محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ ، ضلعو ملير ۾ ڀٽائي پينل جي شاندار ڪارنر گڏجاڻيءَ، مخالف پينل (الحبيب جنهن جو سربراهه ڪرپٽ سنڌي ڪامورو آهي) جون وايون بتال ڪري ڇڏيون جنهن ڪري هنن وڏي آواز ۾ رڪارڊنگ وڄائي، ڀٽائي پينل جي امن ڀرئي ڪارنر گڏجاڻيءَ کي ڊسٽرب ڪرڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي پر ڀٽائي پينل جي اميدوارن صبر کان ڪم ورتو ۽ انهن چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ڇاڪاڻ ته کين پڪ هئي ته مخالف الحبيب پينل جا اڳواڻ اليڪشن هارائڻ جي ڊپ کان جهيڙو ڪرائي، اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا.
ياد رهي ته سوسائٽيءَ جي 5 ميمبرن جي اليڪشن جيڪا هر سال ٿيڻي هئي سا گذريل 5 ورهين کان ڪونه ڪرائي وئي ۽ ۽ نه ئي سالياني آڊٽ ۽ نه ئي سالياني جنرل باڊي ميٽنگ ـ هن وقت به جيڪا 15 ميمبرن ۽ صدر جي اليڪشن ٿي رهي آهي، سا ڀٽائي پينل جي اميدوارن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن جي موٽ ۾، عدالتي فيصلي هيٺ ٿي رهي آهي ـ
ڪالهه رات الحبيب پينل جي ڪارنر گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سوسائٽيءَ جي اٽڪل 10 ماڻهن شرڪت ڪئي البت40 ماڻهو ٻاهران “امپورٽ” ڪيا ويا هئا ـ
ڀٽائي پينل جي اڳواڻن کي انهيءَ وقت سخت صدمو پهتو جڏهن مخالف الحبيب پينل جي اڳواڻن پوليس ۾ ڪوڙي شڪايت ڪري، علائقي جي واسطيدار ايس ايڇ او هٿان ڀٽائي پينل جي اميدوارن کي بار بار حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پينل جا اميدوار سندن تقريرن دوران بدلو وٺي رڪارڊنگ ڪري سگھن ٿا (چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک).
ڀٽائي پينل جي سربراهه ڊاڪٽر امير خاصخيلي ايس ايڇ او (ارشد اعواڻ) سان ملي کيس سچائي ٻڌائي ته ڀٽائي پينل جا سمورا اميدوار پڙهيل لکيل ۽ بردبار آهن ۽ هو الحبيب پينل وارن جي اميدوارن وانگيان ڪريل حرڪتون ڪرڻ جو ارادو ڪونه ٿا رکن جنهن ڪري واسطيدار پوليس آفيسر ڀٽائي پينل جي موقف کي درست قرار ڏئي بي ريا رهڻ جو فيصلو ڪيو ـ