• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي سوسائٽيءَ جي اليڪشن: سومنات جا سمورا بُت هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪري پيا!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
آچر پهرين مئي 2016 “پورهيتن جي عالمي ڏينهن” تي سنڌي جاعت ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جون ساليانيون چونڊون 5 ورهين کانپوءِ ٿيون جنهن ۾ “ڀٽائي پينل” جا سمورا اميدوار صدر ۽ مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا 15 (ڪل 16) اميدوار ڪامياب ٿيا ۽ ڪرپٽ سنڌي ڪاموري يوسف عباسيءَ جي “الحبيب پينل” کي عبرتناڪ شڪست آئي ـ اهڙي ريت پڙهيل لکيل ۽ سوسائٽيءَ جي هڏ ڏوکي “ڀٽائي پينل” جي اميدوارن کي عاليشان ڪاميابي نصيب ٿي جڏهن ته سمورا ڪرپشن جا “سومنات جا بُت” هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪري پيا.
ياد رهي ته سوسائٽيءَ ۾ هر سال 5 ميمبرن جي اليڪشن، سالياني آڊٽ ۽ سالياني جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ لازمي ٿيڻي آهي پر گذريل 5 ورهين ۾ انهن تي عمل ڪونه ٿيو ۽ ڪرپشن جي بازار گرم رکي وئي. اهو سڀ ڪجھه ڪرپٽ سنڌي ڪاموري يوسف عباسي جي آشيرواد سان ٿيندو رهيو آهي جيڪو هن وقت “الحبيب” پينل جو سربراهه آهي ۽ کيس اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ملي آهي ـ
ياد رهي ته آچر پهرين مئي2016 تي 15 ميمبرن جي اليڪشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان ٿي جنهن لاءِ ڀٽائي پينل جي اميدوارن ڪورٽ سڳوريءَ جو در کڙڪايو هو جڏهن ته ڪرپٽ سنڌي ڪاموري ننهن چوٽيءَ جو بار بار زور لڳايو ته اليڪشن ملتوي ڪرائجي پر کيس ناڪاميابي ٿي ـ
 
Back
Top