رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
وحدت جي وڻڪار
___________
الست ارواحن هيو نينهن نياپو
ڀل نه ڀورا ڀل ۾ قرب نه ڪر ڪاپو
محبت جو ماپو حد نه آ حساب کي
الست جو امڪان روحن سان رحمان
ويڙهيچن وجود ۾ ڪيو خود بيان
مٿان شر شيطان خطا پير کوڙيو
الله جن جي من ۾ ساه سي نه گسن
وٺي واٽ حق جي هلندا هو ته هلن
ڪفر ڪين ڪن وحدهو جي وهڪري
جوڙيو جوڙ جهان خلقي خلقڻهار
ڪن فيڪون ڪن سان ڪري وندر وار
هر هنڌ جلويدار جانب جو جهان آ
رسول بخش دائودپوٽه
___________
الست ارواحن هيو نينهن نياپو
ڀل نه ڀورا ڀل ۾ قرب نه ڪر ڪاپو
محبت جو ماپو حد نه آ حساب کي
الست جو امڪان روحن سان رحمان
ويڙهيچن وجود ۾ ڪيو خود بيان
مٿان شر شيطان خطا پير کوڙيو
الله جن جي من ۾ ساه سي نه گسن
وٺي واٽ حق جي هلندا هو ته هلن
ڪفر ڪين ڪن وحدهو جي وهڪري
جوڙيو جوڙ جهان خلقي خلقڻهار
ڪن فيڪون ڪن سان ڪري وندر وار
هر هنڌ جلويدار جانب جو جهان آ
رسول بخش دائودپوٽه
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: