حافظ محمد بخش خاصخيلي
ڪجهه ڪڇيو مظلوم جي مضمون تي مان ڇا لکان؟
خون سان سنڌو رتي هن خون تي مان ڇا لکان؟
سنڌ وارن حق گهريو موٽ ۾ گوليون مليون
لعنتي گوليون هنيون ملعون تي مان ڇا لکان؟
سنڌ جي هر گهر مٿان پنجاب جا فوجي ڏسو
پنجاب جو قانون آ قانون تي مان ڇا لکان؟
جرنيل ڀي پنجاب جو ڪرنيل ڀي پنجاب جو
فرعون آ پنجاب جو فرعون تي مان ڇا لکان؟
پير صاحب مولوي ۽ سيٺ ويا فرعون ڏي
تن سامري ۽ هامان ۽ قارون تي مان ڇا لکان؟
ڪانچ پائي سنڌ جو ميمبر اسيمبلي ۾ ويو
موٽيو پتلون سان پتلون تي مان ڇا لکان؟
ويا وڪامي ڪيترا چُهڙا چنيسر سنڌ جا
هُن سين تي ۽ ميم هه نون تي مان ڇا لکان؟
عشق جو اعلان ٿيو منهنجي جتوئي ڳوٺ مان
ڳوٺ مصطفيٰ ۽ مجتبيٰ مامون تي مان ڇا لکان؟
سنڌ ۾ هلچل متي سنڌو ندي ٿي معجزن
سنڌ جي نوجوان ۽ خاتون تي مان ڇا لکان؟
مرد ڪئي تحريڪ جاري مرد موذي سان وڙهيا
۽ مرون دونا ڪڍيا ان دون تي مان ڇا لکان؟
مور ماٿيلي ڪٺا ۽ ڪيس ٿيو ڪشمور ۾
گهوٽڪي جي گهوٽ گهوناگهون تي مان ڇا لکان
رت ڳڙهي ۾ وهيو نئين ديري ۾ ناحق ٿيو
لاڙڪاڻي سنڌ جي رنگون تي مان ڇا لکان؟
جوان جيڪب آباد جا جوڌا وڙهيا جرنيل سان
چوٽ ڪئي امروٽ ۽ همايون تي مان ڇا لکان؟
مون ڏٺو موهن دڙي مان جهور پوڙهي رڙ ٿي
ان سان سنڌ جي فرزند افلاطون تي مان ڇا لکان؟
دادو ناٿن جوهي ميهڙ ڦلجي سيوهڻ سن ۾
ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪربلا قتلون تي مان ڇا لکان؟
موري نوشهري سونهري ڪوس ٿيو لاکاٽ ۾
ڄامشوري ڪوٽڙي نيرون تي مان ڇا لکان؟
ڀٽ هالا تڙ هنڱورو جهول ٻارڻ ويو ٻري
شاهپور چاڪر سڙيو ٻرهون تي مان ڇا لکان؟
جهرڪ ڪينجهر ۽ ٺٽي ننگر نبي سر جهوڪ تي
گوڙ ٿيو گرهوڙ ۾ گرهون تي مان ڇا لکان؟