• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرپشن مافيا جي سربراهه ۽ سنڌي ڪاموري ۾ عبرتناڪ شڪست تسليم ڪرڻ جي اخلاقي همت به ناهي..!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ضلعي ملير ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن يعني آچر پهرين مئي2016 تي ٿيل اليڪشن ۾، ڪرپشن مافيا کي عبرتناڪ شڪست آئي آهي جن ۾ ٻيو ته ٺهيو پر ايتري به اخلاقي جرئت ڪونه هئي جو پنهنجي شڪست تسليم ڪن ها ۽ مخالف، “ڀٽائي پينل” جي سمورن اميدوارن جي شاندار ڪاميابيءَ تي کين مبارڪون ڏين ها پر افسوس ته “الحبيب پينل” جي سربراهه سنڌي ڪاموري (يوسف عباسي) اليڪشن واري ڏينهن ووٽنگ ۾ باربار مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دڙڪا دهمان ڏئي نه رڳو اليڪشن جي طريقي ڪار ۾ مدخلت ڪئي ۽ هر طرف خوف ۽ حراس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پولنگ ۽ بعد ۾ ڳڻپ دوران سندس ڪردار اعتراض جوڳو رهيو ـ نيٺ ٻه اڍائي ڪلاڪ ڳڻپ دوران ويهڻ کانپوءِ، پنهنجي پينل جي عبرتناڪ شڪست ڏسي، سوسائٽيءَ جي آنرري سيڪريٽري مختيار علي چنيَ جنهن سوسائٽيءَ ۾ سندس نگرانيءَ ۾ 5 ورهيه زوردار ڪرپشن ڪئي تنهن سان گڏ اٿي هليو ويو ـ (ياد رهي ته اليڪشن کان 2 ڏينهن اڳ، انهيءَ سنڌي ڪاموري پنهنجي تقرير ۾ آنرري سيڪريٽريءَ چنيَ جي سخت بي عزتي ڪئي ۽ ان کي 5 ڀيرا ڪرمنل ۽ مٿس ذاتي حملو ڪندي کيس“بگڙو” سڏيو جڏهن ته سيڪريٽري چنيَ پنهنجن 7 ميمبرن واري “عوام دوست” پينل جي اميد موجب، بولاٽي کائي سندس پينل جي اليڪشن واري ڏينهن حمايت ڪري ڇڏي ـ ياد رهي ته ٻنهي پينلن کي عبرتناڪ شڪست آئي ۽ سندن هڪ به اميدوار ڪامياب ڪونه ٿيو ـ
مان پاڻ ووٽ ڏيڻ پولنگ بوٿ ۾ ويس ته سنڌي ڪاموري جو ڀاءُ ذوالفقار علي عباسي (پوليس آفيسر جيڪو خانگي ڊريس ۾ هو) سو زبردستي ۽ غيرقانوني طور اندر گھڙي آيو جڏهن ته سندس ڀاءُ سنڌي ڪامورو يوسف عباسي توڙي سڪندڙ شر وڪيل به غيرقانوني اندر گھڙي آيا جن ڌمڪين واري زبان ڪتب آندي ـ منهنجي سامهون مخالف ايجنٽ خليل وڳڻ کي، ذوالفقار عباسي مارڪُٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مون شديد احتجاج ڪيو ۽ اليڪشن آفيسر شهاب الدين کي 2 ڀيرا سخت وارننگ ڏني ته غير واسطيدار ماڻهو (ذوالفقار عباسي، جنهن جو سوسائٽيءَ ۾ نه، پر قبضي ۾ گھر آهي) تنهن کي اندر اچڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ کيس ڪڍيو وڃي ـ سندس چوڻ تي ٽيئي ڄڻا وقتي طور هليا ويا ـ
ماضيءَ کي ڏسندي منهنجو ذاتي تجزيو آهي ته ڪرپشن مافيا جو سربراهه سنڌي ڪامورو يوسف عباسي پنهنجي فطرت موجب، “ڀٽائي پينل” جي سنڌي سوسائٽيءَ ۾ آئيندي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ زوردار رڪاوٽون وجھڻ جي بار بار ڪوشش ڪندو ـ
 
Back
Top