خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 02 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نواز شريف کي گهر نه جيل وڃڻو پوندو: عمران خان (خبر)
* * پنجاب جي وزيراعظم جي ڳالهه ڪريو پيا؟.. ته پوءِ انشاءَالله (تبصرو)

* پورهيتن کي به حق ڏنا وڃن، ماسڪو، پيرس ۽ استنبول ۾ مظاهرا (خبر)
* * ...ڪاش! ڪو سنڌ ۾ به اهڙا مظاهرا ڪري (تبصرو)

* دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ تعليم بهترهٿيارآهي: وڏو وزير، سنڌ (خبر)
* * ....پوءِ، اوهان سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ڇو ٻوڙيو آهي؟ (تبصرو)

* شاهه محمود پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي حامي ڀري ورتي (خبر)
* * سندس مطالبو هوندو ته پارٽي اقتدار ۾ اچي ته کيس پرڏيهي وزير ڪري (تبصرو)

* نياڻي پيدا ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو (خبر)
* *اها ته سنڌين جي بدقسمتي آهي (تبصرو)
 
Back
Top