“ وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون محمد سليمان وساڻ اسان جي مانواري ڀيڻ، شاعره ۽ ليکڪا فرزانه شاهين جي ڪهاڻين جو ڪتاب “وجود جي ڳولا” منهنجي هٿن ۾ موجود آهي. خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پوئين صفحي تي يعني بيڪ پيج تي منهنجي پسنديده ليکڪ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ڪتاب ۽ ليکڪا بابت رايو به وڻندڙ آهي. فرزانه شاهين بنيادي طور تي هڪ شاعره آهي، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ انتها درجي جي خوبصورت پسمنظرنگاري، احساسن ۽ جذبن جي جوڙجڪ، دلڪشي، حسناڪي ۽ خوبصورت لفظن جو سٽاءُ موجود آهي، جيڪو شاعريءَ وانگر لڳي ٿو. هوءَ بنيادي طور عورتن جي مسئلن، عورت جي ڌڪار، عورتن سان ڪيل ناانصافي، عورتن سان سماجي اڻ برابري، معاشرتي مسئلن، انا جي ور چڙهيل رشتن ۽ عورتن جي مسئلن تي ئي لکي پئي، سندس ڪهاڻين جو موضوع صرف عورت ئي آهي. هن بهترين انداز سان مختلف ڪهاڻين ۾ صرف عورت کي ئي مظلوم ڪري پيش ڪيو آهي. شايد انڪري جو هوءَ پاڻ به هڪ عورت آهي، يا انڪري جو اسان جو معاشرو عورتن کي حق ڏيڻ ۽ انهن جي آزادي جو حامي ناهي. هوءَ بيباڪيءَ سان ناه نهاد ريتن رسمن خلاف لکي ٿي پر سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ نا اميدي ۽ مايوسي ڀريل آهي. اڪثر ڪهاڻين جو انجام ۽ ڪلائيميڪس اهو نڪري ٿو ته پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي حاصل ڪري نه ٿا سگهن. ان بجاءِ جيڪڏهن هو معاشرتي براين، نا انصافي ۽ جهالت خلاف حوصلا افزا ۽ اميد ڀريل ڪهاڻيون به لکي ها ته سٺو لڳي ها. ڇو ته مايوسين ڀريي ماحول ۾ مايوسيون لکڻ جو مان حامي ناهيان. ” وجود جي ڳولا“ کان ويندي پردي پويان، آئيڊيل، سمجهوتو، رنگ رتول، يادون، محبت جي موٽ، يادن جا عذاب ۽ شال مَ ملان هوت سميت سڀ ڪهاڻيون بهترين آهن. فرزانه شاهين وٽ لفظن جي چونڊ، جملن جي جوڙجڪ، احساس ۽ جذبن جي رواني ڪمال جي آهي. هن وٽ ڪهاڻي جو فن ۽ فڪر ٻئي موجود آهن. هن جا مڪالما ته اهڙا آهن جو موهي وجهن ٿا. جهڙوڪ: ”جڏهن ڪنهن جي دل عشق ۾ ٽٽي وڃي ته سون جو ٽاڪو به ان کي جوڙي نه سگهندو“ ”محبتون حاصلات جي نظريي کان مٿاهيون هونديون آهن. منهنجي لاءِ ته اهو احساس ئي ڪافي آهي ته ڪوئي منهنجو آهي ۽ مان ڪنهن جي سوچ جو محور آهيان .... ٻرندڙ جيون ۾ ٻيو کپي به ڇا؟“ ”پر منهنجي يادن جا دروازا ته کليل آهن. هر لمحو مقدس امانت جيان يادن جي ٽجوڙيءَ ۾ سنڀالي رکيو اٿم. سڀئي لڙڪ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اکين تي پها رکي ڇڏيا اٿم. وڇڙيل وقت جا سمورا درد دل جي کوري ۾ دکائي پنهنجي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي اٿم، جنهن جو دونهون هر وقت منهنجي اکين کي جلائيندو رهندو آ. وجود تي چٽيل پيار جا سمورا پوپٽ مٺين ۾ ڀڪوڙي سمورا رنگ لڪائي ڇڏيا اٿم. وسارڻ لاءِ ته صديون گهرجن ۽ مان ته اڃان ان لمحي جي سرحد تي بيٺي آهيان، جتان پاڻ ملي وڇڙيا آهيون. ان لمحي کي پار ڪرڻ لاءِ صديون درڪار آهن.“ هي ڪتاب جيترو سهڻو آهي ان کان به وڌيڪ ان ۾ پروف جون غلطيون آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي رواني ۽ جملن کي سمجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ۽ ٻيهر ٻيهر پڙهڻو ٿو پوي. ڪجهه ڪهاڻين ۾ ته ڪٿي نه ڪو فل اسٽاپ آهي، نه ڪاما ۽ نه وري ڪوٽيشن مارڪ. ليکڪ سان گڏ پبلشر جي اهڙي رويي تي حيراني لڳي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جو هڪ نالو آهي، هڪ برانڊ آهي، هڪ سڃاڻ آهي، تنهنڪري هنن کي خاص خيال رکڻ گهربو هو. هن ڪتاب جي هڪ منفرد ڳالهه اها به آهي ته هر ڪهاڻيءَ جي مناسبت سان هارون چنا جا ٺهيل اسڪيچ موجود آهن، جن ڪتاب کي وڌيڪ سندر بڻائي ڇڏيو آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 27 ڪهاڻيون شامل آهن. مهاڳ اخلاق انصاريءَ لکيو آهي، جڏهن ته عطيه دائود جو ليکڪا ۽ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تسليم منگيءَ جو ليکڪا لاءِ لکيل خط پڻ شامل آهي.