ڀٽائي پينل جا ڪامياب اميدوار، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي روضي تي حاضري ڀريندا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ضلعي ملير ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن يعني آچر پهرين مئي2016 تي ٿيل اليڪشن ۾، ڪرپشن مافيا کي عبرتناڪ شڪست ڏيندڙ ”ڀٽائي پينل“ جي ڪامياب اميدوارن، سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي، حاضري ڀرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ـ
ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کان اُتساهه وٺي، “ڀٽائي پينل” جو نالو رکيو ويو ۽ اهڙي ريت ڪرپشن مافيا (سربراهه: سنڌي ڪامورو يوسف عباسي) خلاف جهاد ڪري ان کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ڏني وئي ـ
 
Back
Top