مولانا صوفي ۽ مُلا جي ذهنيتن جي فرق کي هر جاءِ تي بيان ڪيو آهي. هي سندن خاص مضمونن مان آهي. مُلا جو قول ۽ عمل هي آهي ته جنهن شخص سان جزوي يا اصولي اختلاف هجي ان کي ڪافر چيو وڃي ۽ پوءِ اشداءُ علي الڪفار تي عمل ڪيو وڃي. حالانڪ جن ڪافرن تي شدت ڪرڻ جي تاڪيد آهي انهن مان مراد اهي ظالم ۽ جابر آهن. جيڪي مسلمانن کي قتل ۽ اسلام جي خلاف پنهنجي قوتن کي استعمال ڪري رهيا آهن. صرف عقيدي جي اختلاف جي ڪري ڪنهن ڪافر سان نفرت ڪرڻ يا ان سان بغض رکڻ اسلام جي روح جي خلاف آهي. صوفياءَ ڪرام هميشه غير مسلمانن سان وڏي شفقت سان پيش ايندا آهن ۽ اها ئي شفقت انهن جي اصلاح جو سبب بنجي پوندي آهي. جيڪڏهن ڪافر کي ڪافر چئي ٿيلها ڏجن يا لٺ هڻي ڪڍجيس ته اهو اسلام يا مسلمانن کي ڇا سمجهندو. خدا پنهنجي مادي نعمتن جا دروازا ڪنهن تي به بند نه ڪيا آهن. رحمت جو مينهن ڪافر جي ٻنيءَ تي به وسندو آهي ۽ مؤمن جي ٻنيءَ تي به وسندو آهي. سج جي روشني ۽ گرمي سڀني لاءِ بغير ڪنهن مذهب ۽ ملت جي فرق جي فيض رسان آهي. مؤمن جو به فرض آهي ته اهو خدا جي شان رحمت کي جيڪو قرآن جي مطابق هر هستيءَ تي محيط آهي فقط پنهنجي هم خيالن جي لاءِ محدود نه ڪري. مولانا رحمت الله عليه هڪ وليءَ جي زبان سان اهو ٿا فرمائن ته ادا اسان جي رحمت ته ڪافرن تي به آهي حالانڪ اسين مڃون ٿا ته اهي خدا جي سڀ کان وڏي نعمت کان يا ته محروم آهن يا ڪفران نعمت ٿا ڪن. ڪافر ته خير انسان آهن اسان کي ته ڪتن تي به رحم ٿو اچي جن کي ماڻهو پٿر هڻندا آهن. اسين ڪتن لاءِ به دعا ڪندا رهندا آهيون ته خدا يا هنر کي هن حالت کان نجات عطا ڪر جنهن جي ڪري ماڻهو انهن کي پٿر ٿا هڻن. اولياءَ دنيا ۾ انبياءَ جا نائب ۽ انهن جي صفتن جا عامل هوندا آهن ۽ انبياءَ جا اخلاق خلق الاهي جا آئينه هوندا آهن. خدا جي سڀ کان اهم صفت عام رحمت آهي. چونڊ تشبيھات رومي