جديد سنڌ جي فڪري اڏاوت ۽ جي ايم سيد جامي چانڊيو سائين جي ايم سيد جديد سنڌ جي چند وڏن ۽ اُنهن ڪردارن مان هڪ آهي، جن جي فڪر، قلم، سياست ۽ ڪردار جا پنهنجي دور تي غير معمولي اثر قائم ٿيا ۽ اڄ جڏهن هن جي وڇوڙي کي اُڻويهه سال ٿي ويا آهن، تڏهن به هن جو اُهو گهڻ-طرفو اثر ڪنهن به صورت ۾ گهٽيو ناهي. سائين هڪ نهايت گهڻ-طرفي شخصيت هو پر هن جي شخصيت جا بنيادي حوالا هڪ سياستدان ۽ قومپرست دانشور جا آهن. سائينءَ جي سياست ۽ سوچ به مختلف مرحلن مان گذرندي رهي ۽ اِها سائين جي ايم سيد جي وڏائي ۽ معصوميت جي نشاني هئي جو هن پنهنجي سياسي سفر جي غلطين جو هميشه کُليل ۽ لکت ۾ اعتراف ڪيو. سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ اهڙو ٻيو ڪوبه سياسي ايمانداريءَ جو مثال نه ٿو ملي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي سياست جي جن ڪمزور پاسن جو اعتراف نه به ڪيو ۽ انهن تي تنقيد به ٿي سگهي ٿي ۽ تاريخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ ٿيڻ به گهرجي پر ان سان سائينءَ جي ايم سيد جي وڏي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ۽ ڪردار جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت گهٽجي نه ٿي سگهي. جيتوڻيڪ مان سائينءَ جي سياست جو حصو نه رهيس (پرائمريءَ ۾ مان چڻنگ سنگت ۾سرگرم رهيس) پر پوءِ به سائينءَ جي ڪتابن منهنجي شعور سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سائينءَ سان منهنجو ويجهو ناتو به رهيو. سائين جي ايم سيد منهنجي والد عبدالحئي چانڊيي، جيڪو پاڻ به هڪ اسڪالر ۽ شاعر هو؛ جو نهايت دل گهريو دوست هو ۽ سندن دوستيءَ جو اِهو سُٻنڌ چئن ڏهاڪن کان مٿي وقت تي محيط هو. ان ڪري سائين جي ايم سيد بابت ذڪر سڀ کان اول مون گهر ۾ پنهنجي والد کان ٻُڌو. جيتوڻيڪ بابا بنيادي طور کاٻيءَ ڌر جي سوچ جو هو پر هن جو سائينءَ سان تمام ويجهو دوستيءَ جو لاڳاپو هو. اسان وٽ اڄ به بابا ڏانهن سائينءَ جا لکيل انيڪ ذاتي، فڪري ۽ ادبي خط محفوظ پيل آهن. سائينءَ سان بابا جي دوستي سنڌ جي عظيم ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪري ٿي، جيڪو بابا جو نهايت ويجهو دوست ۽ ڄڻ ته اسان جي گهر جو ڀاتي هو. مان ۱۹۸۱ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ويس ته مون هڪ محبت ڪندڙ ٻار جي حيثيت ۾ سائينءَ کي خط لکڻ شروع ڪيا ۽ سائينءَ جي وڏائيءَ ۽ شفقت جو اهو حال هو جو مون جهڙي ٻار کي به خطن جا جواب ڏيندو هو، سائينءَ جو پوٽو يوسف حيدر شاهه جڏهن پيٽارو ۾ داخل ٿيو، ته سائينءَ هن کي علم دوستيءَ ۽ ادبي ذوق سبب مون سان ويجهو رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ اهڙو نياپو سائينءَ مون کي به ڪيو. مون کي ياد آهي ته اُن زماني ۾ سائينءَ جي اڪثر ڪتابن تي بندش هوندي هئي، سو مون سائينءَ جو ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون!“ جون ٽي ڪاپيون هٿ سان لکي جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ چونڊ شاگردن ۾ لڪي لڪي پڙهائڻ شروع ڪيون ۽ اِها ڳالهه جڏهن يوسف حيدر شاهه سائينءَ سان وڃي ڪئي، ته سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون ڏانهن انعام ۾ هڪ ڪتاب ۽ ويهه روپيا يوسف حيدر هٿان خرچي موڪلي هئائين. ايئن پوءِ سائينءَ جي حياتيءَ تائين ساڻس اِهو منهنجيءَ محبت ۽ سندن شفقت جو تعلق قائم رهيو. مان ڪوشش ڪري سدائين سائينءَ جي سالگرهه جي تقريبن ۾ سن ويندو هئس ۽ سندن آخري سالگرهه جي موقعي تي منهنجو لکيل مضمون ”ڇا رياست ۾ سائين جي ايم سيد کي ٻُڌڻ جي سگهه آهي؟“ سائينءَ دوستن کان خاص طور پڙهائي ٻُڌو هو ۽ جڏهن مان اُتي پهتس ته دوستن چيو سائين سوير کان توهان جو انتظار پيو ڪري ۽ مضمون جي واکاڻ ڪئي اٿائين. مان سائينءَ جي ان آخري سالگرهه ۽ سندن وفات جي موقعي تي به کيس ڪُلهو ڏيڻ وارن ۾ موجود هئس ۽ مون کي سدائين اهو فخر رهندو ته مون پنهنجي سانڀر ۾ سائينءَ کي انيڪ ڀيرا روبرو ڏٺو، ساڻس فڪري ڪچهريون ڪيون، کانئس سياسي سوال ڪيا. تاريخ ۾ ڪوبه ڪنهن کان سندس حقيقي حيثيت کسي نه ٿو سگهي ۽ ايئن سائين جي ايم سيد کان اِها حيثيت ڪوبه کسي نه ٿو سگهي ته هو سنڌ ۾ جديد قومي شعور جو بنياد رکندڙ هو. سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتن ۾ هيٺيان ڪم تاريخي حيثيت رکن ٿا. (1) سائين جڏهن پارلياماني سياست ۾ سرگرم هو ته هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ تقرري سندس ئي ڪوششن ۽ سفارش تحت ٿي، جن انهن ٻنهي ادارن کي علمي اؤج تي پڄايو، افسوس جو اُهي ٻئي ادارا هاڻي زوال جي پستيءَ ۾ ڪِريل آهن، جنهن سبب هن جو فڪري روح ضرور رنج هوندو. (2) سائين جي ايم سيد سنڌ کي هڪ مڪمل تاريخي قوم هئڻ جو شعور ۽ شعار ڏنو. ان لاءِ هن ڪا ٺلهي زباني دعويٰ نه ڪئي پر پنهنجي قلمي ۽ فڪري پورهئي سان تاريخيت، معروضيت ۽ منطقيت جي روشنيءَ ۾ ان کي ثابت پڻ ڪيو. ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ۾ هن سنڌ جي تاريخ کي قومي شعور جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيو. ”سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر“ ۾ هن اهو ثابت ڪيو ته، ڪنهن به قوم لاءِ گڏيل تاريخ سان گڏ هڪ گڏيل قومي ٻولي ۽ ڪلچر پڻ لازمي هوندا آهن ۽ سنڌي قوم وٽ اِهي ٻئي عنصر تمام اُسريل شڪل ۾ موجود آهن. هن نه رڳو گڏيل تاريخ، وطن، ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي چِٽو ڪيو پر سنڌين جا قومي اقتصادي مفاد، آزاد ۽ خودمختيار حيثيت جاسوال پڻ دليلن سان اُڀاريا. (3) ڪابه قوم گڏيل قومي اُتساهه کانسواءِ اڳتي وڌي نه ٿي سگهي ۽ قومن جا تاريخي سورما ايندڙ نسلن ۽ دورن کي اُتساهيندا آهن. جڏهن 1955ع ۾ ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ سنڌين ۾ گهٽتائيءَ جو احساس پيدا ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد ”سنڌ جا سُورما“ نالي ڪتاب لکي سنڌين کي اهو اُتساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو مطلب اهو هو ته نه رڳو ماضيءَ ۾ سنڌ وٽ قومي سُورما رهيا آهن پر سنڌ کي نئين دور ۾ به سُورما گهرجن، جيڪي ساهه ڏئي ڌرتيءَ ۽ قوم کي ويساهه ڏين. (4) لطيف شناسيءَ جي سلسلي ۾ جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل پڻ سُٺا ڪتاب لکيا آهن پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کانپوءِ سائين جي ايم سيد ٻيو شارح هو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”پيغامِ لطيف“ ذريعي لطيف سائينءَ جي شرح هڪ قومي شاعر ۽ قومي شعور جي بنياد تي ڪئي. لطيف شناسيءَ جي سلسلي ۾ اهو هڪ نئون فڪري قدم هو، جيڪو سائينءَ کنيو. جيتوڻيڪ ان ۾ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي ٻين جمالياتي، فلسفيانه، لسانياتي ۽ فني پاسن تي نه لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سائينءَ پاڻ به لکيو ته اِها لطيف جي خالص سياسي شرح آهي. ادبي پرک ۾ ادب جي سياسي پرک کي پڻ تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته ادب جو تعلق زندگيءَ سان آهي ۽ ان جو ڪارج پس و پيش سماجي آهي، ته پوءِ ان جي سياسي شرح يا تشريح پڻ ضرور ٿيڻ گهرجي. پيغامِ لطيف، لطيف سائينءَ کي سنڌ ۾ هڪ گڏيل قومي شاعر طور متعارف ڪرايو. (5) هر سياستدان کي ڪجهه معاملن ۾ پنهنجي دور ۽ حالتن سان مصلحت ڪرڻي پوندي آهي ۽ اُها اڪثر حالتن ۾ ضروري پڻ هوندي آهي پر جيئن ته سائين ڪو روايتي يا عوامي سياستدان نه هو ۽ هُو پاڻ کي هڪ نظرياتي سياستدان سڏيندو هو، ان ڪري هن لکڻ ۾ ڪابه مصلحت نه ڪئي. سندس ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ ان جو هڪ وڏو اهڃاڻ ۽ دليل آهي. هڪ مذهبي ۽ سماج ۾ مذهب بابت اهڙو ڪتاب لکڻ سندس دانشورانه جُرئت ۽ سچائيءَ جو ثبوت آهي. (6) سائين جي ايم سيد جو هڪ اهم ڪم اهو به آهي جو هن ويهين صديءَ جي سياست جو اهو سمورو دور، جنهن ۾ هو سرگرم رهيو، ان کي قلمي طور محفوظ ڪري ويو. اِها روايت اسان جي اوڀر جي سماجن ۾ ۽ سنڌ ۾ ته تمام ڪمزور آهي. مثال طور 1937-1947ع تائين جي هڪ ڏهاڪي جي سنڌ جي پارلياماني سياست بابت هن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ نالي اهم ڪتاب لکيو. سائينءَ جي ان دور جي سياسي تشريح سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر جي اهو ڪتاب نه لکجي ها ته شايد ان دور جو اهم رڪارڊ محفوظ ئي نه رهي ها. ايئن 1847ع کان 1936ع تائين اٺاسي سال سنڌ جيڪا بمبئي سرڪار جو حصو رهي ۽ ان کان عليحدگيءَ لاءِ سنڌ ۾ جيڪا سياسي جدوجهد هلي، ان بابت سائينءَ جو ننڍو ڪتاب ”سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي“ بابت اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح ”جنب گذاريم جن سين“، “ديارِ دل داستانِ محبت“ جهڙن ڪتابن ۾ هن نه رڳو پنهنجي زندگيءَ جا تجربا دانشورانه ايمانداريءَ سان قلمبند ڪيا پر سنڌ جي ان دور جي حالتن ۽ اهم شخصيتن تي پڻ لکيو. سنڌ ۾ ان دور