رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
گيت
جيڪو نه سنڌ کي ساري
______________
جيڪو نه سنڌ کي ساري جيڪو نه سنڌ سنواري
سو ديس جو دروهي آهي وڏو بروهي سڀ ڪو هي اچاري
جيڪو نه سنڌ کي ساري .......
جنهن جي نه ٻولي سنڌي جنهن جو آواز هندي
جو پان کائي گٽڪو ڏيو هاڻي تنهن کي ڪٽڪو سنڌ سڪ ۾ ٿي پڪاري
جيڪو نه سنڌ کي ساري .......
ملير سارو مرڪي جو مرڪڻ تي ڪوئي ڪرڪي
تنهن سان مهاڏو منهنجو هي ديس آهي پنهنجو گيتن ۾ ڪو گونجاري
جيڪو نه سنڌ کي ساري ......
هي ڌرتي منهنجي سرتي دوله دريا آ پرتي
ڀڄايون ديس دشمن ٺاريون ڪو پنهنجو تن من اها آس دل اٿاري
جيڪو نه سنڌ کي ساري ........
جنهن کي نه پيار سنڌ سان جيڪو آ ويري سنڌ سان
تنهن جا ڪپيون ڪنڌ هي پورا ڪري پنڌ هي وطن تي واڳ واري
جيڪو نه سنڌ کي ساري ...........