اياز چانڊيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جاني جي ڪهاڻي۔۔۔۔۔۔ موهن جي دڙي کي چانڊوڪي رات، بيحد پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. گورڌن، ميوزيم واري رستي کان دڙي مٿان چڙهي، پهرين گهٽيءَ ۾ پير پاتو، ته گهٽيءَ جي پراسرار ماحول سبب سندس جسم ۾ خوف جي لهر ڊوڙي وئي. هو گهٽيءَ جي سري وٽ ئي بيهي رهيو. سندس سامهون سڄي گهٽي جا سمورا کنڊر چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ کيس انتهائي پراسرار نظر اچي رهيا هئا. کنڊرن جي ديوارن سان ٽڪرائجندڙ هوا جي زوڪاٽن گورڌن جي خوف کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو. هوا سان گڏ، گهٽيءَ ۾ زمين کان مٿي اُڏامندڙ سڪل پن ڏسي گورڌن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ موهن جي دڙي جا انيڪ روح گهٽين ۾ ڊوڙندا هجن. گورڌن موهن جي دڙي جي پهرين گهٽيءَ جي پهرئين موڙ تان ئي موٽي وڃڻ چاهيو. هن واپس ورڻ لاءِ پوئتي منهن ورايو ته سندس پيرن هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس ذهن ۾، سندس مري ويل محبوبا مايا پرٿياڻيءَ جو سنگيتَ جهڙو آواز گونجي اٿيو، جنهن تحفي طور آندل واچ گورڌن جي ٻانهن ۾ پارائيندي چيو هو، ”هيءَ واچ هر لمحي توکي ياد ڏيا ريندي، ته مان توسان گڏ آهيان!“ گورڌن، مايا جي محبت جي اها آخري نشاني اڄ شام جو موهن جي دڙي جي هڪ کنڊر جي ديوار تي وساري آيو هو، جڏهن هن دز ٿي ويل منهن ۽ ٻانهون ڌوئڻ لاءِ واچ لاٿي هئي. گورڌن واپس مُڙي، چنڊ جي روشنيءَ ۾ انتهائي پُراسرار نظر ايندڙ موهن جي دڙي جي گهٽيءَ ڏانهن ڏٺو. هن پنهنجي اندر ۾ مايا جي ڇڪ محسوس ڪئي ۽ سندس آخري نشاني ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ هُو پُراسرار گهٽيءَ ۾ اندر هليو ويو. ممبئي جي رهندڙ گورڌن جي مايا پرٿياڻيءَ سان ملاقات گُوا شهر جي هڪ ڊانس پارٽيءَ ۾ ٿي هئي، جتي هُو بزنيس ٽرپ تي ويو هو. مايا تي پهرين نظر پوندي ئي هُو مٿس موهت ٿي پيو هو. هڪ ڪنڊ ۾ اڪيلي ويٺل مايا ڏانهن گورڌن هٿ وڌايو هو، ته مايا جي اکين ۾ عجيب اداسي لهي آئي هئي. مايا مُنهن ڦيري ڇڏيو هو. تڏهن گورڌن سوري چئي اڳتي وڌڻ وارو هو، ته مايا پنهنجو هٿ گورڌن ڏانهن وڌائي اُٿي بيهي رهي هئي ۽ پوءِ مايا رات جي پوئين پهر تائين گورڌن جي ڀاڪر ۾ نچندي ۽ جُهومندي رهي هئي. مايا جي ساهن ۽ جسم جي خوشبو گورڌن جو مَنُ منڊي ڇڏيو هو. ڊانسنگ گرل جي حيثيت ۾ به مايا کيس بيحد موهيندڙ لڳي هئي. پنجٽيهن سالن جي گورڌن جي ڪيترين ئي ڇوڪرين سان دوستي رهي هئي. بيشمار حسينائن سندس ٻانهُن جي گهيري ۾ ڊانس ڪئي هئي. ڪيترين ئي سُندرين سان سندس ساهه ٽڪرايا هئا، پر ڪنهن جابه زلف گورڌن جي پيرن جي زنجير نه بڻجي سگهيا هئا. مايا پرٿياڻي ئي اها پهرين ڇوڪري هئي، جنهن جي اڳيان هو بيوس بڻجي پيو هو. پهرين ملاقات کان چار ڏينهن پوءِ، لهندڙ سج جي سونهري ڪرڻن ۾، گُوا جي خوبصورت سمنڊ ڪناري هلندي، گورڌن مايا جو هٿ جهلي بيهي رهيو هو. مايا مرڪي پئي هئي. تڏهن گورڌن چيو هو، ”مايا! مان هي هٿ ڪڏهن به ڇڏڻ نٿو چاهيان!“ مايا ڪنڌ جهڪائي پنهنجي پيرن طرف ڏٺو هو. سمنڊ جي هڪ لهر سندس پيرن کي ڇُهي واپس وڃي رهي هئي. مايا ڪنڌ مٿي ڪيوهو ته سندس چپن جي مُرڪ به سمنڊ جي موٽي ويل لهر جيان غائب ٿي چڪي هئي ۽ سندس ناسي اکين ۾ گهري اداسي لهي آئي هئي. ”ڇا پئي سوچين مايا؟“ گورڌن سندس ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ورتا هيا. ”گورڌن! هي هٿ.... جلدي جدا ٿي ويندا!“ سمنڊ ڪناري بيٺل مايا جي اکين جو سمنڊ به ڇُلڻ لڳو هو. ”پر ڇو؟ ڇو مايا!؟“ گورڌن مايا جي هٿن کي زور سان پڪڙي ورتو هو. ”ان ڪري... ان ڪري گورڌن......ته....... ته مان.....“ مايا جملو پورو ڪري نه سگهي ۽ درد مان پنهنجي مٿئين چپ کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيو هئائين. گورڌن، مايا جي اندر جي درد کي سندس اکين مان پسي ورتو هو، کيس لڳو هو ته مايا جي لفظن سان ڪو طوفان اچڻ وارو آهي؛ تڏهن به گورڌن حقيقت ڄاڻڻ لاءِ اتاولو پئي ٿيو، ”ٻڌاءِ، ڇا ڳالهه آهي مايا؟