بابت اهڙو ڪم علي محمد راشديءَ ۽ سائين جي ايم سيد ڪيو. (7) سياست کي علم ۽ ادب سان ڳنڍڻ جي روايت کي سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ ۾ سائين جي ايم سيد جو به اهم ڪردار هو، جنهن ۾ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجي، قاضي فيض محمد ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ سميت ڪيترن سنڌ جي املهه ماڻڪن جو به وڏو ڪردار رهيو. سنڌ ان لحاظ کان سڄي ننڍي کنڊ ۾ ممتاز هئي جو ان جا سياستدان دانشور ۽ اديب پڻ هئا. ويندي پارلياماني سياست ڪندڙ سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس شهيد نياڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ صاحبِ ڪتاب هئا ۽ سندن دانشوراڻي حيثيت دنيا ۾ تسليم ٿيل آهي. ان روايت ۾ سائين جي ايم سيد جو پڻ اهم ۽ مهنداريءَ وارو ڪردار آهي. (8) 1971ع ۾ بنگال جي آزاديءَ کانپوءِ جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو هنيو ۽ ان بابت ٻه ڪتاب لکي پنهنجو سياسي ڪيس پيش ڪيو پر ڪمال اهو هو جو سائينءَ ان لاءِ اهنسا ۽ عدم تشدد جي واٽ جي چونڊ ڪئي. مان سمجهان ٿو ته، اِها سياسي ڏاهپ ۽ دورانديشيءَ جي نشاني هئي. جيتوڻيڪ تاريخ ۾ نه هٿياربند جدوجهد جي اهميت کان ڪو انڪار آهي ۽ نه ان امڪان کي سياست ۾ حتمي طور خارج ڪرڻ گهرجي پر سائين، سنڌي سماج جي معروضيت جو ادراڪ رکندي، عدم تشدد جو تصور پيش ڪيو، جيڪو سوچ، اُصول توڙي حڪمتِ عمليءَ جي لحاظ کان هڪ دُرست فيصلو هو. مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ فڪر، سميت جديد سنڌ جي سياست، معروضي حالتن ۽ سياسي اڳواڻن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ذوالفقار علي ڀُٽي، رسول بخش پليجي جي سياست، فڪر ۽ سنڌي سماج تي ان جي اثرن جي به ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي، ۽ اها ڇنڊ ڇاڻ ٺلهي جذباتيت، سطحي عقيدت ۽ داخليت جي بنياد تي نه پر معروضيت، منطقيت ۽ سائنسيت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. اهو نسل پنهنجين خوبين ۽ خامين، ڪاميابين ۽ ناڪامين سميت جيڪو ڪري سگهيو، اهو ڪري ويو. ان ڪري هاڻي اصل سوال سنڌ جي حال ۽ آئيندي جو آهي ۽ ان لاءِ گذريل ڏيڍ صديءَ جي سياست جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک جي ضرورت آهي. مان سمجهان ٿو ته خود ان سياست جي به بيرحميءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي، جيڪا پاڻ کي سائين جي ايم سيد جو ورثو ۽ ان جي سياست ۽ فڪر جو تسلسل سڏائي ٿي. اڄ ڪيترائي ننڍا وڏا گروهه آهن، جيڪي ساڳئي جهنڊي، نعري ۽ سيد جي نسبت سان ساڳيءَ سياست ۽ واٽ توڙي منزل جا داعي آهن پر ڇا سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ ڪردار جو جوهر انهن ۾ آهي؟ اِها ڇنڊ ڇاڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ منهنجيءَ نظر ۾ سائين جي ايم سيد کي حقيقي ڀيٽا ڏيڻ جو اِهو ئي سائنسي طريقو ٿي سگهي ٿو.