• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جي پهرين مئي 2016 تي رٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلين جي شروعات

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، ملير جي پهرين مئي تي رٿيل چونڊن ۾، ڌانڌلين جي ظاهري طور شروعات ڪئي وئي آهي ـ سوسائٽيءَ جي سالياني جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ جنهن ۾ آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي ويندي آهي سا روايت موجب الڳ ڪرڻ بدران، حيرت انگيز طورپهريون ڀيرو اليڪشن واري ڏينهن يعني پهرين مئي تي ساڍي يارهين وڳي رکي وئي آهي ـ اهڙي ريت ميٽنگ، نماز۽ لنچ جي وقفي کانپوءِ، گھڻي دير سان ووٽنگ شروع ٿيندي جنهن ڪري ووٽرز کي اطمينان سان ووٽ ڏيڻ جو مناسب ٽائيم ملي ڪونه سگھندو ـ
قانون موجب، سڀني ميمبرن کي لازمي طور سالياني جنرل ميٽنگ جو ليٽر، آڊٽ رپورٽ جي ڪاپيءَ سان گڏ پوسٽ ڪرڻو آهي پر حيرت انگيز طور اهڙو ليٽر هڪ ڪاٿي موجب رڳو 5 سيڪڙو ماڻهن کي موڪليو ويو آهي ۽ 95 سيڪڙو ماڻهن کي ليٽر ڪونه موڪليو ويو آهي جڏهن ته ليٽر سان گڏ آڊٽ رپورٽ به لازمي موڪلڻي آهي ۽ جنهن جو ذڪر ليٽر ۾ ٿيل آهي پر بي ايمانيءَ جو مظاهرو ڪندي اهڙي آڊٽ رپورٽ، ليٽر سان گڏ ڪونه موڪلي وئي آهي جن مان بدديانتي ۽ اليڪشن ۾ گڙٻڙ ڪرڻ جا آثار ملن ٿا ـ
اهڙي ليٽر تي سوسائٽيءَ جي آنرري سيڪريٽري مختيار علي چنيَ جي صحيح ٿيل آهي جڏهن ته ليٽر تي 20 اپريل 2016 جي تاريخ لکيل آهي ـ
 
Back
Top