“ مايا جي ناسي اکڙرين مان ٻه لڙڪ نڪتا هُئا ۽ هيٺ ڪري واپس ويندڙ هڪ لهر سان گڏ لُڙهي ويا هئا. ”پليز مايا، ٻڌاءِ! ڇا ڳالهه آهي!؟“ گورڌن جي هٿن جو دٻاءُ مايا جي هٿن تي وڌي ويو هو. مايا، گورڌن جي هٿن مان پنهنجا هٿ ڇڏائي ورتا هئا، ”گورڌن! مان هن دنيا ۾.... فقط چند ڏينهن جي مهمان آهيان!“ ”ڇا!؟“ گورڌن پنهنجي اندر ۾ ڪجهه ڀڄندي ڀرندي محسوس ڪيو هو. ”ها، گورڌن! مان.... مان بلڊ ڪينسر جي مريض آهيان!“ مايا ٿڌو ساهه کنيو هو. ”پر... پر مايا! تنهنجو علاج به ته ٿي سگهي ٿو!“ گورڌن هڪدم چيو هو. ”نه گورڌن! ليوڪيميا آهي مون کي... زندگي مون کان پل پل ٿي موڪلائي رهي آهي... هاڻي.... هاڻي ڪو به علاج منهنجي ساهن جي ٽٽندڙ ڏور کي مضبوط نٿو ڪري سگهي!“ مايا هڪ وڏو ساهه کنيو هو. سامهون اٿاهه سمنڊ هيو ۽ گورڌن جي نڙي خشڪ هئي. هن ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لفظ سندس چپن تائين نه پهچي سگهيا هئا. سندس اندر ۾ اوندهه ڦهلجڻ لڳي هئي. ”مان ته پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهي آهيان گورڌن! جلدي مري وينديس مان!“ مايا ٿڌو ساهه کڻي آسمان طرف ڏٺو هو. مايا جي ڳالهه ٻڌي گورڌن جي دماغ ۾ ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو هو. سندس اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي وئي هئي. هن پنهنجو مٿو ڦاٽندي محسوس ڪيو هو. جيڪڏهن مايا کيس ڀاڪر ۾ نه ڀري وٺي ها، ته هُو ڪري پوي ها. گورڌن، مايا جي ڪلهي تي مٿو رکي، سندس ڀاڪر ۾ سُڏڪا ڀريندو رهيو هو. ڪيتري دير کان پوءِ، جڏهن هن مايا جي ڪلهي تان مٿو کڻي، سندس اکين ۾ ڏٺو هو، تڏهن مايا ڏاڍي اداسيءَ مان چيو هو، ”گورڌن! ٿوڙرا لڙڪ بچائي رک، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪم ايندئي!“ ٽن ڏينهن کان پوءِ مايا مري وئي هئي ۽ گورڌن جا بچايل لڙڪ کُٽا ئي نه پئي. مايا جي اگني سنسڪار وقت، هُو باقي سڀني ۾ اوپرو ۽ اڪيلو هو. هو سڀني کان پري، هڪ ڪنڊ ۾ ڪنڌ جهڪائي سُڏڪندو ۽ لڙڪ لاڙيندو رهيو هو، تڏهن اوچتو هڪ جهور پوڙهي شخص اچي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو هو، ”تون گورڌن ئي آهين نه؟“ گورڌن ڀنل اکين سان حيرت مان پوڙهي ڏانهن ڏٺو هو، ”ها!“ ”مان رام چند آهيان، مايا جو نانو!“ پوڙهي ٿڌو ساهه کڻي چيو هو. ”پر..... پر توهان..... ڪيئن سڃاتو مون کي.“ گورڌن حيرت مان پڇيو هو. ”مايا سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو مون کي.“ رامچند ڏک مان وراڻيو هو، ”مون توکي تنهنجي درد مان سڃاتو آهي!“ گورڌن جي نڙيءَ ۾ اٽڪيل سُڏڪو اُٻڙڪا ڏئي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو. تڏهن رامچند، گورڌن کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو، ”گورڌن! مايا جي ارٿيءَ جي رَکَ تنهنجي امانت آهي!“ ”ڇا!؟“ گورڌن جي مٿان حيرتن جو پهاڙ ڪري پيو هو. ”ها ٻچا!“ رامچند وراڻيو هو، ”هوءَ تنهنجي لاءِ هڪ بند لفافو به ڇڏي وئي آهي. وٺي وڃجانءِ مون کان پنهنجون امانتون.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، جڏهن گورڌن مايا جي ناني رامچند جي گُوا ۾ محل نما گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺو هو، تڏهن رام چند مايا جي ارٿيءَ جي رَکَ وارو لوٽو ۽ هڪ بند لفافو اچي سندس اڳيان رکيو هو.گورڌن، ڏڪندڙ هٿن سان بند لفافو کوليو هو، ته لفافي مان مايا جي وصيت نڪتي هئي. مايا جي وصيت پڙهي گورڌن حيران رهجي ويو هو. ”ڇا لکيو آهي مايا؟“ رام چند پڇيو هو. گورڌن، مايا جي وصيت وارو ڪاغذ رام چند طرف وڌائي ڇڏيو هو. مايا جي وصيت پڙهي رام چند به حيران ٿي ويو هو، ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، ته مايا ڇو ڪئي آهي اهڙي وصيت!“ گورڌن وٽ ته ڪو جواب هيو ئي ڪونه. رام چند وصيت وارو ڪاغذ گورڌن کي ڏيندي چيو هو، ”مايا جو جنم ته هتي ٿيو هو، پر مايا جا ماتا پتا به هندستان ۾ ئي پيدا ٿيا هئا. سنڌ مان ته مان لڏي هتي آيو هوس!