ٻـ ڀائر ٻـ دوست : مولانا عبدالڪريم لغاري ۽ مولوي اسماعيل لغاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻـ ڀائر ٻـ دوست : مولانا عبدالڪريم لغاري ۽ مولوي اسماعيل لغاري

    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا

    ٽنڊوالهيار ضلعي جي هڪ ننڍڙي شهر مسڻ وڏيءَ ۾ ٻـ ڀائر مولوي اسماعيل لغاري ۽ سائين عبدالڪريم لغاري چوٽيءَ جا عالم هئا مولوي اسماعيل لغاري زميندار، بهادر، سچو، اڻموٽ منهن تي سچ چئي ڏيندڙ شخص راڄاتو مهماننواز سندس شخصيت جا ڪئين قصا ۽ ڪئين ڪهاڻيون ماڻهن جي زباني ٻڌندو رهيو هوس ۽ غالبان اهو 1983ع جو زمانو هو جو آئون ڳوٺ قاضي نور محمد لغاريءَ ۾ تعليم کاتي ۾ جوائننگ ڪري چڪو هوس. اتي سائين مولوي اسماعيل کانپوءِ سائين مولانا عبدالڪريم جي بزرگي، علم، ڏاهپ، فضيلت، شائستگي، خدا پرستي، ڪشاده دلي، حياءُ، ادب، مهماننوازي، اوطاقي ڪچهري، احسان ڪرڻ جي همت، قول جي سچائي ۽ فعل جي پاڪيزگي جا قصا ٻڌي دل ۾ اهو خيال آيو تـ انهن ٻنهي شخصيتن سان روبرو ملڻ گهرجي. ان کانپوءِ هڪ ڏينهن مسڻ وڏيءَ ۾ بنا ڄاڻ ۽ سڄاڻ جي اڪيلو ئي اڪيلو سائين عبدالڪريم جي مدرسي (مدرسه دارالهده مسڻ وڏي) ۾ سائين عبدالڪريم جي زيارت لاءِ پهتس، سلام ڪرڻ کان پوءِ سائين ائين مليو ڄڻ صدين جا سڄاڻو هجون. عالم جي خاص نشاني اها هوندي آهي تـ ان عالم جي تبيعت ۾ نرمي ۽ نوڙت هجي سائين عبدالڪريم جو غائبانـ تعارف جيئن ٻڌو هوم ان کان بـ وڌيڪ سندس شخصيت متاثرڪن هئي منجهس هزارين خوبيون هيون، بت ۾ سنهو، سفيد سونهاري ۽ تمام سنها بافتي نما ڪپڙا پهريل سائين عبدالڪريم جي نورانيت جي ڳالهـ ڪجي تـ ڇا ڪجي!!
    سائين عبدالڪريم 25 ربيع الثاني 1333هـ مطابق 12 مارچ 1915ع ۾ ديهـ ڳاڙهو صدر، تپو ڍالويوسي مسڻ وڏي ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ پيدا ٿيا ابتدائي تعليم ڳوٺ پيربخش ۾ ورتائين جتي قائده بغداديه کان شروعات ڪيائين ۽ الف-ب جي پٽي ميرپورخاص جي ويجهو ونهيل پنهور جي ڳوٺ ۾ ناظره قرآن پڙهي نور نامون ۽ ابل حسن جي سنڌي سکي ورتائين. ان کانپوءِ عاصي دوائيـ، ٽوائيـ، آمد ناما ٽئي مڪمل ياد ڪيائين. فارسي رسالو ناگهن پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ پوءِ مدرسا چونره شريف ۾ پڙهي فڪهـ جا ڪتاب پڙهيائين اتي ساڻس گڏ مولانا محمد قاسم سينهڙو، محمد يعقوب ميمڻ چِيلهـ وارو، حاجي محمد لغاري دونهائي ۽ حافظ عمر گورچاڻي گڏ پڙهندا هئا. مولانا قرامي وٽ بـ ڪافي ٽائيم تورِ حديث پڙهيائين، مولوي عبدالحئي ميمڻ ماتليءَ وارو، مولوي محمد بچل جماري، غوث محمد ڀرڳڙي بـ ساڻس گڏ پڙهيا ان کانپوءِ نصرپور ۾ 1936ع ۾ مولانا عبدالحق ربانيءَ وٽ بـ ڪافي ٽائيم رهيا جتي شرح تهذيب، نورالانوار، صلم العلوم مطول جهڙا ڪتاب پڙهيائين اتي وري ساڻس گڏ مولانا عبدالواحد هاليپوٽو، جمن شاه ڇرائي وارو، عبدالڪريم مڱريو، اسحاق خاصخيلي، سيف الله ۽ ابوبڪر هاليپوٽو وڍ وارا بـ پڙهندا هئا.
