محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سائین قادر جتوئي صاحب....مون کي ذاتي طور اوهان لاءِ عزت آهي پر ساڳي وقت مان اختلاف راءِ جو حق به رکان ٿوـ هي 1960 يا 70 جي ڏهاڪن وارو دور ڪونهي جو هٿياربند ويڙهه ڪندڙن کي آزاديءَ جا هيرا سمجھيو ويندو هوـ هاڻ، ساري دنيا، اهڙن ماڻهن کي دهشتگرد سمجھي ٿي ـ حالتون گھڻو بدلجي چڪيون آهن ـ هٿياربند ويڙهه مسئلن جو حل، هرگز ناهي رهي ـ مان سمجھان ٿو ته: قلم اڄ به تلوار (هٿياربند ويڙهه) کان طاقتور آهي پر ان جو بهتر ۽ وقتائتو استعمال ٿيڻ گھرجي ـ
منهنجي خيال ۾ هٿياربند ويڙهه جي حمايت ڪرڻ جو مقصد، بي گناهه سنڌين کي بي وقتائتو ۽ اجايو مارائڻ آهي جڏهن ته سچائي اها آهي ته ان کان اڳ، هٿياربند ويڙهه سان وابستا ڪيترا سنڌي مري چڪا آهن پرڪابه تحريڪ پيدا ئي نه ٿي سگھي آهي البت ڪيترن قومپرستن، بي گناهه انسان مارائي پنهنجا سياسي دوڪان ضرور چمڪايا آهن ۽ اهڙا راز هاڻ سوشل ميڊيا تي کُلي چڪا آهن ـ
منهنجي خيال ۾ سنڌ ماءُ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته هر وقت ۽ بي وقتائتو سر تريءَ تي رکي، جان جو جوکم کڻجي ـ مان سمجهان ٿو هٿياربند ويڙهه بدران جيڪڏهن ساريون ڪوششون اعلى معياري تعليم رائج ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ لاءِ ڪتب آڻجن ته گھڻو ڪجھه حاصل ڪري سگھجي ٿو ـ ٻي اهم ڳالهه ته اوهان گھڻو عرصو سنڌ کان ٻاهر رهيا آهيو سو اوهان کي شايد قومپرستن جي عملي ڪردار جي خبر ناهي ـ سندن عملي ڪردار پ پ پ کان به گھڻو بدتررهيو آهي ۽ عام ماڻهو سندن نالو به ٻڌڻ ڪونه ٿو چاهي
اوهان جي، هٿياربند ويڙهه ڪرڻ وارن جي باري ۾ اها دعوى ته: “....اوهان گھٽ وڌ ڳالهائيندؤ ته سنڌ اوهان کان ناراض ٿي ويندي ۽ توهان ڪنهن ڪم جا نه رهندؤ. جيڪڏهن ڏيو نٿا ته ڏکايو به نه سائين.” بلڪل غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي ـ اوهان جي دعوى موجب سنڌ، ويڙهه نه ڪندڙن کان ناراض ٿي ويندي، منهنجي خيال ۾ اوهان روبرو اچي هتي پاڻ مطالعوڪريو ته اوهان کي درست صورتحال معلوم ٿي ويندي ـ بي وقتائتيون قربانيون ڏيندڙن جون قيمتي جانيون بچائڻ غلط ڪم هرگز ڪونهي ـ

Kadir Jatoi
7 hrs ·
سنڌ جي حقن لاءِ هٿيار کڻندڙ نوجوانن کي توهان ڀلي گھٽ شعوررکندڙ سڏيو، کين ڀلي غلط به سڏيو پر ھڪ ڳالھ ڀلي ڀت ڄاڻي ڇڏيو ته اسان مان ڪوبه انهن جو مٽُ ڪونھي ڇاڪاڻ ته اُھي پنهنجو سر تريءَ تي رکي سنڌ ماءُ سان پنهنجي محبت جو اظھار ڪري رهيا آھن. اهي پنهنجي ماءُ جا لاڏلا آھن، انهن خلاف اوهان گھٽ وڌ ڳاهائيندؤ ته سنڌ اوهان کان ناراض ٿي ويندي ۽ توهان ڪنهن ڪم جا نه رهندؤ. جيڪڏهن ڏيو نٿا ته ڏکايو به نه سائين.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: