بره جا بيت .....

بره جا بيت
_______

ڏات اها ئي ڏات جو ڏيئي نه ڏکائي
سڪ سڄي سوغات، عمل سندو عشق جو

ڏات اها ئي ڀات ڀرڪي جو نه ڀروسو
سڄي رات رمل ۾ صبح ٿي پرڀات
محبت ڪين مات هر هر حرکي هانءَ ۾

سو سڪ رکي اندر ۾ جن جيئڻ ٿي جنجال
حب سندو حال اڀرو آهي عشق جو

لنو لڳي لوري جيءَ پئي جهوري
مٿان ميخ محبت جي اندران سڀ پوري
اووو ڇوه ۾ ڇوري هڄي پئي هندوري ۾

لڳي کي لنون چئو ڇا چاه ۾
هستي وئي هٽجي رلي پئي راه ۾
اوووو پوئين هن پساه ۾ پچر يار پرين جي

چاندي ٿيا وار اکيون ڀي ڌنڌلاٽيون
ميرو من ماندو رهيو بره بولاٽيون
پکن جون لاتيون وڻن هن وجود کي

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top