رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اڃا ڀي تون ستائين ٿو......
___________
اڄا ڀي تون ستائين ٿو اڃا ڀي مون سان ماڻا ٿي
حوالي تو حياتي ڪئي اسان وٽ ڪجه نه راڻا ٿي
ڏنو سين شوق شدت ۾ هيو جيڪو جسي جيءَ ۾
رهين ٿو تون سڪ سانڍيل پرين ناتا پراڻا ٿي
اهو پل ڪين وسري ٿو نظر پهرين نظارو هو
اڃا ڀي اک ۾ ويٺل آن وجودن منجه وراڻا ٿي
هي پلڪون پيار۾ توڏي تڪي راهون ٿڪيون آهن
وڇايل نيڻ واٽن تي سدان توڏي اڏاڻا ٿي
سوا تو ڪجه نه ڀائين مون بره اهڙي اماڙي آ
چڙنگ چاهت لڳل لوري ياد تنهنجا وٿاڻا ٿي