهي: سائين...ته سائين پر سائين جا ڪُتا به سائين (تبصرو)

* سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ تي سن ۾ 6 جلسا (خبر)
* * سنڌي قومپرستن ۾ اتحاد جو “شاندار مظاهرو”! (تبصرو)

* عمران خان ذهني مريض ٿي ويو آهي: وفاقي وزير پرويز رشيد (خبر)
* * پاڳل کي سڀ پاڳل ئي نظر ايندا آهن (تبصرو)

* نوان ڊيم ٺاهڻ ڏيو، سنڌ کي 8.14 ايف پاڻي ڏينداسون: خواجا آصف (خبر)
* * ڪوڙا ٺڳ، پهريان سنڌ کي 1991 پاڻي ٺاهه هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي ته ڏيو (تبصرو)

* چاهيون ٿا ته جمهوريت خطري ۾ نه هجي: قائم علي شاهه (خبر)
* * جمهوريت کي جيترو زرداري ۽ اوهان بدنام ڪيو آهي، ڪنهن ٻئي نه ڪيو آهي (تبصرو)

* ڪڪول واهه جي آبادگارن جي احتجاج کي سال ٿيڻ تي (خبر)
* * جيستائين قائم علي شاهه آهي، مڪمل چڱائيءَ جي اميد نه رکجو(تبصرو)

* سنڌ جون رانديون تباهيءَ ڏانهن، چئن ورهين ۾ سنڌ گيمز نه ٿيون (خبر)
* * ويچارو 94 ورهين جو نوجوان وڏو وزير، ڪنهن ڪنهن سان پورو پوي (تبصرو)
 
Back
Top