• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي ايڇ پي (PHP) ذريعي ويبسائيٽ ۾ سنڌي تاريخ لڳائڻ

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
دوستو ڪجهه وقت اڳ مون ويبسائيٽ يا بلاگ تي سنڌيءَ ۾ ڏينهن ۽ تاريخ لڳائڻ جو جاوا اسڪرپٽ ۾ ٺهيل ڪوڊ ونڊ ڪيو هئو. اڄ مان ويبسائيٽ تي PHP اسڪرپٽ جي ذريعي سنڌيءَ ۾ ڏينهن ۽ تاريخ ظاهر ڪرڻ جو ننڍڙو function ونڊ ڪريان ٿو. اميد ته دوستن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
PHP:
function TimeDate() {
$dan = date('l', time()); 
$dan = str_replace('Monday', 'سومر', $dan);
$dan = str_replace('Tuesday', 'اڱارو', $dan);
$dan = str_replace('Wednesday', 'اربع', $dan);
$dan = str_replace('Thursday', 'خميس', $dan);
$dan = str_replace('Friday', 'جمعو', $dan);
$dan = str_replace('Saturday', 'ڇنڇر', $dan);
$dan = str_replace('Sunday', 'آچر', $dan);

$datum = date('d.F Y.', time()); 
$datum = str_replace('January', 'جنوري', $datum);
$datum = str_replace('February', 'فيبروري', $datum);
$datum = str_replace('March', 'مارچ', $datum);
$datum = str_replace('April', 'اپريل', $datum);
$datum = str_replace('May', 'مئي', $datum);
$datum = str_replace('June', 'جون', $datum);
$datum = str_replace('July', 'جولائي', $datum);
$datum = str_replace('August', 'آگسٽ', $datum);
$datum = str_replace('September', 'سيپٽمبر', $datum);
$datum = str_replace('October', 'آڪٽوبر', $datum);
$datum = str_replace('November', 'نومبر', $datum);
$datum = str_replace('December', 'ڊسمبر', $datum);


echo '
<p>'.$dan.'، '.$datum.' </p>';
}



?>

function استعمال ڪرڻ جو طريقو هيٺ آهي.
PHP:
<?php

TimeDate();
?>


۽ نتيجو ڪجهه هيٺيئن طرح نظر ايندو:

ڇنڇر، 30.اپريل 2016.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
دوستن جو ڪم ڀلو آهي پر انگن کي به سنڌي ۾ لکو ته چار چنڊ لڳي ويندا ۽ جيترو ٿي سگھي انگريزي لفظن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري لکو هاڻي ته ڪم آسان آهي سنڌي آڪسفورڊ ڊڪشنري توهان جي هٿن ۾ آهي ٿوري محنت جي ضرورت آهي سو ٿوري تڪليف ڪريو
 
دوستن جو ڪم ڀلو آهي پر انگن کي به سنڌي ۾ لکو ته چار چنڊ لڳي ويندا ۽ جيترو ٿي سگھي انگريزي لفظن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري لکو هاڻي ته ڪم آسان آهي سنڌي آڪسفورڊ ڊڪشنري توهان جي هٿن ۾ آهي ٿوري محنت جي ضرورت آهي سو ٿوري تڪليف ڪريو
سائين اوهان جي صلاح اکين تي. مان هڪ ٻيو ڪوڊ رکان ٿو جنهن ۾ اوهان سنڌي انگ ڏسي سگهندئو
 
Back
Top