“ گورڌن خاموش ويٺو رهيو. رام چند ڪي گهڙيون اونهي سوچ ۾ هليو ويو ۽ پوءِ هُن عينڪ لاهي پنهنجي اکين جي ڪُنڊن تان لڙڪ اُگهي ورتا هئا. ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين، ”سنڌ جي تانگهه ته سدائين مون کي ئي رهي آهي. سنڌ ڏسڻ جي سَڌ ته نه ڪڏهن مايا جي ماتا پتا ڪئي هئي ۽ نه ئي مايا!“ ”ته پوءِ.... مايا جي هيءَ وصييت!“ گورڌن جي لهجي ۾ حيرت سان گڏ مونجهارو به هيو. هُو اڌورو جملو چئي خاموش رهجي ويو هو. ”مايا ته ڪڏهن سنڌ بابت هروڀرو ڳالهائيندي به نه هئي،“ رام چند چيو هو، ”ها، البت موهن جي دڙي جي ذڪر سان، مايا جي اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي ويندي هئي. موهن جي دڙي جي ذڪر سان هوءَ ويٺي ويٺي وڃائجي ويندي هئي. خبر ناهي... خبر ناهي ڇو!“ گورڌن، مايا جي خيالن ۾ گم ٿي ويو هو. ”تون مايا جي وصيت جو پورائو ڪندين گورڌن؟“ رام چند ٿڌو ساهه کڻي پڇيو هو. ”هون!“ گورڌن خيالن مان موٽي آيو هو، ”ها، ضرور. مايا جي وصيت جي پورائي خاطر مان ضرور موهن جي دڙي ويندس.“ گورڌن اڄ صبح ئي ممبئيءَ کان ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو هو. موهن جي دڙي جي فلائيٽ نه ملڻ سبب، ڪراچي ايئرپورٽ تان ئي ٽيڪسي ڪري هُو شام جو اچي موهن جي دڙي پهتو هو. پارڪنگ ايريا ۾ ٽيڪسيءَ مان لهي، هو هڪ ننڍڙو هينڊ بيگ کڻي اسٽوپا طرف هليو ويو هو. هينڊ بيگ ۾ مايا جو رک وارو لوٽو ۽ منرل واٽر جي بوتل پيل هئي. اسٽوپا تي مٿي چڙهي گورڌن بيگ کولي، مايا جي هاٺين وارو لوٽو ڪڍيو ۽ مايا جي وصيت مطابق سندس رَکَ، موهن جي دڙي مٿان چئني ڏسائن ۾ ڇٽي ڇڏي. مايا جي رکَ هوا سان پري پري تائين ڦهلجي موهن جي دڙي جي مٽيءَ ۾ ملي وئي. گورڌن جي دل ڀرجي آئي. سندس اکيون آليون ٿي ويون. هن ڪجهه دير تائين اسٽوپا جي مٿان بيهي موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڏٺو ۽ پوءِ واپس وڃڻ لاءِ هيٺ لهي ويو. اسٽوپا تان هيٺ لٿو، ته واپس ورڻ بجاءِ بي اختيار سندس پيرن موهن جي دڙي جي گهٽين ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. هُو ڪيتري دير تائين موهن جي دڙي جي ويران گهٽين ۾ شام جي پاڇن سان گڏ گهمندو رهيو ۽ مايا بابت سوچيندو رهيو. کيس سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته مايا پنهنجي جسم جي رکَ کي موهن جي دڙي جي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي وصيت ڇو ڪئي هئي. سوچي سوچي سندس مٿو ڦاٽڻ لڳو، تڏهن هُو هڪ کنڊر جي ديوار تي ويهي رهيو. ٿَڪَ سبب وڏو ساهه کڻي هڪ لمحي لاءِ اکيون بند ڪيائين؛ ته سندس اکين ۾ مايا جو عڪسن لهي آيو. مايا وصيت جي پورائي تي مرڪي گورڌن جا ٿورا مڃي رهي هئي. ان لمحي بند اکين سان ويٺل گورڌن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مايا سندس ڀرسان ويٺي هجي. گورڌن هڪدم اکيون کولي ڇڏيون ۽ تڪڙو پنهنجي چئني پاسي ڏٺائين. مايا ته ڪا نه هئي، پر پوءِ به گورڌن کي شدت سان محسوس ٿيو، ڄڻ مايا سندس ڀرسان ئي ڪٿي موجود هجي. گورڌن کي پنهنجي اها ڪيفيت سمجهه ۾ نه آئي ۽ سندس نڙي خشڪ ٿي وئي. هن هينڊ بيگ مان منرل واٽر جي بوتل ڪڍي پاڻي پيتو ۽ پوءِ شرٽ جون ٻانهون مٿي ڪري، واچ لاهي پنهنجون دز ٿي ويل ٻانهون ڌوئي، مُنهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي اٿي بيهي رهيو. هڪ نظر لهندڙ سج ڏانهن ڏٺائين ۽ ٿڌو ساهه کڻي، بيحد اداسيءَ مان ڳرا ڳرا قدم کڻندو واپس هليو ويو. گورڌن راتو رات ڪراچيءَ واپس وڃي، مُمبئيءَ وڃڻ ٿي چاهيو؛ پر ٽيڪسي ڊرائيور جي صلاح تي، هُو رات جا چار پهر ڪنهن هوٽل ۾ گذارڻ لاءِ لاڙڪاڻي طرف وڃي رهيو هو. لڳاتار ويران رستي کان پوءِ جڏهن سامهون روشنيون نظر آيون، تڏهن ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايو؛ ته اهي روشنيون لاڙڪاڻي شهر جون آهن. گورڌن وقت ڏسڻ لاءِ ٻانهن مٿي ڪئي، ته هُو ڇرڪي پيو. سندس ٻانهن مان مايا جي آخري نشاني، اُها واچ غائب هئي، جيڪا مايا سندس ٻانهن ۾ پارائيندي چيو هو، ”هيءَ واچ هر لمحي توکي ياد ڏياريندي، ته مان توسان گڏ آهيان!