• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شادين ۾ مانيء کائڻ جا سونهري اصول.

Shabir Ahmed Qureshi

سينيئر رڪن
اڄ ڪله شادين جي سيزن آهي ڪڪڙ مهانگو پر ڪاروبار اوج تي آهي. هر شادي ۾ هزار يا 500 الڳ ٿا ڏيڻا پون.
موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ ۽ مانيء جي لُٽ مار جا ڪجه سونهرا اصول اوهان جي نذر ڪجن ٿا.عمل ڪندا فائدي ۾ رهندا .توهان جي ٻارن جي تربيت اهڙي ته ٿي ويندي آئينده اوهان ڪرسيء تي ويٺا هوندا سڄو ڪم ڇوٽو ڪري ايندا.
پئسن جي پوري وصولي ڪرڻ لاء فيملي سميت شادي ۾ شرڪت يقيني بنايو.
سيٽ کائڻ جي ٽيبل (بوفي) ڀرسان حاصل ڪيو.
پاڻ سان گڏ ٻار ويهاريو ڇو جي ڪو اوهان جي سامهون گهڻو کاڌو ڏسي اعتراض نهڪري. توهان آساني سان ٻار کي دڙڪو ڏئي سگهو ته ايترو ڇو ڀريو اٿئي؟
ڪن اکيون نڪ جا حواس کليل رکو .بيرا کاڌي کلڻ کان پنج منٽ اڳ پوزيشن وٺندا آھن .اوهان پاڻي پيڻ جي بهاني اٿي ٽيبل ويجها ٿيو. ڪفگير تي قبضو ڪيو.
ڪم ورهائي کڻو .هڪ دوست برياني تي ، هڪ ٻوڙتي . هڪ سلاد ۽ هڪ کي مٺي تي لڳايو پاڻ بار بي ڪيو جي پويان لڳو.
ٻارن کي بوتلن تي لڳايو.
ياد رهي ته اوهان جو چمچو دوستن ۾ ئي گهمندو رهي .مجال آهي جو ڪنهن مهمان کي وارو ملي.
بوتلون گڏ ڪري ان مان ڍڪ ٻه ڀري ڇڏيو جينئن اوبر سمجهي ڪو نه گهري. .بوتلون پيئندا ٽيبل هيٺان هڻندا رهو .اندازجي خبر ڪنهن کي نه پوندي.
پهريون ڀيرو پليٽ اهڙي طرح ڀريو جو سمجهو ٻيهر نه ملندو .ٻيو ڀيرو پليٽ ڀريو ته اهو سمجهي ته هي توهان جي زندگي جو آخري کاڌو آهي.
بار بي ڪيو ۽ سُڪي مال کي گهڻو وچڙو .ماني نان گهٽ واپرايو.
شادي رات منجهند کان کاڌو نه کائو. پئسا لکڻ وارا ويٺل آهن ته پوء اوهان جو بچاء ڪونهي. پر جتي رڳو لفافو هلي ٿو ، اتي اوهان لاء چانس آهي ته ڀاڪر پائي گهوٽ جي پيءُ کي خالي لفافو هٿ ۾ ڏئي راهي ٿيو.
في الحال ايترو... ٻيا ڪم وارا ٽپس ته ڪينئن عورتون شاپرن ۾ ڪباب تڪه لڪائي پنهنجي پرس۾ وجهن ؟انلاءپرس جي سائيز ۽ قسم وغيره ٻي قسط ۾ …………… . رب راکها.
 
اهي اصول انهن لاء آهن جن جو مقصد رڳو کائڻ هجي . جيڪي پيٽ جا پوڄاري هجن . با اخلاق ۽ سلجهيل ماڻهن لاء اهي بيڪار اصول آهن
 
ادا انهن اصولن تي جي هلنداسين ته ......جلدي ئي شادي جي محفلن جي جڳه کارڪون ورائڻ شروع ٿينديون.....هههههههه
 
Back
Top