ڪراچي ڪراچي۔ ڪراچي ۾ جنهن بس جو سفر ڪيو هوندو ان کي ته خبر هوندي۔ مان ته پنهنجي دوست سان ملڻ ويم ان جي سڪ پند ڪرايو باقي وڏو ويل آهي ڪراچي ۾ بس تي ويهڻ۔ ڪراچي ۾ ٻاهر نڪري معني زندگي تان هٿ کڻي نڪري۔ ڪاخبر ناهي الائي ڪهڙي مهل بم بلاس ٿئي۔ ماڻهن کي جنگ ۾ نڪرندي ڊپ ٿيندو هيو آڻي ته شهرن ۾ جنگ کان وڌيڪ ٿو ڊپ لڳي الله پنهنجي پناه ۾ رکي باقي ڪراچي جا حالات تمام خراب آهن۔ ڪراچي سنڌ جي دل آهي پر ڪن جڳهن تي ته روڊ اهڙا آهن جو دل جي دڙڪن به تيز ٿي وڃي۔
جواب: ڪراچي ڪراچي هائو ادا بد امني جي ڪري ماڻهو پريشان رهي ٿو الله تعالى کي سوال آهي ته پنهنجو فضل فرمائي۔
جواب: ڪراچي ڪراچي ڀاء اهيا حقيقت آهي ته ڪراچي جا حالات ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪا به خبر نه پوندي آهي ته ڪا گولي ڪٿان ٿي اچي، مان توهان کي اڄ جو قصو ٿو ٻڌايان ته اڄ به ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تحت ڇهه ست ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا آهن، ۽ مان جڏهن شير شاه ڪراچي مان پنهنجي گهر اچي رهيو هئي ته مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته ڪراچي جي رستن تي ٽريفڪ به تمام گهٽ هئي ۽ هر طرف ٽينشن ۽ خوف وارو ماحول لڳي رهيو هو، ڀاء اڳي ڪنهن جانور کان خوف ٿيندو هو پر هاڻي جانور کان گهٽ ماڻهن کان وڌيڪ ٿو خوف ٿئي، ڀاء وڏن شهرن ۾ ته اهيو بد امني ۽ بم ڦاٽڻ جو خطرو آهي آهي پر هاڻي ته دادو جهڙي شهر ۾ به بم ڦاٽڻ شروع ٿيا آهن، ڀاء هي تصويرون ڪراچي ۾ بم ڦاٽڻ کانپوء جون آهن، جنهن ۾ توهان پاڻ ڏسو ته حضرت انسان جو ڇا حال ڪيو ٿو وڃي، بس ڀاء دعا ڪريو ته رب پاڪ انهن کي ڪو عقل ۽ سمجهه ڏئي ۽ هر انسان کي انسان سمجهن۔ جڏهن ته قرآن ۾ آهي ته جنهن جو مفهوم آهي ته ( جنهن هڪ انسان جو قتل ڪيو گويه پوري انسانيت جو قتل ڪيو۔ )
جواب: ڪراچي ڪراچي ادا هي تصويرون ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو ها ادا ڪل هڪ همراه مونسان ڳاله ڪئي ته ڪراچي جا حالات تمام خراب ٿي ويا آهن رب سائين پنهنجي امان ۾ رکي۔