“ گورڌن کي هڪدم ياد آيو، ته هن واچ لاهي موهن جي دڙي جي کنڊر جي ديوار تي رکي هئي. هن بنا دير ٽيڪسي ڊائيورکي واپس موهن جي دڙي هلڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي ڊرائيور مختلف بهانا ۽ حالتون ٺيڪ نه هئڻ جو احساس ڏياري واپس موٽڻ واري ڳالهه کان گورڌن کي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گورڌن هر حالت ۾ مايا جي نشاني واپس حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. نيٺ ٽيڪسي ڊرائيور کي واپس ورڻو ئي پيو. چانڊوڪي رات ۾ بيحد پراسرار محسوس ٿيندڙ، موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ هلندڙ گورڌن اڪيلو انسان هو. رکي رکي هوا جي ڪنهن زوڪٽ گورڌن کي ڇرڪائي ٿي وڌو. گهٽين ۾ هلندي هن ڪيترائي ڀيرا ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ساڻس گڏ ڪو ٻيو به هلندو هجي. ڪنهن جي هئڻ جو احساس ايترو وڌي ويو، جو گورڌن جي اندر ۾ موجود خوف، سندس سڄي وجود تي ڇانئجي ويو. هُو هلندي هلندي بيهي رهيو، پر خوف سبب ڪنڌ ورائي ڪنهن به طرف ڏسي نه سگهيو. چُپ چاپ پنهنجي جاءِ تي بيٺي، هن کي ڪنهن جي هئڻ جو يقين ٿي ويو. کيس لڳو، سندس پويان ڪو موجود آهي. گورڌن شديد خوف واري حالت مان اوچتو پوئتي منهن ورائي ڏٺو. پويان ڪيربه نه هيو، سواءِ ساڳئيءَ پراسراريت جي. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ وري هلڻ شروع ڪيو. ٻه قدم اڳتي وڌيو هوندو ته هن پنهنجي پيرن ۾ ڪجهه وچڙندي محسوس ڪيو. ڇرڪي هيٺ نهاريائين ته هڪ ڪوئو سندس پيرن مان ڇڏائجي ڪنهن کنڊر طرف ڊوڙي ويو. هن اڃا سک جو ساهه ئي نه کنيو ته هڪ نانگ کي پنهنجي سامهون اُڀو ٿيندي ڏٺائين. گورڌن جو ساهه سُڪي ويو. نانگ سندس رستو روڪي کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ تيزيءَ سان گورڌن طرف وڌيو. گورڌن کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو ئي نه مليو، پر نانگ گورڌن جي ڀرسان پهچڻ کان اڳ ڇرڪي بيهي رهيو؛ ۽ رستو مٽائي هڪ کنڊر طرف هليو ويو. گورڌن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته اهو سڀ ڪجهه ايترو تيزيءَ سان ڇو ۽ ڪيئن ٿي ويو! پر گورڌن کي اهو يقين ضرور ٿي ويو ته سندس اوسي پاسي ڪو آهي، پر ڪير...؟ شايد ڪا ڀٽڪيل آتما....! ڪو پنج هزار سال پراڻو روح....! اها ڳالهه سوچي گورڌن جي لڱن جا وارا اُڀا ٿي ويا. خوف سندس سڄي وجود کي ورائي ويو. پُراسرار چانڊوڪيءَ ۾ هن ٽيڏين نظرن سان اوسي پاسي ڏٺو. کيس لڳو، ڄڻ سمورا کنڊر کيس گُهوريندا هجن. خوف سبب هن پنهنجي ڪياڙي ٿڌي ٿيندي محسوس ڪئي. هن هڪ لمحو ڪجهه سوچيو، ۽ پوءِ اوچتو ڊوڙڻ شروع ڪيو. ڊوڙڻ سان هن محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو هڪ نه، پر ڪيئي روحَ سندس پويان ڊوڙندا هجن. هن وڌيڪ تيزيءَ سان ڊوڙڻ شروع ڪيو. کيس لڳو، ڄڻ پويان ڪنهن سندس شرٽ جي ڪالر ۾ هٿ وجهي، کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. گورڌن وڌيڪ تيز ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ته ٿاٻڙجي وڃي هيٺ ڪريو. هيٺ ڪرڻ شرط هن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، پر ڪير به نه هيو. هُو ٿڌو ساهه کڻي ويهي رهيو. چئني پاسي ورائي ورائي ڪنڌ ڦيرائي ڏٺائين، پر هر طرف خاموش هئي. هن جي اندر مان اوچتو ڪنهن ٻئي جي اوسي پاسي هئڻ وارو احساس ختم ٿي ويو. هُن اٿي ڪپڙا ڇنڊيا ۽ گهٽيءَ جو موڙ مُڙي، ان گهٽيءَ ڏانهن هليو ويو، جنهن جي هڪ کنڊر جي ديوار تي هن مايا جي نشاني واچ رکي هئي. هُو ڏاڍو تيزيءَ سان ان کنڊر تائين پهتو، پر سندس واچ اتي نه هئي؛ جتي هن لاهي رکي هئي. چانڊوڪيءَ ۾ هر شيءِ چٽي نظر اچڻ جي باوجود، هن سڄي ديوار مٿان ڪيئي ڀيرا هٿ ڦيرايو، پر مٽيءَ کان سواءِ ڪجهه به سندس هٿ نه لڳو. مايوسيءَ مان سندس اکيون ڀرجي آيون. هن ديوار جي اوسي پاسي زمين تي نظر ڦيرائي، پر مايوسيءَ کان سواءِ کيس ڪجهه نه مليو. اوچتو ڪجهه فاصلي تي پيل ڪنهن چمڪندڙ شيءِ تي سندس نظر پئي ته هن تيزيءَ سان اڳتي وڌي اها شيءِ کڻي ورتي، پر سندس هٿ ۾ سگريٽن جي پاڪيٽ واري چمڪندڙ پني اچي وئي. هن مايوسيءَ مان ان پنيءَ کي مروٽي ڦٽي ڪيو ۽ بيحد مايوسيءَ مان زمين تي نظرون وجهي اڳتي هلڻ شروع ڪيو. ڪجهه قدم کڻڻ کان پوءِ، کيس پهرين کان به شدت سان محسوس ٿيو ته سندس ڀر پاسي ڪوئي آهي. سندس پير هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيا. خوف سندس سڄي وجود کي ورائي ويو. سندس لڱ ڪانڊارجي ويا. کيس پڪ ٿي وئي ته ڪنڌ کڻڻ سان کيس ڪجهه نظر ايندو. خوف سبب سندس ڪنڌ جُهڪيل ئي رهيو. اوچتو ڪنهن عورت جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو، ”ڇا پيو ڳولين!؟“ گورڌن ڇرڪي ڪنڌ مٿي کنيو. سندس سامهون ويهن ٻاويهن سالن جي بيحد حسين ڇوڪري، چانڊوڪيءَ جهڙي اجري چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل بيٺي هئي. گورڌن جي وجود کي خوف ورائي ويو. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته رات جي وقت موهن جي دڙي جي پُراسرار گهٽيءَ ۾ اُها ڇوڪري ڪٿان آئي. سندس نڙي خشڪ ٿي وئي. هُو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو ۽ ڪانڊاريل لڱن ۾ هن هلڪي ڏڪڻي محسوس ڪئي. ڇوڪريءَ پنهنجي چادر مان هٿ ٻاهر ڪڍي چيو، ”هيءَ شيءِ پيو ڳولين نه؟“ گورڌن کي ڏهن فٽن جي فاصلي تي بيٺل ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ پنهنجي واچ نظر آئي. گورڌن پنهنجي خوف تي قابو پائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، ۽ فقط هڪڙو ئي لفظ سندس وات مان نڪتو، ”ها!“ سامهون بيٺل ڇوڪري مرڪي پئي. گورڌن کي ڇوڪريءَ جي مرڪ بيحد پُراسرار محسوس ٿي. ڇوڪريءَ پنهنجي جاءِ تي بيٺي بيٺي ٻانهن سڌي ڪئي، جنهن جي هٿ ۾ گورڌن جي واچ هئي. گورڌن هر صورت ۾ مايا جي ڏنل اها نشاني واپس وٺڻ پئي چاهي، پر خوف سبب سندس پير کڄي نه سگهيا. سامهون بيٺل ڇوڪري ٻيهر مرڪي پئي. گورڌن کي سندس مرڪ ۾ وڌيڪ پُراسراريت محسوس ٿي. ڇوڪريءَ گورڌن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، ته گورڌن پنهنجي اندر ۾ خوف جي اها شدت محسوس ڪئي، جيڪا سندس تصور ۾ به نه هئي. کيس لڳو ڇوڪريءَ جي ويجهو پهچڻ کان پهرين هُو بيهوش ٿي ڪري پوندو. ڇوڪريءَ جي هر وڌندڙ قدم گورڌن جي خوف کي وڌايو پئي. گورڌن پنهنجي جسم مان سَتُ ڇڏائجندي محسوس ڪيو. هُو ڪِرڻ وارو ئي هيو جو ڇوڪري سندس ڀرسان اچي بيٺي ته نه ڄاڻ ڇو، گورڌن جي وجود مان سڄو خوف پَرَ ڪري اڏامي ويو. اڇي چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڇوڪريءَ جي حسين چهري ۾ هن عجيب ڪشش محسوس ڪئي. کيس لڳو ڄڻ هُو ان ڇوڪريءَ سان پهرين به مليو هجي. هُو سوچ ۾ پئجي ويو، پر کيس ڪجهه به ياد نه آيو. ڇوڪريءَ گورڌن جو هٿ جهلي، کيس واچ ٻانهن ۾ وجهندي مرڪي چيو، ”هيءَ واچ هر لمحي توکي ياد ڏياريندي، ته موهن جي دڙي جي گهٽيءَ ۾ تون مون سان مليو هئين!“ ڇوڪريءَ جي هٿ جو ڇهاءُ گورڌن پنهنجي دل تائين محسوس ڪيو ۽ مُرڪي پيو، ”ڇا نالو آهي نالو تنهنجو؟“ ”سمبارا!“ ڇوڪريءَ سنجيدگيءَ سان وراڻيو. گورڌن ڇوڪريءَ جي سنجيده شرارت تي مرڪي پيو. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ نهاريندي چيائين، ”سمبارا ته موهن جي دڙي جي ناچڻيءَ جو نالو هو!“ ”اُها ئي ته آهيان مان!“ ڇوڪريءَ سنجيدگيءَ سان وراڻيو. گورڌن ٽهڪ ڏئي کِلي پيو. ڇوڪريءَ ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو، خاموش بيٺي رهي. هلڪي مرڪ سان، اڇي چادر ۾ ويڙهيل سندس وجود چانڊوڪيءَ ۾ بيحد حسين نظر اچي رهيو هو. گورڌن مرڪندي چيو، ”جيڪڏهن تون سمبارا آهين، ته پوءِ تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ ”پنج هزار ويهه سال!“ ڇوڪريءَ بيحد سنجيدگيءَ سان وراڻيو. گورڌن ايترو ته زور سان ٽهڪ ڏنو، جو سندس آواز رات جي سانت ۾ سڄي موهن جي دڙي ۾ گونجي اُٿيو. ”ڇو پيو ائين ديوانن جيان ٽهڪ ڏئين؟“ ڇوڪريءَ سنجيدگيءَ مان پڇيو. ”ان ڪري ته، تون دنيا جي پهرين ڇوڪري آهين، جنهن پنهنجي عمر گهٽ ٻڌائڻ بجاءِ وڌيڪ ٻڌائي آهي.