• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مولوي حاجي احمد ملاح

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
سائين مولوي حاجي احمد ملاح
تو جهو، جهڙو نه جاني! جنس جملي ۾ ملي،
پڻ نه موصل،. مصر ۾، يا روم رملي ۾ ملي،

ڏيه ڏوريم، ڏور ڏوريم، ڏينهن ڏوريندي لڳم،
اي صفا صورت، نه سورت شهر، شملي ۾ ملي،

اک اشاري ساڻ آندئي، چنڊ چوڏهين چانئٺ تي،
هي حڪومت حاڪمن کي، هيئن نه حملي ۾ ملي،

هن مهل ڪي مينهن ملاريون، ملڪ سارو ئي ملير،
ڇا لڀي! جي يار، ڇم ڇم ساڻ ڇملي ۾ ملي،

گهور تنهنجي گرم ڪهڙي؟ آهي گرمي ۾ گلاب،
غم گهڻا پر تنهنجو غمزو ساڻ، گملي ۾ ملي،

دوست.! تنهنجو دست، هر دستور سان دستار ۾،
سر ڏيڻ سان سوڀ سڀ، ڇا شان شملي ۾ ملي؟

دل گهريي جي گهر هلي وڃ، يا گهراء گهر اندر،
ائ امله ماڻڪ، نه ''احمد ''،. عام عملي ۾ ملي.
 
مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري.
ڪن سوين سهڻا صلاحون، هڪ سڄڻ تو! توساڻ سڱ،
بار ٻيون سڀ بارگاهون،. هڪ. سڄڻ! توساڻ. سڱ،

تو. سوا. گوهر،. نه. گوهر، گل نه تورئ گل لڳن،
بلڪِ ڀانيان باغ باهون، هڪ ِ سڄڻ! توساڻ سڱ،

ناز،. نازڪ، جي اڳيان،. گل نازبو نازيب سڀ،
ننگ نرگس ۾ نگاهون،. هِڪ سڄڻ توساڻ سڱ،

حُسن تي حيران حورون، هنجه جو سر هنج ۾،
خود پرين ڪِيا پير پاهون، هِڪ سڄڻ توساڻ سڱ،

پَو مَ پَر ۾، آءُ ته پِر پرچي وڃون، پَر سال جيئن،
پوءِ هجي شل: پَر پراهُون، هِڪ سڄڻ توساڻ سڱ،

عمر آيم. آسري ۾، اڄ سڀا ايندم عجيب،
پيو نهاريان روز راهون، هِڪ سڄڻ توساڻ سڱ،

سنهن! تنهنجي سونهن جو، سُک ساه کي سهڻا! نه آه،
وِه ويهڻ وڻ راه واهون، هِڪ سڄڻ توساڻ سڱ،

آه! آهيان آهڙن۾، آهي آن کي اطلاع،
آءُ '' احمد '' چئي اڳاهون، هڪ سڄڻ توساڻ سڱ،
چونڊ،, عبدالله جروار
 
Back
Top