سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (138) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سفر بخير“ هڪ سفرنامو آهي، جنهن جو ليکڪ ”مٺل جسڪاڻي“ آهي. هي اهڙو سفرنامو آهي جنهن بابت فيسبوڪ تي چرچو رهيو، ان ڪتاب تي ڪيترن ئي ماڻهن راءِ ڏني، ڇو ته مٺل جسڪاڻي پاڻ به سدائين ڪتابن تي، ليکڪن تي ۽ لکڻين تي مسلسل لکندو رهيو آهي. سائين مٺل اسان جو دوست آهي، استاد آهي، شاعر آهي، ڪهاڻيڪار آهي، ڪالم نگار آهي، هو اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو آهي. هي ڪتاب سليٽ اشاعتي شعبي ٽنڊو قيصر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين مٺل جسڪاڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. دوستن کي اها به ڄاڻ ڏيندو هلان ته ڇپيل ڪتاب ۾ اٺ صفحا رنگين تصويرن تي به مشتمل آهن. جيڪي هتي شامل ناهن ڪيا ويا. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو