• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڪرين شاٽ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
screenshots.png

مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ سڪرين شاٽ وٺڻ جي سهولت ڏيندي آهي ان جي لاءِ توهان F12جي ڀرسان موجود Print Screen Sys Rq بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو ۽ پينٽ ۾ وڃي پيسٽ ڪريو توهان جي سڪرين شاٽ حاضر آهي۔۔۔۔
پر هتي مان هڪ اهڙو مفت وارو سافٽويئر شيئر ڪري رهيو آهيان جنهن جي ذريعي توهان ڪنهن به ايڪٽِوِ ونڊوز جي فل سائيز سڪرين شاٽ وٺي سگهو ٿا۔ هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ (1) بٽڻ پريس ڪندي ئي Save As ڊائلاگ باڪس کُلي ويندو جنهنجي ذريعي توهان آرام سان پنهنجي پسند جي سڪرين شاٽ کي ڪنهن اميج جي فارميٽ ۾ پنهنجي هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
کوڙ سارن اضافي فيچرز کان سواءِ هن ۾ ڪنهن به فوٽو يا سڪرين شاٽ کي ري سائيز ڪرڻ ۽ پڪسل کي وڌائڻ گهٽائڻ جي سهولت به موجود آهي۔۔۔ (مون کي يقين آهي ته هي ڳالهه سائين نثار احمد ناز کي به وڻندي) ۔۔
ڪنٽرول، الٽر ۽ شفٽ ڪيز کي گڏ پريس ڪري توهان ڪنهن تصوير يا سڪرين شاٽ کي تير وارن نشانن سان ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا۔۔۔
جيڪڏهن توهان چاهيو ته (1) واري ڪمانڊ کي Win+z سان، (2) واري ڪمانڊ کي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪندڙ بٽڻ سان يا وري (3) واري ڪمانڊ کي ڪنهن به ڪي کي 3 سيڪنڊ تائين دٻائي رکڻ وارين ڪمانڊ سان تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
سافٽويئر جون ڪجهه وڌيڪ سڪرين شاٽس حاضر آهن ۔۔۔

 
سائين توهان جي شيئرنگ لاجواب ته هونءَ به هوندي آهي پر توهان جيڪي اهي ڪم جا سافٽ ويئر شيئر ڪندا آهيو ته صفا دل خوش ٿي ويندي آهي ادا مون وٽ اسڪرين لا۽ سافٽ ويئر ته الاهي آهن پر هن ۾ جيڪي اضافي فيچرز آهن اهي ته تمام لاجواب آهن.
 
جواب: سڪرين شاٽ

سائين توهان جي شيئرنگ لاجواب ته هونءَ به هوندي آهي پر توهان جيڪي اهي ڪم جا سافٽ ويئر شيئر ڪندا آهيو ته صفا دل خوش ٿي ويندي آهي ادا مون وٽ اسڪرين لا۽ سافٽ ويئر ته الاهي آهن پر هن ۾ جيڪي اضافي فيچرز آهن اهي ته تمام لاجواب آهن.

بيشڪ فقير سائين اوهان جي ڳالهه بالڪل درست آهي ته سائين عبدالرشيد جن جي شيئرنگ معياري هوندي آهي سائين جن کي الله تعالي اهڙي ڏات ڏني آهي جيڪا چند ماڻهن کي ميسر هوندي آهي اسان جي دعا آهي ته الله تعالي سائين جن جي علم مزيد اضافو فرمائي.
 
جواب: سڪرين شاٽ

ادا رشيد تمام بهترين سافٽ ويئر ڏسڻ ۾ پيو اچي۔۔
وڌيڪ استعمال ڪرڻ کانپو خبر پوندي۔

باقي ادا هن جي زپ فائيل ۾ اندر موجود سافٽ ويئر "ان نون " آهي نه ئي "ايگزِي" ۽ نه ئي "ايس ايف ايڪس"
بس فارميٽ ۾‌"ڪي بورڊ فائيل" جي ٽ‌ائيپ ٻڌائي ٿو۔۔
 
Back
Top