• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / جمعو 29 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سينيٽ سب ڪاميٽي، سمنڊ کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ سفارشون پيش ڪري ڇڏيون (خبر)
* * ...ڀلي ڏسجو! زورآور پنجاب انهن سفارشن تي عمل ڪرڻ ڪونه ڏيندو(تبصرو)

* 90 هزار حاجين لاءِ ورتل موبائيل فون هڙپ، ڪاميٽيءَ جو سربراهه خورشيد شاهه هو(خبر)
* * خورشيد شاهه کي لڳايو ٻه ٽي “سچ بول پترا”، پاڻهي سچ باسيندو(تبصرو)

* پرڏيهي امداد پنجاب ۽ بلوچستان تي خرچ، سنڌ نظر انداز: سينيٽ ڪاميٽي (خبر)
* * سنڌ ته پنجاب جي ڪالوني آهي، ان تي خرچ ڪرڻ مان فائدو؟ (تبصرو)

* سڄي ملڪ ۾ ڀنگ جا دوڪان کوليا وڃن: سپريم ڪورٽ ۾ درخواست (خبر)
* * 94 ورهين جي نوجوان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاءِ خوشخبري! (تبصرو)

* ميرپور خاص ۾ جُڙتو ٺيڪيدارن جو انڪشاف، لائسنس ضبط (خبر)
* * وڏي وزير قائم علي شاهه جي نگرانيءَ ۾ ساري سنڌ ۾ جُڙتو ڪم هلي پيو(تبصرو)

* ڪاپي ڪرائڻ جي الزام ۾، ايم پي اي احمد علي پتافيءَ جي پي اي کي ڪُٽڪو (خبر)
* * اهڙو خير جو ڪم، هرهنڌ ٿيڻ گھرجي (تبصرو)

* باقراڻيءَ ۾ ٻن ڌرين جي پراڻي تڪرار تان 2 ڄڻا مارجي ويا (خبر)
* * افسوس! سنڌي ائين ئي پاڻ ۾ وڙهي مرندا (تبصرو)
 
Back
Top