هي حور يا پري آ...

هي حور يا پري

_____________

هي حور يا پري آ دل جنهن لئه ٿي چري آ

هي حسن جو هڳاءُ آ جنهن دل کان دل گهري آ

سمجهان ٿو دل آ ماندي بي چين ٿي پئي باندي

حرکي پئي حسن تي هٿڙن مان وئي وري آ

ڇا اک نهار ۾ آ ڄڻ نينهن جا نشا هن

ڪو هوش ۾ رهي ڪيئن ڏسي ڏيل دل ڏري آ

سڀ حسن جون خوبيون جهلڪ سڀ جسي ۾

مهتاب ڄڻ ڪو مک ۾ خوبين ۾ سڀ خري آ

حسناڪيون حسن جون سڪ سوز ۾ سڏيو آ

ڇا پلڪ پياراپيارا حب هن لئه اڄ حري آ



رسول بخش دائودپوٽه
 
26481598010_4db3669a9d_o.jpg
 
Back
Top