• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 30 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
*غريب دال کائڻ کان به ويا، دال 40 روپيا مهانگي (خبر)
* * پنجاب جي وزيراعظم نواز شريف جو وس پُڄي ته عوام جو ساهه کڻڻ به بند ڪري ڇڏي (تبصرو)

* جبري پورهئي جي 5 ورهيه سزا مقرر، سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل بحال (خبر)
* * ...پر انهيءَ قانون تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ (تبصرو)

* لياري گينگ وار سان واسطو ڪونهي، پ پ پ لاءِ ڪم ڪونه ڪيو اٿم: عذير بلوچ (خبر)
* * سڀني ڄاڻن ٿا ته 80 سنڌي ڪڇين جو قاتل بلوچ گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ هو(تبصرو)

* ڪرپشن لعنت کي سنڌي ئي ختم ڪري سگھن ٿا: شاهه محمود قريشي (خبر)
* * ويچارا سنڌي ڇا ڪن؟ ”ڪنگ آف ڪرپشن“ زرداري سندن سر تي سوار آهي (تبصرو)

* وزيراعظم نواز شريف جي ناشتي، مولانا فضل الرحمان کي اسپتال پهچائي ڇڏيو (خبر)
* * مولانا آڏو 10 ماڻهن جو کاڌو رکيو هوندن، سو کائڻ تي مجبور ٿي پيو هوندو (تبصرو)

* وفاقي سرڪار جو نئون مالياتي ايوارڊ ڏيڻ کان انڪار (خبر)
* * پنجاب جو وزيراعظم نواز شريف رڳو پنجاب جو فائدو سوچيندو آهي (تبصرو)
 
Back
Top