• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مخدوم جميل الزمان جي لنڊن ۾ ” بيمار“ آصف علي زرداريءَ سان ملاقات

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
محترم مخدوم جميل الزمان، لنڊن ۾ ” بيمار“ آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪئي جڏهن ته زرداريءَ، مخدوم صاحب کي خوب ڏٽا آسرا ڏنا هوندا ۽ سائين وري ”ھُش ۾ خوش“ ٿي ويوهوندو ـ

چون ٿا ته ڊاڪٽرن، آصف علي زرداريءَ کي صلاح ڏني آهي ته هو ”بيماريءَ“ سبب پاڪستان وڃڻ کان پرهيزڪري، باقي آمريڪا، لنڊن، دبئي سميت ساري دنيا ڀلي ڀيليندو وتي ۽ خوب من مستيون به ڪندو رهي ـ

ڊاڪٽرن موجب جيڪڏهن زرداري ”پاڪستان نه وڃڻ واري پرهيز“ ڪونه ڪندو ته پوءِ جيل ياترا ڪرڻي پوندس ۽ ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پوندس ـ چون ٿا ته ڪرپٽ زرداري انهيءَ سبب، پنهنجو روزگار 94 ورهين جي نوجوان سيد قائم علي شاهه (سنڌ جو وڏو وزير) جي معرفت جاري رکندو پيو اچي ـ
 
ايترو چڱو مڙس زرداري بہ ڪونھي جو ملڪ ۾ جيل ڪاٽڻ اچي. ھا اقتدار جي اميد پيدا ٿئي تہ مظلوم بڻجي جيئي ڀٽو جا وڏا نعرا ھڻي پاڪستان پهچندو
 
Back
Top