“ گورڌن مرڪندي چيو، ”۽ سابه پنج هزار سال وڌيڪ ٻڌائي آهي!“ ”ويهه سال ته منهنجي عمر تڏهن هئي، جڏهن هيءُ شهر آباد هيو.“ ڇوڪريءَ بيحد اُداسيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو، ”پنج هزار سال ته مون هن شهر جي برباديءَ سان گڏ گذاريا آهن!“ گورڌن ڇوڪريءَ جي سنجيدگي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، پر ٻئي لمحي هُو وري مرڪي پيو. شرارت مان چيائين، ”ته تون سمبارا آهين، موهن جي دڙي جي ڊانسنگ گرل!“ ”ها!“ ڇوڪريءَ بيحد سنجيدگيءَ سان چيو. ”مان دنيا جا اڌ ملڪَ رُليو آهيان، ۽ هزارين ڇوڪرين سان مليو آهيان.“ گورڌن مرڪي پيو، ”پر ايترو وڏو ڪوڙ مون دنيا جي ڪنهن به ڇوڪريءَ کان ناهي ٻڌو!“ ڇوڪريءَ جون اکيون آليون ٿي ويون. ڏک مان چيائين، ”مون کي اندازو نه هيو، ته مون جنهن جو انتظار پئي ڪيو آهي، جڏهن اُهو ايندو ته مون تي ڪوڙي هئڻ جو الزام هڻندو!“ ڇوڪريءَ جي ڏک گورڌن کي ڏکارو ته ڪري ڇڏيو، پر هن ٿوري حيرت به محسوس ڪئي ۽ چيائين، ”معاف ڪجانءِ مون توکي ڏکوئڻ بلڪل نٿي چاهيو، پر...تو منهنجو انتظار پئي ڪيو آهي... اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي مون کي!“ ”وقت سان گڏ هر ڳالهه سمجهي ويندين.“ ڇوڪري پنهنجي آلين اکين کي صاف ڪري مرڪي پئي. ”پر في الحال ته مون کي تنهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچن.“ گورڌن وراڻيو، ”سچ ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟“ ”مون توسان ڪوبه ڪوڙ ناهي ڳالهايو. مان موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا ئي آهيان!“ ڇوڪريءَ پهرين کان وڌيڪ پختي ۽ سنجيده لهجي ۾ وراڻيو. ”مان توکي ڪوڙو نٿو چوان، پر تنهنجي انهيءَ ڳالهه تي ڪڏهن به يقين نٿو ڪري سگهان، ته تون موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا آهين.“ ڇوڪريءَ گُهور وجهي، گورڌن جي اکين ۾ نهاريو، ۽ پوءِ گورڌن ڏانهن پٺي ڪرڻ بنا ڪجهه قدم پوئتي هلي وئي. گورڌن چاهيندي به ڪجهه نه ڳالهايو، هن چاهيو ٿي ته ڇوڪريءَ کي جيڏانهن وڻي هلي وڃي، ۽ هو به واپس هليو وڃي؛ پر ڇوڪري پوئين پير هلندي ڪجهه فاصلي تي وڃي بيهي رهي. هوءَ گورڌن طرف ڏسي ٿڌا ساهه کڻندي رهي. ڇوڪريءَ جو اهو اداسيءَ وارو رويو گورڌن کي سمجهه ۾ نه آيو. گورڌن ڇوڪريءَ کان ڪجهه پڇڻ وارو ئي هيو، جو اوچتو ڇوڪريءَ پنهنجي سڄي وجود تي ويڙهيل چادر سٽ ڏيئي لاهي پري ڦٽي ڪري ڇڏي. گورڌن ڇرڪي پيو. سندس سامهون چانڊوڪيءَ ۾ اُگهاڙي ڇوڪري بيٺي هئي. گورڌن پنهنجا لڱ ڪانڊارجندي ۽ نڙي خشڪ ٿيندي محسوس ڪئي. هُو ڦاٽل اکين سان چانڊوڪيءَ ۾ سنگِ مر مر جي حسين بت جيان بيٺل ڇوڪريءَ کي ڏسندو رهيو. رات جي سانت ۾ ڪيئي لمحا ائين ئي گذري ويا، ڄڻ وقت هڪ هنڌ بيهي رهيو. اوچتو اُگهاڙي بيٺل ڇوڪريءَ نچڻ شروع ڪيو. هوءَ بي خوديءَ مان نچندي ۽ جُهومندي رهي. سندس ڪنڌ کان وٺي چيلهه ۽ چيلهه کان پيرن تائين هر انگ وَرَوَڪڙ ٿيندو رهيو. سندس جسم جي مٽجندڙ زاوين سان سندس سڊول ۽ بيحد خوبصورت ڇاتيون ٿڙڪنديون رهيون. ڄڻ اهي ڇاتيون جسم جي رڌم سان سُر ملائينديون هجن. ڇوڪري ڪيتري دير تائين نچندي ۽ جُهومندي رهي، ان جو اندازو بي خود ٿي ويل گورڌن کي به نه رهيو. هُو انهيءَ ڪيفيت مان تڏهن ٻاهر نڪتو، جڏهن ڇوڪري ڪنهن ختم ٿيندڙ گيت جي رڌم جيان آهستي آهستي ٿڙڪندي، زمين تي ويهي رهي ۽ پنهنجو مٿو گوڏن تي رکي ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيائين. ان مهل گورڌن کي پهريون ڀيرو اندازو ٿيو، ته ڇوڪريءَ جي وارن جو جُوڙو سمبارا جي مجسمي جيان ئي ويڙهيل هو، ۽ سندس ٻانهن ۾ سمبارا جي مجسمي جهڙا ئي چوڙا پاتل هيا. چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي سامهون ويٺل، سنگِ مر مر جي بيحد حسين بت جهڙي جيئري جاڳندي اگهاڙي ڇوڪريءَ طرف ڏسندي، گورڌن جي اندر ۾ انساني لذت وارو ڪو به احساس نه جاڳيو؛ پر هن پاڻ کي حيرتن ۾ ويڙهجندي محسوس ڪيو. هُو چپ چاپ پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو ۽ ٽِڪَ ٻڌي ڇوڪريءَ طرف ڏسندو رهيو، جيڪا پنهنجي گوڏن تي مٿو رکي، ڪنڌ جُهڪايو ويٺي هئي. اوچتو ڇوڪريءَ ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نظرون پاڻ ڏانهن گُهوريندڙ گورڌن جي نظرن سان ٽڪرايون. ڇوڪريءَ هڪدم پنهنجا گوڏا وڌيڪ مٿي ڪري، هڪ ٻانهن ڄنگهن کي ويڙهي ڄڻ پنهنجي اوگهڙ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ٻي ٻانهن ڪجهه فاصلي تي پيل پنهنجي چادر طرف وڌايائين، پر سندس هٿ چادر تائين نه پهچي سگهيو. هن بيوسيءَ جهڙي حالت مان گورڌن طرف ڏٺو. گورڌن اڳتي وڌي چادر کڻي ڇوڪريءَ جي مٿان وجهي ڇڏي. ڇوڪريءَ ويٺي ويٺي پاڻ کي چادر ۾ ويڙهي ورتو. گورڌن پنهنجو هٿ ڇوڪريءَ طرف وڌايو، ۽ ڇوڪري گورڌن جو هٿ جهلي اٿي بيهي رهي. گورڌن پنهنجي بلڪل ويجهو ۽ سامهون بيٺل ڇوڪريءَ جي ساهن کي محسوس ڪيو، ”ڇا اڃا به توکي يقين نه آيو، ته مان سمبارا آهيان!“ گورڌن ڪو به جواب نه ڏنو. هن ڇوڪريءَ لاءِ پنهنجي اندر ۾ عجيب ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس ڪئي. ڇوڪريءَ جو هٿ، گورڌن جي هٿ ۾ ئي پڪڙيل رهيو. ”ٻڌاءِ، توکي يقين آيو، ته مان موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا ئي آهيان؟“ ڇوڪريءَ پنهنجي ڳالهه ورجائي. ”تون جيڪا به آهين، تو ۾ مون کي نه ڄاڻ ڇو پنهنجائپ محسوس ٿي رهي آهي!“ گورڌن چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ نهاريندي چيو. سندس هٿ جي پڪڙ ڇوڪريءَ جي هٿ تي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي. ڇوڪريءَ ڪو به جواب نه ڏنو. هوءَ مرڪي پئي. ڄڻ گورڌن سندس دل جي ڳالهه ڪئي هجي. گورڌن پنهنجي اندر مان اٿندڙ جملي کي چپن تائين اچڻ کان ڏاڍو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لفظ سندس وات مان بي اختيار نڪري ويا، ”هي هٿ مان ڪڏهن به ڇڏڻ نٿو چاهيان!“ ڇوڪري بيحد اداس ٿي وئي، ”هي هٿ... جلدي جدا ٿي ويندا!“ گورڌن انهيءَ اتفاق تي حيران ٿي ويو، ته هُن اهو ساڳيو جملو ڳالهايو هو، جيڪو ڪنهن وقت هُن مايا جو هٿ پڪڙي ڳالهايو هو، ۽ هِن ڇوڪريءَ اهڙو ئي جواب ڏنو هو، جهڙو کيس مايا ڏنو هو. گورڌن سوچ ۾ پئجي ويو. ”ڇا پيو سوچين تون؟“ ڇوڪريءَ پڇيو. ”هون!“ گورڌن خيالن مان نڪري آيو، سندس هٿ جي پڪڙ ڇوڪريءَ جي هٿ تي اڃا به وڌي وئي، ”پر .... ڇو جدا ٿي ويندا هي هٿ!؟“ ڇوڪريءَ اداسيءَ مان ٿڌو ساهه کنيو، ”ان ڪري ته، تون پنج هزار سالن جي وڇوٽيءَ کي نه اورانگهي سگهندين!“ گورڌن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. هن ڪجهه ڳالهائڻ خاطر چئي ڏنو، ”ته پوءِ وقت جي ان وڇوٽيءَ کي تون ئي اورانگهي وٺ!“ ”نه- هاڻي ته وڌيڪ وقت مون وٽ به ناهي.“ ڇوڪريءَ پنهنجو هٿ گورڌن جي هٿ مان ڇڏائي ورتو. ”پر ڇو؟“ گورڌن اوچتو پريشان ٿي ويو. ”ان ’ڇو‘ جو مون وٽ ڪو به جواب ناهي. مان وڃان ٿي.“ ڇوڪريءَ اداسيءَ مان ٿڌو ساهه کنيو. گورڌن ڇوڪريءَ کي ڪرائيءَ کان پڪڙي ورتو ۽ بي چينيءَ مان چيائين، ”ڇو ناهي تو وٽ منهنجي ڳالهه جو جواب!؟“ ”ڪي راز، فقط راز ئي رهندا آهن!“ ڇوڪريءَ پنهنجي ٻانهن گورڌن جي هٿ مان ڇڏائي ورتي ۽ کنڊرن جي گهٽيءَ ۾ هڪ طرف هلڻ شروع ڪيو. گورڌن ڇوڪريءَ سان گڏ هلندي، اُتاولائيءَ مان پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين تون!؟“ ”پنهنجي گهر.“ ڇوڪريءَ گورڌن ڏانهن ڏسڻ بنا هلندي چيو. ”ڪٿي آهي تنهنجو گهر!؟“ گورڌن جي اندر ۾ هڪ اميد جاڳي پئي. ”اچ، اچ مان توکي پنهنجو گهر ڏيکاريان.“ ڇوڪريءَ گورڌن جو هٿ پڪڙيو ۽ کيس وڃي وڏين ديوارن واري هڪ کنڊر اڳيان بيهاريو، ”هي آهي منهنجو گهر!“ گورڌن بي يقينيءَ مان ڇوڪريءَ جي چهري ڏانهن ڏٺو، ۽ حيران ٿي ويو. چانڊوڪيءَ ۾ جرڪندڙ ڇوڪريءَ جي بيحد حسين چهري جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. گورڌن بيحد پريشانيءَ مان چيو، ”هي...ڇا ٿيو آهي تنهنجي اکين کي!؟“ ”سدا جي وڇوڙي جو درد آهي منهنجي اکين ۾!“ ڇوڪريءَ تمام وڏو ٿڌو ساهه کنيو. گورڌن ڪجهه چوڻ چاهيو، پر زبان سندس ساٿ نه ڏنو. ”تنهنجو ۽ منهنجو ساٿ بس ايترو ئي هيو،“ ڇوڪريءَ جي ڳاڙهين اکين مان لڙڪ وهي پيا، ”مان وڃان ٿي، پر تون اداس نه ٿجانءِ!