ﻓﺮﺍﻧﺲ ﮐﺎﻥ ﺁﻳﻞ ﺁﺛﺎﺭ ﻗﺪﻳﻤﮫ ﺟﻲ ﻣﺎﮬﺮﻥ ﺟﻲ ﮬڪ ٽوﻟﻲ ۽ پاڪستان ﺟﻲ ﺁﺛﺎﺭ ﻗﺪﻳﻤﮫ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﺎﺗﻲ 1968ﻉ ﮐﺎﻥ 1974ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ڪڇي ﺿﻠﻌﻲ ۾ ’ ﭘﻴﺮڪ ‘ ﻭٽ ﮐﻮٽﺎﺋﻲ ڪﺮﺍﺋﻲ . ﺟﻴﺘﻮﮢﻴڪ ﮐﻮﺟﻨﺎ ﺟﻲ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺳﺎﻥ ﺳﮅﻱ ﻃﺮﺡ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﻧﮫ ﮬﻮ، ﺗڏﮬﻦ ﺑﮫ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻃﻔﻴﻞ ﺍﮬڙﻱ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ﮬﭣ ﺁﺋﻲ ﺁﮬﻲ، ﺟﺎ ﮬﻦ ﭘﺮﮘﮣﻲ ﺳﺎﻥ ﺑﮫ ﻻﮘﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ . ﺟﻐﺮﺍﻓﻴﺎﺋﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ ڪﮁﻲﺀَ ﺟﺎ ﺗﺮﺍﮐڙﺍ ۽ لٽاشي ﻣﻴﺪﺍﻥ هڪ ﻃﺮﻑ ﺳﻨﮅ ﺳﺎﻥ ﻗﺮﻳﺒﻲ ﻧﺴﺒﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ ﺗﮫ ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﺍﻥ ﮐﻲ لٽاشن ﻣﻴﺪﺍﻧﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﻲ ٽڪرن ﺍﻧﺪﺭ ﺣﺪ ﺩﺧﻠﻲ ﺳﻤﺠﮭﻲ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻲ . ﭘﺮ ڪﮁﻲﺀَ ﺟﻲ ﻭﮄ ۾ ﻭﮄ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺷﻲﺀِ ” ﭘﻴﺮڪ “ ﺟﺎ ﺩڙﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﺘﺎﻥ ﮬڪ ﺍﮬڙﻱ ﺯﻣﺎﻧﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺎﮬﺪﻳﻮﻥ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮﻥ، ﺟﻴڪﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺁﺛﺎﺭ ﻗﺪﻳﻤﮫ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﺧﺎﻝ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ، ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﺮﺕ ﻋﻴﺴﻲٰ ﮐﺎﻥ ﭔﻦ ﮬﺰﺍﺭﻥ ۽ ﮬڪ ﮬﺰﺍﺭ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﺟﻮ ﺯﻣﺎﻧﻮ . ﻗﺪﻳﻢ ﺳﻨﮅﻭ ﺗﮭﺬﻳﺐ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ﻭﺍﺭﻱ ﻭﭺ ﻭﺍﺭﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﻲ ” ﺍﻭﻧﺪﺍﮬﻮ ﺟُﮗ “ ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ڊﮔﮭﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﭼﻨﮭﻮﻥ ۽ ﺟﮭﻮڪﺮ ﺟﻲ ﺩڙﻥ ﺟﮭڙﻥ ﮬﻨﮅﻥ ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺳﻄﺤﻦ ﺗﺎﻥ ﻟﮅﻝ ﻣﭟ ﺟﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﭠڪﺮﻳﻮﻥ ۽ ﮬﭣ ﺟﻲ ﭠﮭﻴﻞ ﭔﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ﭔﻲ ڪﺎ ﺧﺎﺹ ﺷﺎﮬﺪﻱ ﺍﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﮫ ﻣﻠﻲ ﺁﮬﻲ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﺍﮢﮭﻮﻧﺪ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﺑﺎﻗﻴﺎﺕ ﮐﻲ ﺍڪﺜﺮ ﭔﺎﮬﺮﺍﻥ ڪﺎﮬﻲ ﺍﻳﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺍﻧﮭﻦ ﻭﻳﺮُﻥ ﺳﺎﻥ ﮘﻨﮃﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻲ ﻣﻮﺋﻦ ﺟﻲ ﺩڙﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﺁﺧﺮﻱ ڪﻮﺱ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺿﺮﻭﺭ ﻣﻴﺪﺍﻧﻦ ۾ ﭰﺮﻳﺎ ﮬﻮﻧﺪﺍ. ﺍﮬﻲ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻃﺮﺡ ﮄﻧﺎﺭ ۽ ﺭﻳﮃﺍﺭ ﮬﺌﺎ . ﻣﺎﻝ ﭼﻮﺭﺍﺋﻴﻨﺪﺍ ۽ ﭰﺮﻣﺎﺭ ڪﻨﺪﺍ ﮬﺌﺎ ۽ ﮬڪ ﮬﻨﮅ ﻭﻳﮭﻲ ﺳﮏ ﺳﻼﻣﺘﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺯﺭﻋﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ ﺫﺭﻱ ﮔﮭٽ ﺍﻧﺖ ﺁﮢﻲ ﮀڏﻳﻮ ﮬﺌﺎﺋﻮﻥ . ﻧَﻮﻥ ﺁﻳﻞ ۽ ﺍﮘﻮﮢﻦ رهاڪن ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ جيڪي ﺑﭽﻴﻞ ﮬﺌﺎ، ﺗﻦ ﺗڏﮬﻦ ﭰﮭﻠﻴﻞ ﺑﻲ ﺳﻼﻣﺘﻲﺀَ ﺟﻲ ڪري ﺟﻴﺌﮡ ﺟﻮ ﻧﻴﻢ – ﻻڏﺍﺋﻮ ﮂﻧﮓ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪيو. ﻋﺎﻡ ﻃﺮﺡ ﺍﮬﻮ ﻓﺮﺽ ڪيو ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ ﺗﮫ ﺩﺍﺋﻤﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﺍﮬﭹﺎﮢﻦ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ﺍﮄ – ﻻڏﺍﺋﻮ بيٺڪن ﺟﺎ ﻧﺸﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺳﻮﻻﺋﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻧﺎﭘﻴﺪ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﮀﻮ ﺗﮫ ﺩﺍﺋﻤﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﺍﮬﭹﺎﮠ ﺟﻠﺪ ﺋﻲ ﺍُﺗﺎﮬﺎﻥ ﺩڙﺍ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﻴﺌﻦ ﺍﺳﻴﻦ ڏﺳﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﮫ ﭘﻴﺮڪ ۾ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﺩﺭﻳﺎﻓﺘﻮﻥ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻋﺎﻡ ﻣﻔﺮﻭﺿﻲ ﺟﻲ ﺗﺮﺩﻳﺪ ڪﻦ ﭤﻴﻮﻥ . ﭘﻴﺮڪ ﺍٽڪﻞ 8 ﻣﻴٽﺮ ( ﺳﺎﮂﻥ 28 ﻓﻮٽﻦ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ ) ﺍﻭﭼﻮ ﺩڙﻭ ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺟﻴڪﺐ ﺁﺑﺎﺩ ڏﺍﻧﮭﻦ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺭﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﺳﺒﻲﺀَ ﮐﺎﻥ 12 ﻣﻴﻞ ڏﮐﮡ ﻃﺮﻑ ۽ ﻧﺎڙﻱ ﻧﺪﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﮬڪ ﻣﻴﻞ ﺍﻭﭜﺮ ﻃﺮﻑ 12 ﺍﻳڪڙ ﺍﻳﺮﺍﺿﻲ ﻭﺍﻻﺭﻱ ﭤﻮ . ﺍﺗﺎﻥ ﺟﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﻭﺍﺭﻳﺎﺳﻲ ۽ ﺧﺸڪ ﻭﺍﺭﻱ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺟﺘﻲ ﺑﮫ ﺁﺑﭙﺎﺷﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﮭﻲ ﭤﻲ، ﺍﺗﻲ ﻟٽﺎﺷﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﻧﮭﺎﻳﺖ ﭜﻠﻲ ﺁﮬﻲ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﮬﻨﮅ ﺟﻲ ﭘﮭﺮﻳﻦ ﻭﺍﻻﺭ ٽﻲ ﮬﺰﺍﺭ ﺳﺎﻝ ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﭤﻲ ﮬﺌﻲ، ﭘﺮ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﭘﮭﺮﻳﻦﺀَ ﻭﺍﻻﺭ ﺟﺎ ﮔﮭﮣﺎ ﺍﮬﭹﺎﮠ ﮐﺎﮄ ۽ ﭘﻮﺀِ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﮭﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﮬﻴﭟ ﻣﭥﻲ ۽ ﻣﻌﺪﻭﻡ ﭤﻲ ﭼڪﺎ ﺁﮬﻦ . ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺍﺳﻴﻦ ﻧَﮭﻮَﺭ ﺯﻣﻴﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﭼڙﮬﻴﻞ ﻧﺮﻡ ﮔﭗ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﮭﮫ ﮐﻲ ﻟﻴﮑﻲ ۾ ﺁﮢﻴﻮﻥ ﺗﮫ ﭘﻮﺀِ ٽﻦ ﮬﺰﺍﺭﻥ ﺳﺎﻟﻦ ﻕ . ﻡ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻭﺭ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺷﻴﻦ ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ ﮔﮭﮣﻴﻮﻥ ﻣﭥﺎﮀﺮﻱ ﺗﺎﻥ ﻳﺎ ڪڏﮬﻦ ﺗﮫ ﻟﻴﮑﻲ ﭼﻮﮐﻲ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﮬﺮ ﮔﮭﮣﻮ ﭘﻮﺀِ ﺟﻲ ﺗﮭﻦ ﻣﺎﻥ ﮬﭣ ﺁﻳﻮﻥ ﮬﻴﻮﻥ . ﺗﻨﮭﻦ ﮬﻮﻧﺪﻱ ﺑﮫ ﺍﻥ ﭘﮭﺮﻳﻦﺀَ ﻭﺍﻻﺭ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﺍﮬﻲ ﺳﭛ ﺟﺰﺍ ﺳﮭﻴڙﮠ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻮ . ﻣﺤﺴﻮﺱ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺗﮫ ﺗڏﮬﻦ ﺍﮬﻮ ﮬﻨﮅ ﮬڙﭘﺎ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺗﻤﺪﻧﻲ ﺟﺰﻥ ﺟﻮ ﻣﺮڪﺐ ﮬﻮ . ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺷﻴﻮﻥ ﻟﮅﻳﻮﻥ ﺁﮬﻦ، ﺗﻦ ۾ ﮬڙﭘﺎ ﺟﻮﻥ ﭤﻮﺭﻳﻮﻥ ﭠِڪﺮﻳﻮﻥ، ڪﻮﺋﻴٽﺎ ﺟﻲ ﭤﺎﻧﻮﻥ ﺟﻮ ﮬڪ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﺩﻭﺭ ﻭﺍﺭﻭ ﻧﻤﻮﻧﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎڪﻲ ﭤﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺳڏﺟﻲ ﭤﻮ، ﭘﻮﺳﻞ ﻭﺍﺭﻥ ﭤﺎﻧﻮﻥ ﺟﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﭠڪﺮﻳﻮﻥ، ﭘﭙﺮ ﺟﻲ ﭘﻦ ﺟﻲ ﭼٽﻦ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﭠِڪﺮﻳﻮﻥ، ڪﻲ ﺳﻨﮓ ﻣﺮﻣﺮ ﺟﻲ ﭤﺎﻧﻮﻥ ﺟﺎ ٽڪﺮﺍ، ﮬڙﭘﺎ ﺟﻮ ﮬڪ ﭘﮭﮡ ﺟﻮ ﻭَٽُ، ﺯﻭﺏ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻳﻮﻱﺀَ ﺟﮭڙﻱ ﮬڪ ﺯﻧﺎﻧﻲ ﻣﻮﺭﺗﻲ، ﺳﮭﮣﻦ ڪُﻮﻧﮭٽﻦ ﻭﺍﺭﺍ ڏﺍﻧﺪ؛ ﺟﺎﻣﻴٽﺮﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻳﻦ ﺷڪﻠﻴﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﮭﺮﻭﻥ ۽ ﮬڙﭘﺎ ﺟﻲ ﮬڪ ﺳِﮝﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﻭﺍﺭﻱﺀَ ﻣﮭﺮ ﺟﻮ ﮬڪ ﻋﻤﺪﻭ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﺍﭼﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ . ڪﺎﺭﻱ ﻓﻨﺪﻕ ﮬﻨﺪﻱﺀَ ﺟﺎ ﭔﮫ ٽڪﺮﺍ ۽ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﭘﮭﮡ ﻣﺎﻥ ﺟﻮڙﻳﻞ ﮬڪ ﻣڪﻤﻞ ﻣﺴﺘﻄﻴﻞ ﺩﭔﻠﻲ ﭘﮡ ﻗﺎﺑﻞ ﺫڪﺮ ﺁﮬﻦ . ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ، ﮬڪ ﺧﺎﻧﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﭤﺎﻧﻮﺀُ ﺟﻮ ٽڪﺮﺍٽﻮ . ﻧﻔﻴﺲ ﺍڪﺮﻳﻞ ﭼِٽَ ﺳﺎﻥ، ﺍﻧﮭﻲﺀَ ” ﺍﭔٽﮡ ﺟﻲ ﺩﮐﻲﺀَ “ ﺳﺎﻥ ﻭڏﻱ ﻣﺸﺎﺑﮭﺖ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻣﻴﺴﻮﭘﻮٽﻴﻤﻴﺎ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅﻭ ﻣﺎﭤﺮﻱﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ . ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﭜﺎﺳﺠﻲ ﺗﮫ ﺑﻮﻻﻥ ﻟڪ، ﺟﻴڪﻮ ﭘﻴﺮڪ ﮐﺎﻥ ڪﺠﮭﮫ ﻣﻴﻞ ﺍﺗﺮ ﻃﺮﻑ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ، ﺳﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺗﻦ ڏﻳﻨﮭﻦ ﺑﮫ ﮬڪ ﻣﮑﻴﮫ ﺗﺠﺎﺭﺗﻲ ﮔﺲ ﮬﻮ. ممتاز مرزا جي ڪتاب (سنڌ صدين کان) تان ورتل