• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اربع 27 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* قائم علي شاهه جي تبديليءَ وارين خبرون ۾ سچائي ڪانهي: منظور وساڻ (خبر)
* * اها سڀني کي به خبر آهي ته جيستائين مرندونه، منجو ڪونه ڇڏيندو (تبصرو)

* سنڌي هائوسنگ سوسائٽي، ملير جي چونڊن ۾ ڀٽائي پينل جي مقبوليت ۾ واڌ (خبر)
* * سوسائٽيءَ کي ٻنهي هٿن سان لُٽيندڙڪرپٽ سنڌي ڪاموري لاءِ بُري خبر(تبصرو)

* جي ايم سيد جي فڪر سبب قومپرستيءَ جو تجربو گھر گھر پهتو آهي: قمر ڀٽي(خبر)
* * ..پر جي ايم سيد ته ڀتاخوري ۽ پلاٽ گيريءَ جو نظريو ته ڪونه ڏنو هو! (تبصرو)

* فريال ٽالپر جي تڪ ۾ وڌيڪ جُڙتو ڀرتين جو انڪشاف (خبر)
* * فريال ٽالپر کان اڃا به چڱائيءَ جي ڪا اميد اٿوَ ڇا؟ (تبصرو)

* زراعت لاءِ آبپاشي سرشتي کي بهتر بڻائڻو پوندو (خبر)
* * پر ٻليءَ کي گھنڊڻي ٻڌندو ڪير؟ (تبصرو)

* جسقم جو سنڌ دشمن رٿائن خلاف مظاهري جو اعلان (خبر)
* * ..پر ملڪ رياض کان مال ملندو ته اڳ وانگيان ماٺ ٿي ويندا (تبصرو)

* اڍائي ارب روپين جي بجيٽ جي باوجود، ڪتاب شاگردن تائين ڪونه پهتا (خبر)
* * سنڌ ۾ هجي جو ڪو قاعدو قانون ته کڻي دانهن ڪجي (تبصرو)

* سانگھڙ جا اسڪول، چوديواريءَ کان محروم (خبر)
* * ساري سنڌ ۾ اهڙي جُٺ آهي. هونئن به نثار کهڙو رڳو چمچاگيريءَ ۾ پورو آهي (تبصرو)

* سرڪي ڀائرن، بارداڻي جون 14 هزار ٻوريون مائٽن کي ڏئي ڇڏيون (خبر)
* * سنڌ، ڪرپٽ ماڻهن جي بابيَ جي جاگير آهي، لُٽيو....لُٽيو...لُٽيو (تبصرو)
 
Back
Top