ayazjani
سينيئر رڪن
اياز چانڊيو
نَظريِاتي سِيَاسَتَ، وزارتِي سِيِاسَتَ
دلي جان چيو، ” گگِدَام سٺو نه ٿيندو جيڪڏهن اسان به سنڌ بچائڻ لاءِ سياست ڪريون، منهنجو پهريون ۽ آخري تجزيو اهو آهي ته سياست کان سواءِ نه اقتدار ملندو، نه آزادي ملندي ۽ نه ئي اقتصادي خوشحالي ملندي“،
چيم، ” دلي جان، تون صحيح ٿو چوين، پر سوال هي آهي ته اسان ڪهڙي قسم جي سياست ڪيون“،
دلي جان چيو، ” نظرياتي سياست“
چيم، ” نظرياتي سياست ڪنداسين ته قبر جي هنج ۾ هونداسين“،
دلي جان وري چيو، ” ته پوءِ وزارتي سياست“،
چيم، ”جي وزارتي سياست ڪنداسين، ته پوءِ ڪنهن ڪڃريءَ جي هنج ۾ هونداسين“
چيومانس، ” سوچي ٻڌاءِ ته ڪهڙي سياست ڪيون“
چيائين، ”مار ڀيڻسان، هي ته زاريءَ جو جهان آهي ۽ پاڻ جيئڻ ٿا چاهيو اهو به عزت سان“
دلي جان وري چيو، ” لڳي ٿو پاڻ کي انقلابي سياست ڪرڻي پوندي“
چيم، ” بلڪل، پان کي سياست هر صورت ۾ ڪرڻي پوندي ۽ انقلابي سياست ڪرڻي پوندي، پر ان جي لاءِ به ڪنهن انقلابي نظرئي جي ضرورت آهي، پراڻا سمورا انقلابي نظريه تنهنجي سامهون آهن ۽ سمورا انقلابي اڳواڻ به تنهنجي سامهون آهن“
” ته پوءِ اسان کي اهڙي ڪهڙي انقلابي نظرئي جي ضرورت آهي“ دلي جان چيو،
چيومانس. ” اسان کي اهڙي انقلابي نظرئي جي ضرورت آهي، جنهن جي سياست جو بنياد اقتصاديات تي هجي، اسان جي اقتصاديات پهرين هجي ۽ سياست پوءِ اسان جي نئين نظرئي واري قومي آزاديءَ جي سياسي سوچ جو سفر اقتصاديات کان سياست طرف وڃڻ گهرجي، نه ڪي سياست کان اقتصاديات طرف، اقتصاديات سياست جو محور آهي، نه ڪي سياست اقتصاديات جو محور، سنڌين جي قومي سياست منافقي، مڪاري، موقعي پرستي، جهالت ۽ غداريءَ کان سواءِ ڪجهه ناهي جيڪا سياست کان سياست طرف ويندي، وزارت طرف وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ قوم روز بروز غلام کان غلام تر ٿيندي مستقل غلاميءَ طرف وڌي رهي آهي، اسان کي اقتصادي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ واري نظرئي جي ضرورت آهي ۽ اهڙو نظريو پنهنجي سياست پاڻ ڏيندو آهي، دنيا ۾ سمورن انقلابن جي سياست جو محور اقتصاديات رهي آهي پر اسان جا قومي سياستدان اقتصاديات کي ڇهندا به ڪونه آهن“
” ته پوءِ گگدام اهڙو ڪهڙو نظريو ٿي سگهي ٿو جيڪو سنڌين کي آزاد ڪرائي سگهي“ دلي جان چيو،
چيم، ” اهڙو نظريو فقط ۽ فقط اقتصادي انقلابي نظريو ئي ٿي سگهي ٿو جنهن نظرئي تحت سنڌي پنهنجي معيشت جوڙڻ طرف وڃن ۽ ان ئي اقتصادي نظرئي جي ڏنل سياست ڪن ، ڇو جو هر اقتصاديات پنهنجي سياست پاڻ ڏيندي آهي، اهڙو اقتصادي انقلابي نظريو ئي سنڌين جي قومي معيشت جوڙيندو، کين آزاديءَ جي راهه ڏسيندو، ۽ اقتصادي غلاميءَ مان آجو ڪرائي قومي انقلاب جو سبب بڻبو“،
چيم، ” سنڌين کي اقتصادي قوم پرستيءَ جي ضرورت آهي، کين سنڌي معيشت، سنڌين جي معيشت جوڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ سندن جي آزاد قومي سياست آزاد کليل هوا ۾ ساهه کڻي سگهندي ۽ قوم آزاد ٿيندي“،
چيم، ” سنڌين کي ظالمن هڪ سازش تحت مصرفي غلام قوم ( Consumer Slave Nation )بنائي ڇڏيو آهي، سنڌين کي اقتصادي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ واري سياست جي ضرورت آهي“.
*