“ گورڌن ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر چپن سندس ساٿ نه ڏنو. هن ڇوڪريءَ جا لڙڪ اگهڻ لاءِ هٿ مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،پر سندس هٿ مٿي نه کڄي سگهيو. کيس لڳو، ڄڻ هو پٿر جو بت بڻجي ويو هجي. ڇوڪريءَ گورڌن جي اکين ۾ نهاريو، ”ويندي ويندي مان توکي اهڙي نشاني ڏئي وينديس، جيڪا توکي سدائين ياد ڏياريندي ته مان توسان هر وقت گڏ آهيان.“ گورڌن نه ڪجهه ڳالهائي سگهيو، ۽ نه ئي هن پنهنجي جسم ۾ ڪا چُر پُر محسوس ڪئي. کيس يقين ٿي ويو، ته اُن پراسرار ڇوڪريءَ پنهنجي سحر سان کيس بُت بڻائي ڇڏيو آهي. ڇوڪريءَ پنهنجا ٻئي هٿ گورڌن جي مٿي پويان ڏئي، گورڌن جو چهرو پاڻ ڏانهن ڇڪي سندس چپَ چمي ورتا. ڇوڪريءَ جي چپن جي تپش گورڌن پنهنجي اندر ۾ سيني تائين محسوس ڪئي، پر هُو بُت جو بُت ئي رهيو.ٻئي لمحي ڇوڪري وڏين ديوارن واري کنڊر ۾ اندر لهي وئي. گورڌن پٿر جي بي جان بُت جيان ئي رهيو. ڪجهه لمحن کان پوءِ کنڊر مان اندران سڏ ٿيو، ”گورڌن!“ گورڌن جي بُت ٿي ويل جسم ۾ اوچتو ساهه پئجي ويو. هن پنهنجي چپن مٿان ڇوڪريءَ جي چپن جي رهجي ويل آلاڻ محسوس ڪئي. ”گورڌن!!“ ڇوڪريءَ جي ٻيهر سڏ تي گورڌن مٿان حيرتن جو پهاڙ ڪريو، ڇو ته نه ڇوڪريءَ سندس نالو پڇيو هو ۽ نه ئي هن ڇوڪريءَ کي پنهنجو نالو ٻڌايو هو. گورڌن تيزيءَ سان کنڊر ۾ اندر هليو ويو، پر کنڊر ۾ ڇوڪري موجود نه هئي. چانڊوڪيءَ ۾ سڄو منظر پڌرو هو، فقط کنڊر جون چار ديوارون! ڪي لمحا گورڌن حيرتن جي پاڇي ۾ چُپ چاپ بيٺو رهيو، ۽ پوءِ هن آهستي آهستي ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو. سندس سامهون موهن جي دڙي جو اسٽوپا ڪَر کنيو بيٺو هو. اسٽوپا جي مٿان چوڏهينءَ جو چنڊ کِڙيل هو، پر سڄي ماحول تي پُراسراريت ڇانيل هئي. گورڌن، اسٽوپا طرف ڏسندي درد مان رڙ ڪئي، ”سمبارا!“ گورڌن جو آواز موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ گُونجي اُٿيو، ۽ پوءِ هُن ڪيئي سڏ ڪيا، ڪيئي رڙيون ڪيون، پر ڪٿان به سندس سڏ جو ڪو جواب نه آيو. تڏهن سندس مٿان مايوسي ڇائنجي وئي، ۽ مايوسيءَ جي شدت سبب هُو کنڊر ۾ گوڏن ڀر ويهي رهيو. هيٺ ويهڻ شرط سندس نظر ڪنهن چمڪندڙ شيءِ تي پئي. هن هٿ وڌائي اها شيءِ کنئي ته سندس هٿ رک ۾ وڃي پيو. هن پنهنجي هٿ ۾ کنيل شيءِ کي ڦوڪ ڏئي رَکَ هٽائي، ته سندس هٿ ۾ موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا جو ننڍڙو مجسمو چمڪڻ لڳو. گورڌن حيرت مان پنهنجي سامهون پيل رَکَ جي ننڍڙي ڍير کي ڏٺو. الائجي ڇو کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مايا جي جسم جي اها سڄي رَکَ هتي اچي گڏ ٿي وئي هئي؛ جيڪا رَکَ گورڌن شام جو اسٽوپا مٿان بيهي سڄي موهن جي دڙي تي وکيري ڇڏي هئي. گورڌن پنهنجي هٿ ۾ جهليل سمبارا جي مجسمي کي پنهنجي چهري جي سامهون آندو، ته مجسمي مان کيس مايا جي جسم جي خوشبوءِ ايندي محسوس ٿي. گورڌن، سمبارا جي مجسمي کي سيني سان لائي بي اختيار روئي پيو. کيس لڳو، سندس مايا هڪ دفعو ٻيهر کانئُس وڇڙي وئي هجي
جواب: جاني جي ڪهاڻي ڪهاڻي جي لکڻ جو ڏان، اصلوب، لفظ، منظر ڪشي ۽ ڪهاڻي جي اندر موجود پيار جو پيغام ٻڌائن ٿا ته ڪنهن سٺي ۽ منڃيل ليکڪ جي ڪهاڻي لکيل آهي ۔۔۔ ۽ ڪهاڻي جي مٿان اياز چانڊئي جو نالو لکيل آهي ۔۔۔ائين ناهي ته اياز چانڊيو اهڙيون ڪهاڻيون نه ٿو لکي سگهي پر جيئن ته اياز چانڊئي جو نالو اڳ ڪڏهن به ادبي کيتر ۾ نه ٻڌو آهي ۽ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته اها تخليق ڪنهن پائي جي اديب ۽ ليکڪ جي لکيل آهي۔ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته مون اياز جاني کي پهريان به عرض ڪيو هو ته مهرباني ڪري ڪهاڻي تي ليکڪ جو نالو ضرور هجڻ کپي يا لکڻ واري جو ڪو تفصيلي تعرف ۔۔۔
جواب: جاني جي ڪهاڻي لڪل ادا هي ڪهاڻي مون نه لکي آهي ۔ هي ڪهاڻي مون کي گهڻي پسند آئي۔ تنهن لاء سچم سنڌ سلامات جي نالي ڪيان هن جو ليکک آهي ذاهد ميراڻي،،،