    1938ع ۾ مولانا عبدالحق رباني کيس دارالعلوم ديوبند موڪلڻ لاءِ 12 روپين ۾ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن کان انڊيا جي سحانپور ريلوي اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺي ڏني. گڏيل هندستان جي ڪري پاسپورٽ جي ضرورت بـ نـ پئي ۽ سائين عبدالڪريم حيدرآباد کان سحانپور ۽ اتان کان ڪالڪا ريل ۾ چڙهي اڪيلو ئي اڪيلو دارالعلوم ديوبند پهچي ويو جتي پورا پنج سال پڙهيو ۽ اتي مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان روبرو ملاقات ڪيائين. پنجن سالن کان پوءِ واپس سنڌ اچي ضلعي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ مسڻ وڏيءَ ۾ مدرسو دارالهده قائم ڪيائين ۽ مدرسي جي پاسي ۾ هڪ شاندار مسجد بـ جوڙايائين. سائين عبدالڪريم ڪڏهن بـ ڪنهن کان چندو نـ ورتو، مدرسي ۽ طالبن جو خرچ پاڻ يا سندس ڀاءُ مولوي اسماعيل لغاري پنهنجي ذاتي آمدنيءَ مان خرچ ڀريندا هئا سائين فقير منش انسان عالمِ دين هجڻ سان گڏ سماج سڌارڪ بـ هئا. مذهبي ڪٽرپنيءَ کان بلڪل پاڪ سدائين انسانيت ۽ اسلام جو درس ڏيئي پنهنجي مدرسي ۾ ڪيترائي حافظ، عالم، مفتي، شاعر، اديب ۽ ليکڪ پيدا ڪيائين. سائين عبدالڪريم وٽ هر مڪتبِ فڪر جو ماڻهو اچي حاضري ڀريندو هو. اڳوڻو گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر هجي يا رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، عبدالواحد آريسر، ڄام ساقي، ارباب نيڪ محمد ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌ جا ناليوارا سياستدان، محقق، ليکڪ، شاعر ۽ ادب دوست ماڻهو ساڻس ڪچهري ڪري فيضياب ٿيندا هئا. مولانا يامين شورو، خليل کوسو،عبدالواحد عاصي هڪڙو ۽ ٻيا بـ ڪيترائي شاعر ۽ اديب سندس شاگرد ٿي گذريا آهن آئون راقم نظام الدين ڪاڪا بـ 12 سال سلطان آباد کان قاضي نور محمد لغاري ايندي ويندي مسڻ وڏيءَ ۾ سائين جي ڪچهرين ۾ برابر جو شريڪ ٿيندو رهيو آهيان. مسڻ وڏي ۾ مشهور سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري، مخدوم ميون علي محمد ولهاري، سائين عبدالرحمان سمون، مولانا حاجي محمد عمر دائوداڻي، محمد صالح ڪنڀر ، ڊاڪٽر دريا خان لغاري، ڊاڪٽر ايوب لغاري، استاد غلام قادر لغاري، سائين محمد عمر سميجو، خليل لغاري، گل حسن لغاري، عثمان ڪنڀر، سائين شير لغاري، محمد عالم لغاري، عبدالرحمان لغاري، امان الله ڪنڀر حاثي ۽ ٻيا ڪيترائي سندس شاگرد ۽ عقيدتمند رهيا آهن. هن وقت سائين عبدالڪريم لغاري ۽ مولوي اسماعيل لغاري ٻئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن پر سندن يادگيريون مسڻ وڏي، ڳاڙهي صدر، ولهار، بُلغاءِ، سلطان آباد، ڪامارو شريف، ميرپورخاص ۾ هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ موجود آهن پاڻ 2 يا 3 ڪتاب لکيائين سندس مشهور ڪتاب “ٿڌا وڻ ولهار جا” هڪ تاريخ دستاويز آهن. سائين عبدالڪريم سدائين منهنجي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي پٺا ٺُپري دعائون ڏيندو هو. علم جي درياءَ جهڙي هن شخص کي ٽنڊي الهيار ماڻهو ڀلا ڪٿي ٿا وساري سگهن شل الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرمائي آمين.
     
  2. PIR TAJ MUHAMMAD

    PIR TAJ MUHAMMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جنوري 2014
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    سا
     
  3. سجاد حسين ساقي

    سجاد حسين ساقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    ٽنڊوالهيار
    توهان حقيقت وٽان ڄاڻايو آھي ٻنهي بزرگ عالمن جي علمي لياقتن کي الله پاڪ نظام ڪاڪا ۽ هن ويب سائٽ جي چيف ڪنٽرولر سائين سليمان وساڻ کي خوش رکي جو اسان کي پنهنجي معلومات کان علم ۾ مستفيد ڪندا رهن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو