• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظاروڇا نظارو آ اڳيان بيٺو جو پيارو آ ....

نظارو ڇا نظارو آ اڳيان بيٺو جو پيارو آ
__________________________
نظارو ڇا نظارو آ اڳيان بيٺو جو پيارو آ
اسان جي شوق ۾ ٿيو شور عشق جو ٿيو اشارو آ
حسون ڇه سن ويون ٿي سڀ نه سالم ڪو عقل هاڻي
ائين مدهوش ٿي وياسين تبڪ روشن ٿيو سارو آ
خوشين ۾ مهڪ ٿي وئي آ حب هٻڪار هرهنڌ آ
ائين گونجي ٿي پئي گونجار ختم ٿي ويو انڌارو آ
ائين سرهي سڪ ٿي پئي سچڻ سامهون جو مرڪي پيو
نه هاڻي ڪا پريشاني لهي ويو دل مونجهارو آ
سخي سرتين ۾ سرهي آ ڳائي ٿي ڳيچ ڳلين ۾
گهٽيون سڀ صاف ٿي ويو هن اچڻو ڪو ئي يارو آ



رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top